اچو ته بحثن جي اُن دائري کان مٿانهان ٿي وڃون، جتي ڳالهه رڳو هن سوال تائين محدود ٿي وڃي ٿي ته سائين امر فياض ٻرڙو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جا باقاعده ملازم آهن يا ڪنٽينجنسي ڪنسلٽنٽ. اهڙا بحث شايد ادارياتي نوعيت جا هجن، پر قومون شخصيتن يا عهدن تي نه، پر خيالن ۽ تسلسل تي فيصلا ڪنديون آهن. اصل سوال اهو آهي ته جيڪو اهم ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ڇا اهو جاري رهندو يا نه؟ ڇا اسان اهڙو ادارتي ۽ مالي ڍانچو ٺاهي رهيا آهيون، جيڪو انھي ڪم کي فردن کان مٿانهون ڪري مستقل بڻائي سگهي؟
ڏهاڪن کان امر فياض ٻرڙي پنهنجي زندگي سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل دنيا ۾ زنده رکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. سنڌي آپٽيڪل ڪيريڪٽر ريڪگنيشن (Optical Character Recognition – OCR)، سنڌي ورڊ نيٽ (لفظن جي معنائن ۽ لاڳاپن جو ذهين نظام)، ۽ هاڻي سنڌ اي آءِ (Sindh Artificial Intelligence) ۽ ڀٽ اي آءِ (Bhitt Artificial Intelligence) جهڙن جديد مصنوعي ذهانت تي ٻڌل اوزارن تائين سندس ڪم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌي ٻوليءَ وٽ صلاحيتن جي کوٽ ناهي. پر جيئن پاڻ به وري وري چوندا رهيا آهن ته هاڻي وقت واکاڻ جو نه، پر عمل جو آهي؛ ۽ اهو عمل صرف حڪومت ئي يقيني بڻائي سگهي ٿي.
ھن دؤر ۾ ٻوليون تڪڙيون ”هاءِ ريسورس“ ۽ ”لو ريسورس“ جي درجن ۾ ورهائجي رهيون آهن. يعني ترقي يافته ۽ پوئتي پيل! جيڪي ٻوليون مصنوعي ذهانت جي نظامن ۾ شامل آهن، اهي علم، معيشت ۽ تعليم جي مرڪز ۾ اچي رهيون آهن، جڏهن ته باقي ٻوليون آهستي آهستي حاشيي تي ڪنڊائتيون ٿي رڙھي رهيون آهن. سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي تاريخي، ادبي ۽ علمي دولت جي لحاظ کان انتهائي شاهوڪار آهي، ان خطري کي منهن ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن هاڻي سيڙپڪاري نه ڪئي وئي ته اها ڊجيٽل دنيا ۾ پوئتي رهجي ويندي.
ان پسمنظر ۾ ”سنڌي مصنوعي ذهانت مشن“ اوھان آڏو عرض ۾ رکجي ٿو۔ ھي رڳو هڪ خيال نه، پر هڪ چٽو، مرحلاوار ۽ قابلِ عمل حڪمت عملي طور سوچيو ويو آھي. ان منصوبي کي سنڌ حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام جي دائري ۾ پنجن سالن لاءِ ترتيب ڏنل ويو آھي جنھن جي بجيٽ حڪومت کي ڏيڻ گھرجي۔ هن جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي مصنوعي ذهانت جي دنيا ۾ هڪ ”هاءِ ريسورس“ ٻولي بڻائڻ آهي. هي منصوبو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ ايڪٽ / قانون جي روح مطابق آهي، جيڪو صوبي جي تعليمي، ثقافتي ۽ ٽيڪنالاجي ادارن کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
سنڌ ايڪٽ نمبر XVI (2021) تحت قائم ٿيل عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي نگرانيءَ هيٺ هڪ خودمختيار ادارو آهي، جنهن جو مرڪزي مقصد سنڌي ٻوليءَ کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ پروسيسنگ، آواز جي تخليق، آن لائين ترجمي ۽ مصنوعي ذهانت جي مقامي ضرورتن مطابق ترتيب ڏيڻ (لوڪلائيزيشن) جي عالمي معيارن سان سلھاڙڻ آهي. هن اداري اڳ ئي اوپن ڊيٽا سيٽس، آواز جي سڃاڻپ ۽ پيداوار واري ٽيڪنالاجي، ۽ يونيورسٽين سان گڏيل تحقيقاتي ڪم ذريعي هڪ مضبوط بنياد تيار ڪيو آهي.
حقيقت اها آهي ته سنڌ وٽ وسيلا اڳ ئي موجود آهن: سنڌ اي-لائبريري جا ڪروڙين صفحن تي ٻڌل ڪتاب ( ثقافت کاتو)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا اي-بڪ، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ناياب ادبي سرمايو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پڻ گڏيل منصوبن لاءِ اڳتي اچي چڪي آهي. پر اهي سڀ وسيلا هن وقت ڌار ڌار نظامن ۾ ورهايل آهن. انهن کي هڪ مرڪزي ڊيٽا پائيپ لائين ۾ تبديل ڪرڻ، جيڪا جديد مصنوعي ذهانت جي ماڊلز لاءِ بنيادي خوراڪ جو ڪم ڏئي ٿي، هاڻي وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
ان مقصد لاءِ ضروري آهي ته عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ کي وڏن لساني ماڊلز (Large Language Models – LLMs) جي تربيت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي واري ڪمپيوٽنگ (High-Performance Computing – HPC) جهڙين جديد صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي، جيئن اهو ادارو سنڌي مصنوعي ذهانت جي پوري نظام جو مرڪز بڻجي سگهي.
رٿيل ”سنڌي مصنوعي ذهانت مشن“ کي ٽن مرحلن ۾ ترتيب ڏئي سگھجي ٿو. پهريون مرحلو (2026–2027) بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ”سنڌي لئنگئيج ٽيڪنالاجي ڪنسورشيم“ جو قيام، 50 ڪروڙ لفظن جي ڊجيٽلائيزيشن، ۽ سنڌ يونيورسٽي، مهران يونيورسٽي ۽ سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ مصنوعي ذهانت ليبز قائم ڪري گهٽ ۾ گهٽ 400 ماهرن جي تربيت شامل آهي.
ٻيو مرحلو (2027–2029) عملي اوزارن جي تياري تي مرڪوز ڪجي، جتي تعليم، قانون ۽ ادب لاءِ مخصوص ٻولين وارا ماڊلز تيار ڪيا وڃن. ان سان گڏ آواز کي لکت ۾ تبديل ڪرڻ (Speech-to-Text)، لکت کي آواز ۾ تبديل ڪرڻ (Text-to-Speech)، ۽ تڪڙي ترجمي جا نظام تيار ڪيا وڃن، ته جيئن سرڪاري خدمتون واقعي سنڌي ٻوليءَ ۾ قابلِ استعمال بڻجن.
ٽيون مرحلو (2029–2031) توسيع ۽ ادارتي استحڪام جو آهي، جنهن ۾ سنڌي مصنوعي ذهانت کي اسڪولي نصاب ۾ شامل ڪرڻ، هڪ ”سنڌي مصنوعي ذهانت ايپ اسٽور“ لانچ ڪرڻ، ۽ عالمي سطح تي ”سنڌي مصنوعي ذهانت سمٽ“ ڪرائڻ شامل آهي. انھن مان ڪجھ ڪم اڳ ۾ بہ ڪري سگھجن ٿا۔
هن سڄي پروگرام لاءِ پنجن سالن دوران ڪل 4 ارب روپين جي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن ان کي وسيع تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جو ساليانو ترقياتي پروگرام 500 ارب روپين کان وڌيڪ آهي، ۽ لڳ ڀڳ ايتري ئي رقم پرڏيهي فنڊن جي منصوبن ۾ به لڳي رهي آهي. ان حساب سان پنجن سالن لاءِ 4 ارب روپيا هڪ معمولي، پر انتهائي حڪمت عملي واري سيڙپڪاري آهي، جيڪا سنڌ جي علمي ۽ ٽيڪنالاجي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهي ٿي.
هي سيڙپڪاري خرچ کان وڌيڪ هڪ فيصلو آهي؛ اهو فيصلو ته ڇا سنڌي ٻولي 21هين صديءَ جي ٽيڪنالاجي دنيا ۾ زنده ۽ بااثر رهندي يا نه. جيڪي ٻوليون مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳڀريون آهن، اهي ئي معيشت، تعليم ۽ علمي پيداوار تي اثرانداز ٿين ٿيون. سنڌي ٻولي وٽ تاريخ، ادب ۽ انساني وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي، پر ان کي اثرائتي بڻائڻ لاءِ حڪومتي سرپرستي لازمي آهي. تنهن ڪري هي مطالبو ڪنهن اداري يا فرد لاءِ نه، پر ڪروڙين سنڌي ڳالهائيندڙن جي مستقبل لاءِ آهي. سنڌ حڪومت آڏو هاڻي هڪ چٽو، مرحلاوار ۽ قابلِ عمل منصوبي جو خاڪو موجود آهي. ضرورت صرف سياسي عزم جي آهي ته ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ هن مشن کي ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي. اچو ته سنڌي ٻوليءَ جو ايندڙ باب صرف شاعريءَ ۾ نه، پر انهن الگورٿمز ۾ لکون؛ جيڪي مستقبل جي دنيا کي ترتيب ڏئي رهيا آهن۔