ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شارجا کان ايندڙ خانگي ڪارگو جهاز ڪراچي ويجهو عربي سمنڊ مٿان اُڏام دوران لاپتا ٿي ويو.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان جهاز سان رابطو ڪٽجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته جهاز ۾ عملي جا 5 ميمبر سوار هئا.
ترجمان موجب، ڪي ٽو ايئر ويز جو ڪارگو جهاز KTA1732، بوئنگ 737-400 (رجسٽريشن AP-BOI شارجا کان ڪراچي اچي رهيو هو.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي موجب، رات 9 لڳي 18 منٽن تي جهاز ڪراچي کان لڳ ڀڳ 150 ميل ڏکڻ ۾ هوائي رستي G216 تي نيويگيشن ۾ خرابي جو اطلاع ڏنو ۽ رهنمائي طلب ڪئي، جنهن تي جهاز کي موجوده رخ برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي.
رات 9 لڳي 21 منٽن تي جهاز ڪراچي کان اٽڪل 155 ميل اولهه ۾ ريڊار تان غائب ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ۽ ڳولا وارو عمل جاري آهي.
ذريعن موجب، جهاز ۾ 5 عملي جا ميمبر سوار هئا، جن ۾ پائلٽ محمد رضوان ادريس، فرسٽ آفيسر فيصل محمود، لوڊ ماسٽر محمد توفيق، انجنيئر عارف صديقي ۽ محمد حامد شامل آهن.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته رڪارڊ محفوظ ڪرڻ لاءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي خانگي ڪمپني جي آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي.
ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول موجب، پائلٽ آخري رابطي دوران ”مي ڊي“ ايمرجنسي ڪال نه ڏني، امڪان آهي ته هنگامي صورتحال سبب کيس ان جو موقعو نه مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاپتا جهاز فني خرابي سبب مرمت لاءِ شارجا موڪليو ويو هو، جتي اهو پنج ڏينهن رهيو، جهاز فيري فلائيٽ (خالي جهاز) طور ڪراچي واپس اچي رهيو هو.
ذريعن موجب، جهاز جي مرمت” ناردرن ٽيڪنيڪس“ نالي ڪمپني ڪئي هئي.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته واقعي کانپوءِ ريسڪيو ڪوآرڊينيشن سينٽر کي فوري طور فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاپتا جهاز جي ڳولا لاءِ عربي سمنڊ ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ مختلف ادارا حصو وٺي رهيا آهن.
هوڏانهن وزيراعظم عربي سمنڊ لاپتا ٿيل خانگي ڪارگو جهاز جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي عملي جي پنجن ميمبرن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي آهي.
وزيراعظم سول ايويئيشن، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه کي امدادي ۽ ڳولا واريون ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ لاپتا جهاز جي ڳولا لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ڪتب ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
شارجا کان ايندڙ خانگي ڪارگو جهاز ڪراچي ويجهو عربي سمنڊ مٿان اُڏام دوران گم
You might also like