پشاور(عوامي آواز نيوز) خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيع جان دعويٰ ڪئي آهي ته گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ هينئر تائين مليل ڪيترن ئي فارم 45 موجب پي ٽي آءِ کي برتري حاصل آهي.پنهنجي بيان ۾ شفيع جان چيو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊ عمل جو آخري ۽ اهم مرحلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ووٽن جي تحفظ جو وقت اچي ويو آهي.هن چيو ته ميدان ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين سياسي پارٽين تي برتري واضح نظر اچي رهي آهي، تنهنڪري عوام پنهنجي ووٽن جي تحفظ لاءِ نتيجن جي عمل تي نظر رکي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چونڊن دوران ٻين سياسي جماعتن جا پولنگ ڪيمپ خالي پيا رهيا، جڏهن ته هينئر تائين مليل ڪيترن ئي فارم 45 موجب پي ٽي آءِ کي برتري حاصل آهي.