سانگهڙ(عوامي آواز نيوز)پير پاڳاري جي فرزند راشد شاهه راشدي پ پ کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته روڪ ڏِيکاريو! پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو به اشاروڏنو،هن چيو ته صبر ڪريو،حساب ڪتاب جو وقت اچڻ وارو آهي،اسان ڪنهن جي فاتحه لاءِ به وڃون ٿا ته انهن کي دٻ ٿي اچي ته فنڪشنل ليگ وارا توهان ڏي ڇو آيا،اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ته ناهي،ڪنهن جي فوتگي تي سياسي مخالف هجي يا حامي دعا ته گهرڻ وڃبو آهي، هن چيو ته گهوٽڪي،ٺٽي ۽ ٻين ضلعن جا الاهي خانداني ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن،مان بار بار نالا کڻي فائول ٿو ڪريان،اهي حلفيه طور اسان سان گڏ آهن،حڪومت وارا انهن کي روڪي سگهن ته روڪي ڏيکارين،اهي نه رڪندا، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن صبر ڪريو،توهان جو ازالو اچڻ وارو آهي، توهان جيڪو سنڌ سان حشر ڪيو آهي،ان جي حساب ڪتاب جو وقت اچڻ وارو آهي، هن چيو ته مان سڀني کي اپيل ڪريان ٿو ته فنڪشنل ليگ وارا هجن يا ڪي ٻيا هڪ ٻئي تي ذاتي حملا نه ڪن،سياسي ڳالهيون ڪن، اسان ڪرپشن ڪئي آهي ته اها ڳالهه ڪريو،پ پ وارن سڄو ڪراچي سسٽم تحت کپائي ڇڏيو آهي، ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن، ڌاڙيلن بدران مخالفن تي ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن،هي فلسطين آهي يا ايران آهي؟ جو آمريڪا بمباري ٿو ڪري،هي چڪر ڇا آهي؟ صحافي،وڪيل، ڊاڪٽر،استاد سنڌ ۾ حق جي آواز جو ساٿ ڏين، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو چونڊيل ايم پي ايز پيپلز پارٽي جي رويي تي تنگ آهن. جيل وارو ماحول به ڪجهه اهڙو ئي آهي، پر اهو سڀ ڪجهه سياست جو حصو آهي. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن غير سياسي دورا به ٿيندا آهن، جيئن پتافي جو ديري فارم ڏسڻ لاءِ وڃڻ وغيره، جتي جانور به نه هئا، پر پوءِ به اهو هڪ قسم جو سياسي يا سماجي شوق سمجهيو ويندو آهي۔ڪي ماڻهو چون ٿا ته باري پتافي تي به دٻاءُ آهي، ۽ مختلف حالتن سبب ڪجهه فيصلا ٿيندا آهن. ڪجهه ماڻهو جکراڻين سان به رابطا ڪري رهيا آهن ۽ مختلف سياسي تبديليون به ٿي رهيون آهن. ڪجهه خاندانن ۾ به اختلاف پيدا ٿيا آهن، جنهن سبب ماحول به متاثر ٿيو آهي،هن چيو ته هن وقت ڪجهه ماڻهن ۾ خوف جو ماحول آهي، خاص ڪري سياسي سرگرمين ۾، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجن فيصلن ۾ محتاط آهن. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته فنڪشنل ليگ وارا يا ٻين جماعتن جا ماڻهو به رابطن ۾ آهن ۽ تبديليون ممڪن آهن۔