بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 19 دهشتگرد مارجي ويا، 11 جوان شهيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪندي 19 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز بلوچستان ۾ اين 25 وٽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 19 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جا 11 جوان به شهيد ٿي ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن اين 25 وٽ جهائو ڪراس ۽ ڪرارو جي وچ ۾ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد مسافرن ۽ مقامي شهرين کان ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف هئا.
ذريعن موجب، عوام جي جان ۽ مال ۽ شاهراهن جي حفاظت ڪئي ويندي، بلوچستان جي امن کي يرغمال بڻائڻ جي هر ڪوشش جو جواب ڏنو ويندو.

You might also like