حڪومت سان تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ تيار،دير ڇو پيا ڪريو؟ بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته جڏهن اسان ايوان ۾ هوندا آهيون ۽ سڄي دنيا ۽ اسان جا خاندان ان کي ڏسن ٿا ته هڪ غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو ته هتي عوامي مسئلن تي ڳالهه نه ٿيندي.اسان کي هتي هڪ ريڊ لائين ڪڍڻي پوندي ته جنهن کي اسان پار نه ڪنداسين، چاهي ليڊر آف اپوزيشن هجي يا هائوس جا ميمبر، ڇو ته ان سان تلخي، تڪرار ۽ نفرت وڌي ٿي. ايوان کي پنهنجي ذميواري سمجهڻي پوندي.هن چيو ته اسان حڪومت جي ان ڳالهه کي خوش آمديد چئون ٿا ته ايوان کي مضبوط ڪيو وڃي، جمهوريت کي هٿي ڏني وڃي، عوامي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ آزاد عدليه لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي، ۽ اسان ان لاءِ بنا شرط تعاون لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته وزيراعظم جي بيان کي اسان ڀليڪار ڪريون ٿا، پر  اهو معاملو گهڻي وقت کان التوا ۾ آهي. جيڪڏهن اڄ ڳالهه ٿي رهي آهي ته دير ڇو؟هن چيو ته ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق تمام وڌي ويو آهي، جيڪو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.اسان بجٽ کي رد ڪريون ٿا، ڇو ته ان ۾ غريب ماڻهو لاءِ رليف ناهي.هن چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي پر پيداوار نه وڌي رهي، جنهن سبب غربت وڌي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر اقبال آفريدي کي معطل ڪيو ويو، جيڪو مناسب ناهي، تنهن ڪري کيس اجلاس جي باقي حصي لاءِ واپس آڻڻ گهرجي.

 

You might also like