اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي ڪابينا جو انگ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتن کي ضم ڪرڻ ۽ ڪجهه مملڪتي وزيرن کي فارغ ڪرڻ جون به تجويزون سامهون آيون آهن. وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت گهرو، ناڻي ۽ بچاءَ واري وزارت سميت ڪيترن ئي اهم وزارتن ۾ تبديليون غور هيٺ آهن، جڏهن ته ڪابينا جو دائرو گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتن کي ضم ڪرڻ ۽ ڪجهه مملڪتي وزيرن کي فارغ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ امڪان تبديلين بابت مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت وچ ۾ مشاورت جو عمل جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هو نائب وزيراعظم جو عهدو به برقرار رکندو. اهڙي طرح پرڏيهي وزارت لاءِ محسن نقوي کي مضبوط اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته گهرو وزارت لاءِ راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي پر ان حوالي سان ڪو به حتمي فيصلو سامهون ناهي آيو.ذريعن موجب ڪابينا جو انگ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتن ۽ ڊويزنن کي ختم ڪرڻ يا ضم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي جڏهن ته وزارتن ۽ ڊويزنن جو انگ 32 تائين محدود ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بحري معاملن واري وزارت کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي ته جيئن انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪجهه مملڪتي وزيرن کي غير اهم وزارتن مان فارغ ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي جڏهن ته ڪابينا جو مجموعي حجم گهٽائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.