نارووال(عوامي آواز نيوز)وفاقي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڄمون جي مهاجرن ڪشمير لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جي نمائندگي ختم نٿي ڪري سگهجي، جڏهن ته مهاجرن جون سيٽون ختم ڪرڻ ڀارت جي بيانيي کي هٿي ڏيڻ جي برابر هوندو.نارووال ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ احتجاج بابت ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مطالبن جي حل لاءِ پارليامينٽ، عدالت ۽ ريفرنڊم جا آئيني رستا موجود آهن.هن چيو ته تشدد ۽ ڏنڊن جي زور تي پنهنجو ايجنڊا لاڳو ڪرڻ وارن لاءِ ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ جٿي آڏو جهڪيو ويو ته سڀاڻي درجنين جٿا رياست کي يرغمال بڻائي سگهن ٿا.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڄمون جي مهاجرن ڪشمير لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، تنهنڪري انهن جي نمائندگي ختم نٿي ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته مهاجرن جون سيٽون ختم ڪرڻ ڀارت جي بيانيي کي تقويت ڏيڻ جي مترادف هوندو.احسن اقبال چيو ته ڄمون جا مهاجر به اوترا ئي ڪشميري آهن، جيترا وادي ڪشمير جا رهواسي آهن.