اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته هو ملڪ لاءِ وڌيڪ وفادار آهن ۽ چاهين ٿا ته عوام کي سندن حق ملن ۽ جمهوريت مضبوط ٿئي.هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته عوام جنهن جماعت کي ووٽ ڏئي، حڪمراني جو حق به انهيءَ جماعت کي حاصل هجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت 23 سيٽن تي چونڊ وڙهي رهي آهي.سندس چوڻ هو ته آئين موجب هر هنڌ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهجي ٿو، پر اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين کي وڃڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي جي اجازت ته ڏني وڃي ها.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به چئي رهيا آهن ته کين فارم 45 نٿو ملي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو به چونڊن بابت شڪايتون ڪري رهيا آهن ۽ چونڊون آزاداڻي ۽ شفاف نموني نٿيون ٿيون.بيرسٽر گوهر چيو ته 9 مئي جي واقعن بابت سندن موقف رهيو آهي ته ان جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته سندن قومي اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو، پر پوءِ به هو چاهين ٿا ته عوام کي حق ملن ۽ جمهوريت مضبوط ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته هو ملڪ لاءِ ٻين کان وڌيڪ وفادار آهن، سياسي جدوجهد جاري رکي آهي ۽ هر قسم جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ريليون ڪڍيون، احتجاج ڪيو ۽ عدالتن جا در به کڙڪايا. هن چيو ته کين رليف نه ملي رهيو آهي، پر پوءِ به هو عدالتن سان رجوع ڪري رهيا آهن.بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سندن جماعت ساراهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي ته هو احتجاج ڪندا ۽ خيبر پختونخوا جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا. سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ سان آڪٽوبر 2025ع کان پوءِ ملاقات نه ٿي آهي ۽ سندن مطالبو آهي ته باني پي ٽي آءِ سان ڊاڪٽرن جي ملاقات ڪرائي وڃي