عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي، 28هين آئيني ترميم ۽ عورتن جي قتلام خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي جنهن  جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اظهار دائود پوٽو، ڄام تماچي، نور نبي پليجو، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي اڳواڻ سلميٰ رند، اقبال عباسي، ايس ايس ٽي ضلعي اڳواڻ علي احمد ٽالپر، ايس بي ٽي ضلعي اڳواڻ امجد ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، بک هڙتال ۾ وڪيلن، شاگردن، عورتن، ٻارڙن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پاڻي تي ڌاڙو بند ڪريو، سنڌو تي ڌاڙو بند ڪريو،عورتن جو قتلام بند ڪريو ۽ 28هين ترميم نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙن ۽ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي، پاڻي جي کوٽ سبب نه رڳو فصل متاثر ٿي رهيا آهن پر پيئڻ جي پاڻي جو بحران پڻ سنگين شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻايو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ عورتن تي تشدد، ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل، جبري شاديون ۽ ٻين ظلمن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومتي ادارا عورتن جي تحفظ لاءِ تيار ناهن، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

 

You might also like