اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سرحد يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ شاگردن جي احتجاج دوران هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ، جتي فوجي وردي پهريل هڪ شخص طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
شاگردن موجب، واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن يونيورسٽي جا شاگرد پنهنجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر جدون خان سان ايڇ آر مئنيجر جي مبينا تڪرار ۽ نامناسب رويي خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.
شاگردن جو موقف آهي ته هو ڪنهن اوچتي يا بي مقصد مقصد لاءِ گڏ نه ٿيا هئا، پر پنهنجي استاد ڊاڪٽر جدون خان جي حق ۾ آواز اٿاري رهيا هئا.
شاگردن دعويٰ ڪئي ته ايڇ آر مئنيجر، جيڪا هڪ عورت آهي، ڊاڪٽر جدون سان بدتميزي ڪئي کين ڌِڪو ڏنو ۽ سندس خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني.
ان صورتحال تي شاگرد ”جسٽس فار سر“ جا نعرا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪئمپس ۾ احتجاج لاءِ نڪري آيا.
شاگردن موجب، احتجاج دوران ڄاڻايل عورت، جيڪا هڪ آرمي آفيسر جي گهرواري پڻ آهي، اتي آئي ۽ شاگردن سان سندس ڏند چڪ ٿي.
شاگردن جي دعويٰ آهي ته عورت ڪجهه شاگردن کي چماٽون به هنيون ۽ ان کانپوءِ پنهنجي مڙس کي فون ڪري اتي گهرايو.
وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ملٽري آفيسر سرڪاري وردي ۾ اتي پهتو ۽ مبينا طور هڪ شاگرد تي لٺ سان حملو ڪيو، ان تي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ شاگردن جي سخت ردعمل کانپوءِ آفيسر پنهنجو پستول ڪڍي هوائي فائرنگ ڪئي.
سينيئر صحافي حامد مير دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪ فوج واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ڄاڻايل آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد پوليس جي هڪ آفيسر به واقعي واري هنڌ پهچي شاگردن کي آفيسر خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي.
ڪئمپس ۾ موجود شاگردن جو موقف آهي ته هو پنهنجي استاد خلاف مبينا طور ڪوڙن ڪيسن ۽ ڌمڪين جي خلاف آواز اٿاري رهيا هئا ۽ هنن واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.