عيدون سماج ۾ خوشين،مرڪن،ميلاپن جو سبب ھونديون آھن،انھن ڏھاڙن تي ماڻھو پنھنجن مٽن،مائٽن،عزيزن سان ملي ڪري انھن گھڙين کي خوشگوار بڻائيندا آهن،انھي ڪري ھر ماڻھو کي عيد جو شدت سان انتظار ھوندو آھي پر شايد ھاڻ اھي سموريون خوشيون،سڪ ۽ اڪير سان ڀرپور ماڻھن جو عيد لاءِ انتظار وغيره پھرين جھڙو ناھي رھيو جنھن جو سبب عوام جو معاشي استحصال آھي،ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ھاڻوڪي عيد جي خوشين کي بي رنگ بڻائي ڇڏيو،بازارن وغيره ماڻھو عيد خريداري جي سگھ مھانگائي سبب وڃائي ويٺا آهن،شايد ھاڻ عيدون به طبقاتي ٿي چڪيون آهن ھاڻ ھي عيد ڏھاڙا مسرت جا موقعا ان طبقي لاءِ آھن جيڪو اسان جي سماج جي گھڻي ڀاڱي ھر معاملي تي ڪنٽرول رکي ٿو توڙي جو ان طبقي جو تعلق سماج جي ھر غلط ڪم سان ھجي ٿو،عوام جي معاشي استحصال ڪرڻ ۾ به اھو ئي طبقو ملوث ھجي ٿو ان لاءِ ھي سسٽم پڻ ھر وقت ھر بنيادي سھولت ميسر ڪرڻ لاءِ اڳڀرو ھجي ٿو تنھنڪري ھي عيدون پڻ ھاڻ انھن عوام جو رت چوس ماڻھن لاءِ خوشي جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون باقي عام ماڻهو جيڪو ”بک ڀلي ڀرم جي…شل نه وڃي شان“ واري چوڻي تي عمل ڪندي غربت،بي وسي،ميرٽ جي لتاڙ،سفارش ڪلچر،ناانصافي وغيره جھڙن سماجي مسئلن جو شڪار ھئڻ باوجود جيئڻ جا جتن ڪري ٿو ته ان لاءِ ھي عيدون وغيره ڪا معني نٿيون رکن،جڏھن معاشري ۾ سڄو نظام مخصوص طبقي جي مفادن جو محافظ بڻجي پنهنجي ذميوارين کان لاتعلق بڻجي پوي ته پوءِ ان سماج ۾ ھر برائي جو بنياد غريب مسڪين ماڻهو جڏھن ته ھر ڀلائي جو سبب اھو مخصوص طبقو ھوندو آھي جنھن جا ھٿ در اصل عوامي مفادن جي لٽ مار سان رڱيل ھوندا آھن الميو اهو آهي ته نظام جي نااهلي ان حد تائين پھچي چڪي آهي جو سڄو نظام عوامي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ بدران عوام دشمني جو مظاهرو ڪندي عوام جو پئسو،عوام جو روزگار،بنيادي سھولتون وغيره ملي ڀڳت ڪري چند ماڻهن جي حوالي ڪري عام ماڻهن لاءِ ھر شئي جا دروازا بند ٿو ڪري.
ھاڻ انھيءَ صورتحال ۾ جتي ماڻهو معاشي استحصال،ميرٽ جي لتاڙ،ناانصافي جي چڪي ۾ پيسجي رھيا ھجن اتي شايد عيد جا ڏينهن به پنهنجي معني وڃائي ويھن ٿا.اسان لاءِ ھر اھو ڏينھن عيد بڻجي پوندو جڏھن سنڌ جي سماج ۾ ميرٽ جي لتاڙ نه ٿيندي،ماڻھن جو معاشي استحصال نه ڪيو ويندو،ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان ھئڻ بدران اھا ساڳي لٺ جي ھيٺان ڏاڍي جا ٻئي مٿا ھوندا،جڏھن زندگي جون سموريون بنيادي ضرورتون ڪنھن مخصوص طبقي بدران گر ماڻھو لاءِ ميسر ھونديون ته تڏهن يقينن ڪو به عيد جو تھوار خوشين کان خالي ائين بي رنگ بڻيل نه ھوند.