مڪي دفاعي معاهدي ۾ بنگلاديش جي امڪاني شموليت تي ڀارت کي ڦڦڙي، روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت بنگلاديش طرفان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي سان گڏ مڪي دفاعي معاهدي ۾ امڪاني شموليت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي روڪڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب، ڀارت جو خيال آهي ته بنگلاديش جي هن گڏيل دفاعي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي راهه پاڪستان هموار ڪئي آهي، جڏهن ته نئين دهلي کي خدشو آهي ته جيڪڏهن بنگلاديش مڪي پيڪٽ جو حصو بڻجي ويو ته مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني پاڪ-ڀارت تڪرار دوران پاڪستان کي ڀارت خلاف ٻن محاذن تي ڪارروائي جو موقعو ملي سگهي ٿو.
ڀارتي حلقن موجب، مڪي پيڪٽ ۾ بنگلاديش جي شموليت جي صورت ۾ اتحاد جي شقن تحت پاڪستان کي ممڪن طور بنگلاديش جي سرزمين پڻ ڀارت خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي، جنهن سان ڀارت لاءِ سلامتي ۽ دفاعي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي ڀارت بنگلاديش کي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي سان گڏ هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ”هر ممڪن ڪوشش“ ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ڳڻتي جو بنيادي محور اهو آهي ته بنگلاديش جي شموليت سان مڪي پيڪٽ جو جاگرافيائي دائرو وڌڻ سان گڏ پاڪستان جي دفاعي پوزيشن پڻ مضبوط ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن مستقبل جي تڪرار دوران ڀارت کي اولهه واري سرحد سان گڏ اوڀر کان به امڪاني دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

 

You might also like