فيلڊ مارشل کي ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جو ٽاسڪ، ٽرمپ سان رابطي جا تفصيل ليڪ

لنڊن/اسلام آباد/تهران/واشنگنٽن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي پاڪستان جي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفونڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
رائٽرز موجب، ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا طرفان بنيادي طور تي درخواست ڪئي وئي هئي ته پاڪستان پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي ايران کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻي.
خابرو اداري موجب، ٻن پاڪستاني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته گذريل هفتي اهو رابطو صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪيو ويو هو.
رائٽرز موجب، وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جي آفيس ان خبر تي تبصري جي درخواست جو فوري طور تي ڪو جواب نه ڏنو، جڏهن ته في الحال اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ صدر ٽرمپ وچ ۾ ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ٻئي پاسي فيلڊ مارشل عاصم منير اڄ ايران جي دوري تي تهران پهتو آهي، جتي سندس ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقات پڻ ٿي، ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ايران پهتو آهي.

You might also like