دفاعي بجيٽ وفاق جي ذميواري آهي، صوبن تي بار نه وجهو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر بجيٽ جي مسئلي کي آئيني ۽ اهم مسئلو قرار ڏنو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دفاعي بجيٽ پوري ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت کي پنهنجي ذميواري صوبن تي نه وجهڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر چيو ته وفاقي حڪومت گذريل 4 سالن ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، حڪومت ايف بي آر کي ناڪام ڪيو ته جيئن اهو سڌارا نه آڻي سگهي، ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ايترو قرض نه ورتو آهي جيترو توهان ورتو آهي.  بئريسٽر گوهر چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن کي پنهنجو پورو حصو ملڻ گهرجي. جيڪي ڪم توهان اين ايف سي تي سڌو سنئون نٿا ڪري سگهو اهي ڪنهن ٻئي ذريعي نه ٿا ڪري سگهجن.

قومي اقتصادي سروي اڄ پيش ڪئي ويندي

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اڄ اقتصادي سروي پيش ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ ڪيترائي معاملا واضح ٿي ويندا.سينيٽر محسن عزيز جي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت پيش ڪيل توجہ ڏياريندڙ نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته نار ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ان جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن هاڻي حڪومت عوام تي تمام گهٽ بار وجهي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي 129 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي، جنهن تي تنقيد جو به منهن ڏسڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.