معيشت،ڪارڪردگي ۽ سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ حڪومت ناڪام

اسلام آباد(اطهر ڪاظمي+امداد سومرو) صحافي سهيل وڙائچ پنهنجي تازي ڪالم ۾ لکيو آهي ته حڪومتن جو زوال تڏهن شروع ٿيندو آهي جڏهن اهي عوام کي ڇانوَ ۽ اڳتي وڌڻ جو ويزن فراهم نه ڪري سگهن  هن لکيو ته جمود موت آهي ۽ تحرڪ زندگي. سندس خيال ۾ حڪومت معيشت، سياسي بيانيي ۽ عوامي سطح تي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي.هن اهو به لکيو ته معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جون دعوائون ته ڪيون ويون، پر عام ماڻهو تائين ان جا فائدا نه پهتا،مهانگائي وڌي، پيٽرول، بجلي، اٽو ۽ ٻين ضروري شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته ماڻهن جي آمدني گهٽجي وئي.ملڪ جا مجموعي قرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. رپورٽن موجب هڪ مالي سال دوران قومي قرضن ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.ٻئي پاسي سهيل آفريدي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جتي صوبن کان وڌيڪ مالي وسيلن جي گهر ڪئي وئي. خيبر پختونخوا حڪومت جو موقف رهيو ته عمران خان سان ملاقات کانسواءِ اهڙا فيصلا نٿا ڪري سگهجن. سهيل وڙائچ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ حڪومت هن وقت پنهنجي عروج تي نظر اچي رهي آهي، پر جولاءِ کان پوءِ ان جي زوال جو سفر شروع ٿي ويندو. هو چوي ٿو ته حڪومتون ٽن سببن سان ختم ٿينديون آهن: مقتدره سان اختلاف، عدليه سان ٽڪراءُ يا اندروني ويڙهه. هن وقت انهن ٽنهي مان ڪا به صورتحال موجود ناهي، تنهنڪري حڪومت فوري طور وڃڻ واري ناهي. پر سندس خيال ۾ حڪومت سياسي، معاشي ۽ انتظامي سطح تي ناڪام رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته حڪومت سياسي ميدان ۾ ڪو وڏو ڪارنامو نه ڏيکاريو،معيشت کي بهتر نه بڻائي سگهي، زراعت کي نقصان پهتو، ٽيڪسن جو بار وڌايو ويو،عوامي سطح تي ڪو مقبول سياسي بيانيو پيدا نه ڪيو ويو. هو اهو به لکي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف صحافين سان باقاعده ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري، عوامي جلسن ۾ نٿو وڃي، جڏهن ته ڪيترائي وزير صرف پروٽوڪول مان لطف اندوز ٿين ٿا. بجيٽ کان پوءِ ڪجهه وزيرن جي تبديلي جون به خبرون گردش ڪري رهيون آهن. ناڻي واري وزير کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪجهه ٻيا وزير هٽائڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. منهنجي راءِ ۾ حڪومت شايد نه ڪري، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نٿيون چاهين ته حڪومت ختم ٿئي. جيڪڏهن حڪومت ڪمزور به ٿيندي ته اهي هڪ ٻئي کي سهارو ڏئي 2029ع تائين نظام هلائڻ جي ڪوشش ڪندا. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ به اهڙيءَ ريت هلندو رهندو؟ جيڪڏهن دفاعي خرچن لاءِ به قرض وٺڻا پون، جيڪڏهن معيشت بيهجي وڃي، جيڪڏهن عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌندو رهي، ته پوءِ ملڪ کي اڳتي ڪيئن هلايو ويندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.