ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڀارت سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 503 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ ميزبان ٽيم 8 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون.
ڪولمبو جي سنهاليز اسپورٽس ڪلب ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڀارت پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 300 رنسن ۽ 5 وڪيٽن جي نقصان تان شروع ڪئي.
ٻئي ڏينهن ڌُرو جُويل شاندار بيٽنگ ڪندي 177 بالن تي 115 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 9 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت 63 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ڪولمبو ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ديو دت پاڊيڪل به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 193 بالن تي 117 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ڪپتان شُڀمَن گِل 50، يشسوي جئسوال 45 ۽ رويندرا جاڙيجا 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو 4، جڏهن ته پراڀات جئسوريا ۽ ڪيشرا نوانٿا 2،2 وڪيٽون ورتيون.
ڀارت پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 503 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي.
ڀارت جي اننگز جي جواب ۾ سريلنڪا جي شروعات انتهائي خراب رهي ۽ رڳو 8 رنسن تي 2 وڪيٽون ڪري پيون.
لاھيرو اڊارا هڪ رنس تي پراسيڌ ڪرشنا جي بال تي يشسوي جئسوال هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته پراڀات جئسوريا 2 رنسن تي مانَو سوٽهڙ جو شڪار بڻيو.
ڏينهن جي پڄاڻي تي ڪامل مشارا 5 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته سريلنڪا کي ڀارت جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 495 رنسون گهربل آهن.
ڪولمبو ٽيسٽ: ڌُرو جي سينچري، ڀارت جي پهرين اننگز 503 رنسن تي ڊڪليئر، سريلنڪا جون 2 وڪيٽون 8 رنسن تي ڪِري پيون
You might also like