پاڪ-ڀارت ڳالهين لاءِ ٻنهي ملڪن جي شهرين جو لکيل خط

سيد مجاهد علي

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي، پاڪ-ڀارت ڳالهين بابت ٽئين ڌر جي  ٽياڪڙي هيٺ ڳالهين لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته هن نئين دهلي سان سڌين ڳالهين بابت سوال جو سڌو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو. اهو سوال سينٽر فار پيس اينڊ پروگريس جي پليٽ فارم تان پاڪستان ۽ ڀارت جي هڪ سئو کان وڌيڪ ممتاز شهرين طرفان ٻنهي ملڪن جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت جاري ڪيل اپيل جي تناظر ۾ ڪيو ويو هو.

پاڪستان ۽ ڀارت جي هڪ سئو کان وڌيڪ ممتاز شهرين ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي گڏيل اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته هو ٻطرفي ڳالهين، سفارتي لاڳاپن، واپار ۽ عوامي رابطن جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻن. اها اپيل سينٽر فار پيس اينڊ پروگريس جي چيئرمين او پي شاهه تيار ڪئي. 30 جون 2026ع تي شهباز شريف ۽ نريندر مودي جي نالي لکيل خط ۾ چيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان جاري ڇڪتاڻ سماجي، معاشي ۽ انساني سطح تي تمام وڏي قيمت وصول ڪئي آهي. تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته "اڪيلائپ بدران رابطن، دشمني بدران ڳالهه ٻولهه ۽ ٽڪراءُ بدران سهڪار” جو رستو اختيار ڪيو وڃي. هن اپيل تي ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي اڳوڻن سفارتڪارن، سياستدانن، صحافين، تعليمي ماهرن ۽ سماجي ڪارڪنن صحيون ڪيون آهن. ڀارت ۽ والاريل ڪشمير مان صحيح ڪندڙن ۾ اڳوڻو "را” سربراهه اي ايس دولت، فاروق عبدالله، محبوبه مفتي، مير واعظ عمر فاروق، مني شنڪر ائير، تعليمي ماهر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل آهن. جڏهن ته پاڪستان مان اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري، اڳوڻي سفير اشرف جهانگير قاضي، سائنسدان پروفيسر پرويز هودڀائي، صحافي بينا سرور، سماجي ڪارڪن شيما ڪرماني، اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر ۽ فنڪاره سليمه هاشمي سميت ڪيترن ئي معروف شخصيتن صحيحون ڪيون آهن.

پاڪستاني ترجمان وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم نريندر مودي کي گڏيل طور موڪليل خط تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو، پر هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ امن ۽ سلامتي جي مقصد سان ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي سان رابطو ڪرڻ چاهي ته پاڪستان ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي بابت آمريڪي ڪردار کي ڀليڪار ڪندو.

ٻئي پاسي، نئين دهلي اڃا تائين ان خط تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو، جنهن ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. پر پاڪستان جي ردعمل مان اهو تاثر ملي ٿو ته اسلام آباد به موجوده حالتن ۾، اختلافن جي باوجود، ڀارت سان سڌين ڳالهين ۾ گهڻي دلچسپي نٿو رکي. اها پاليسي پاڪستان جي ماضي واري پاليسي کان ڪجهه مختلف نظر اچي ٿي، ڇو ته پاڪستان اڳ ۾ هر قسم جي ڳالهين جي حمايت ڪندو رهيو آهي. پرڏيهي وزارت جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ڳالهين لاءِ اهڙي شرط رکي آهي، جنهن کي ڀارت هميشه رد ڪندو رهيو آهي. پاڪستان روايتي طور ڀارت سان تڪرارن جي حل لاءِ عالمي ثالثي جو حامي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت سدائين اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان سان سڀئي مسئلا ٻن خودمختيار ملڪن جا ٻطرفا معاملا آهن، تنهن ڪري ڪنهن ٽئين ڌر جي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي. ان ڳالهه جو واضح اشارو گذريل مئي ۾ پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ ٿيل جنگبندي بابت به مليو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس ڪوششن سبب ٻنهي ملڪن جنگبندي تي اتفاق ڪيو. اسلام آباد ان بيان کي ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت خيرسگالي طور ٽرمپ کي نوبل امن انعام لاءِ به نامزد ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي جنگبندي ۾ صدر ٽرمپ جي ڪردار جو حوالو ڏيندي چوندو رهيو آهي ته آمريڪي مداخلت کان سواءِ ٻن ايٽمي قوتن وچ ۾ جنگبندي ممڪن نه هئي. سندس چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ بند ڪرائي لکين ماڻهن جون حياتيون بچايون. ان جي ابتڙ، ڀارت آمريڪا کي اهو ڪريڊٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. وزيراعظم نريندر مودي جي ان رويي سبب صدر ٽرمپ ناراض به ٿيو، پر ڀارت پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ اهو ئي چوندو رهيو ته جنگبندي پاڪستان جي درخواست تي ڪئي وئي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڀارت مسلسل جنگ جاري رکڻ جا بيان ڏئي رهيو هو ته پوءِ دشمن ملڪ جي درخواست قبول ڪرڻ جو جواز به موجود نه هو. ڀارت جي ان سخت موقف جو بنيادي سبب اهو ئي آهي ته هو پاڪستان سان معاملن ۾ ڪنهن به ٻاهرئين مداخلت کي قبول نٿو ڪري.

ان پسمنظر ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزارت جو اهو چوڻ ته پاڪستان ٽئين ڌر جي ثالثي هيٺ ڳالهين لاءِ تيار آهي، دراصل نئين دهلي لاءِ اهو پيغام آهي ته هاڻي پاڪستان سان لاڳاپن ۽ ڳالهين بابت ڀارت پنهنجي مرضي يا پنهنجي شرطن تي فيصلا نٿو ڪري سگهي. اهڙيءَ ريت پاڪستان ڳالهين کان مڪمل انڪار ته ناهي ڪيو، پر عملي طور سڌين ڳالهين جي موجوده صورت کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان اها هڪ نئين صورتحال آهي، جيڪا اسلام آباد جي وڌندڙ اعتماد ۽ ڀارت کي صرف وڏي ملڪ هجڻ جي بنياد تي فوقيت نه ڏيڻ واري سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. پاڪستان کي اهو اعتماد هڪ طرف گذريل مئي ۾ ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ مان مليو، ته ٻئي طرف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي جي حوالي سان حاصل ٿيل سفارتي وقار به ان جو سبب بڻيو آهي.

پاڪستان اڃا به ڀارت سان ڳالهين جو دروازو بند نٿو ڪري، پر هاڻي هو هڪ طرفي شرطن تي ڳالهين لاءِ تيار نه هوندو. سندس ڪوشش هوندي ته عالمي قوتون ڏکڻ ايشيا جي حساس صورتحال کي سمجهن ۽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنهن وڏي تڪرار کان بچڻ لاءِ مؤثر قدم کڻن. جيڪڏهن پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن حتمي معاهدي ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته امڪان آهي ته هو عرب ملڪن، آمريڪا ۽ چين کي به ڀارت سان اختلافن جي حل ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. تنهن هوندي به پاڪستاني ۽ ڀارتي ماهرن ۽ دانشورن جي اپيلن باوجود، اسلام آباد کي في الحال ڀارت سان جلد ڳالهين جي ڪا خاص تڪڙ نظر نٿي اچي.

اهو ئي منظرنامو تازو اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت ٿيل هڪ سيمينار ۾ به ڏٺو ويو، جتي مقررن چيو ته ڀارت پاران هڪ طرفي طور معاهدي کي معطل ڪرڻ ۽ پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون انتهائي خطرناڪ آهن، ۽ پاڪستان ڪنهن کي به پنهنجا درياهه سڪائڻ جي اجازت نه ڏيندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت جي رويي جو نوٽيس وٺي ۽ نئين دهلي کي ذميواراڻو رويو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏئي. هاڻي پرڏيهي وزارت به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ٽئين ملڪ جي ثالثي کان سواءِ پاڪستان جي نظر ۾ ڀارت سان سڌيون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهن. پاڪستان جو موقف آهي ته ڪنهن مضبوط عالمي ڌر جي سهڪار سان ئي ٻنهي ملڪن کي سفارتي طريقي سان اختلاف حل ڪرڻ تي آماده ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ موقف جي روشني ۾ ويجهي مستقبل ۾ پاڪ-ڀارت ڳالهين جي شروعات جا امڪان محدود نظر اچن ٿا. پاڪستان جنگ کي مسئلن جو حل نٿو سمجهي، پر گذريل مئي جي واقعن کانپوءِ کيس اهو اعتماد حاصل ٿيو آهي ته ڀارت طاقت جي زور تي پاڪستان کي جهڪائي نٿو سگهي. ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي ناڪام فوجي مهم کانپوءِ به پاڪستان کي اهو حوصلو مليو آهي ته صرف فوجي طاقت يا وڏي ملڪ هجڻ جي بنياد تي شرطون مڙهي نٿيون سگهجن.

جيتوڻيڪ اها صورتحال ڳالهين جي شروعات لاءِ گهڻي همٿ افزا ناهي، پر اميد اها به رکي سگهجي ٿي ته جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي طاقت بابت غلط فهمين کان ٻاهر نڪرنديون ته سفارتڪاري جو رستو پاڻمرادو هموار ٿي ويندو.

ڀارت هڪ ڊگهي عرصي تائين پاڪستان بابت "ڪولڊ اسٽارٽ ڊاڪٽرائن” تي عمل ڪندو رهيو، جنهن تحت وڏي فوجي حملي ذريعي آزاد ڪشمير تي قبضي جو تصور موجود هو. پر پاڪستان جي نئين سفارتي اثر، فوجي صلاحيت ۽ عالمي حيثيت کي ڏسندي، نئين دهلي کي به هاڻي ان پاليسي کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. تڏهن ئي برصغير ۾ پائيدار امن جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like