انساني سماج جي ترقي جو بنياد علم تي ٻڌل آهي. مشهور مفڪر چارلس ڊارون جو چوڻ آهي ته ابتدائي انسانن جو تعلق چمپينزي جي نسل سان هو، پر انسان سڀ کان پهريان ڳلي مان آواز ڪڍڻ شروع ڪيا، پوءِ اشارن ۽ شڪلين ذريعي ٻين سان رابطي جو سلسلو شروع ڪيو. انهن آوازن کي مختلف نالا ڏنا ويا ۽ اهڙي طرح لفظ وجود ۾ آيا. انسان پنهنجي تجربن کي ٻين سان ونڊڻ شروع ڪيو. درياهن ۽ واهن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ سان زراعت جو فن سکيو ويو ۽ خاندان قبيلا بڻجي ويا.
انسان بستيون آباد ڪرڻ لڳو. ان ئي دور ۾ ڪجهه دانا ماڻهن پنهنجا خيال پيش ڪرڻ شروع ڪيا. شروعات ۾ انسان جانورن جي کلن ۽ وڻن جي ڇالن تي لکندو هو. مصر ۾ اهرامن جي کوٽائي دوران اهڙا ڪتبا مليا جن تي رعيت لاءِ حڪم لکيل هئا. پوءِ نبين جو دور آيو ۽ ڪجهه نبين تي آسماني ڪتاب نازل ٿيا. انهن ڪتابن کي پڙهي ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته حڪمران به انهن جهڙا انسان آهن ۽ الله تعاليٰ سڀني کان مٿانهون آهي. رسول الله ﷺ قرآن مجيد جي ذريعي انسانن کي محبت ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو. چين ۾ ايسٽرن هان دور ۾ ڪاغذ ايجاد ٿيو ۽ جرمني جي هڪ مڪينڪ پرنٽنگ پريس ايجاد ڪئي. ڪاغذ ۽ پرنٽنگ پريس جي ايجاد علم جي دنيا ۾ اهڙو انقلاب آندو، جيئن اڄ آرٽيفيشل انٽيليجنس آڻي رهي آهي. هاڻي ڪتابن ذريعي علم جي واڌ آسان ٿي وئي.
ان وقت يورپ ۾ قدامت پسند چرچ جي بالادستي هئي، جڏهن ته صنعتي دور به شروع ٿي چڪو هو. سائنسدانن اهڙا ڪتاب لکيا جيڪي چرچ جي پراڻن خيالن کي چئلينج ڪندا هئا. انهيءَ سبب بادشاهن ۽ چرچ ڪتابن تي پابنديون لڳايون. گليلو جي نظريي، جنهن ۾ سج ۽ زمين بابت حقيقت بيان ڪئي وئي، چرچ کي لوڏي ڇڏيو ۽ کيس سخت سزا ڀوڳڻي پئي. انٽرنيٽ تي اڄ به انهن ڪتابن جون فهرستون موجود آهن جن تي 16هين ۽ 17هين صدي ۾ پابندي لڳائي وئي هئي. اهي ڪتاب قدامت پسند سوچ جي مخالفت ڪندا هئا ۽ بادشاهن جي مطلق العنانيت خلاف راءِ عامه پيدا ڪندا هئا. پر جڏهن چرچ جو اثر گهٽ ٿيو ۽ جديد سيڪيولر رياست جو تصور مضبوط ٿيو ته ڪتابن تي پابنديون ختم ٿي ويون.
سوشلزم جي باني ڪارل مارڪس 1818ع ۾ جرمني ۾ پيدا ٿيو. فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ هن سماج جي ارتقا جو جائزو وٺي اهو نتيجو ڪڍيو ته مظلوم طبقن جو تحفظ صرف سوشلسٽ رياست ۾ ممڪن آهي. هن ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۽ داس ڪيپيٽل جهڙا مشهور ڪتاب لکيا. هٽلر جي دور ۾ سوشلزم بابت ڪتابن ۽ نازي ازم جي مخالفت ڪندڙ ادب تي پابنديون لڳايون ويون.
عربن جي عروج جي دور ۾ فلسفي، منطق ۽ سائنس تي وڏيا ڪتاب لکيا ويا، پر جڏهن رجعت پسند سوچ حاوي ٿي ته انهن علمن تي به پابنديون لڳيون. 1259ع ۾ هلاڪو خان بغداد فتح ڪيو ۽ بيت الحڪمت کي تباهه ڪري هزارين ناياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. هندستان ۾ مغلن جي دور تائين تعليم، سائنس ۽ تحقيق کي گهڻي اهميت نه ملي. مغلن جو دور مقبرن ۽ باغن لاءِ مشهور رهيو. هزار سالن جي مسلمان حڪمراني دوران ڪا به وڏي يونيورسٽي قائم نه ٿي. صرف صوفي بزرگن ۽ عالمن پنهنجي انداز ۾ علم ۽ دين جي تبليغ ڪئي. انگريزن جي دور ۾ انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتابن جي اشاعت شروع ٿي. ڪلڪتي جي فورٽ وليئم ڪاليج ۾ فارسي ڪتابن جا اردو ترجما ڪيا ويا. سائنس، فلسفي، تاريخ، جاگرافي، طب ۽ انجنيئرنگ جي ڪتابن تائين ماڻهن جي رسائي ٿي. انگريزن ڪجهه اهڙن ڪتابن تي پابندي لڳائي جن ۾ انهن جي ظلم جو ذڪر يا آزاديءَ جو سبق هو، پر مجموعي طور تعليم جو معيار بهتر ٿيو. انهن ڪتابن جي ڪري ڪيترن هندستانين نوبل انعام به حاصل ڪيا ۽ جديد مزاحمت جا طريقا سکيا. اخبارن ۽ ڪتابن جي ڪري ئي 20هين صدي ۾ هندستان ۾ آزاديءَ جون تحريڪون زور وٺي ويون. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان وٽ ڪجهه تعليمي ادارا ته هئا، پر ڪتاب اڪثر انگريز دور جا هئا. ڀارت تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪئي ۽ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌيو. اتي هر شعبي ۾ معياري ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا.
پاڪستان ۾ حڪومتن ڪڏهن به تعليم کي ترجيح نه ڏني. آمريڪا سان اتحاد سبب سوويت يونين جي ڪتابن تي پابنديون لڳايون ويون. پوءِ ايوب خان جي دور ۾ ڪجهه لاڳاپا بهتر ٿيڻ سان ماسڪو مان سستا ڪتاب ملڻ لڳا، جنهن سان شاگردن کي عالمي ادب تائين رسائي ملي. ميڪسم گورڪي جي ناول مدر جو اردو ترجمو نوجوانن ۾ تمام مقبول ٿيو. 1965ع کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ واپار ٿيندو هو ۽ ڀارت مان اردو ادب ۽ سائنس جا ڪتاب ملندا هئا. جنگن کان پوءِ جڏهن لاڳاپا بحال ٿيا ته وري ڪتابن جي مٽاسٽا شروع ٿي. ڀارت انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ انهن شعبن جا ڪتاب اڄ به پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ڀارت جي پروفيسرن جا ليڪچر به شاگردن لاءِ مفيد ثابت ٿيا آهن. ريخته جهڙن ڊجيٽل پليٽفارمن تي اردو ادب جو وڏو خزانو موجود آهي. بهرحال، ڊجيٽل دور هوندي به ڇپيل ڪتابن جي اهميت برقرار آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته واپار واري وزارت ڀارت مان ڪتابن جي درآمد تي اعتراض ڪري ٿي. ڪتابن جي شوقين ڊاڪٽر سعيد عثماني ان علم دشمن رويي تي افسوس ظاهر ڪيو ۽ چيو ته ايران دنيا مان ڪتاب آڻي ترجمو ڪري ٿو ۽ سائنسدانن کي فائدو ڏئي ٿو. ڀارت مان ڪتابن تي پابندي قومي مفاد نه پر علم دشمني آهي. پاڪستان ۾ پڙهندڙن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ اهڙو فيصلو غير منطقي آهي. حڪومت کي گهرجي ته دنيا مان ڪتابن جي درآمد جي اجازت ڏئي ۽ انهن تي ٽيڪس ختم ڪري، ته جيئن علم ۽ ادب کي هٿي ملي.