ٽيون ڏينهن زمين جو ڏينهن هو۔ هي جملو ڪجهه عجيب نه ٿو لڳي؟ حقيقت ۾ 22 اپريل 1970ع تي هن ڏينهن جي شروعات ڪئي وئي ته جيئن زمين کي ماحولياتي گدلاڻ، جهنگلي جيوت جي نقصان ۽ موسمي تبديلين کان بچايو وڃي۔ اڄ 193 قومون ۽ لڳ ڀڳ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو ماحول جي گندلاڻ کي روڪڻ، وڌيڪ وڻ پوکڻ، پلاسٽڪ جي استعمال کي گهٽائڻ ۽ توانائي جي پائيداري بابت عوام ۾ آگاهي مهمون هلائين ٿا۔
اسان جي زمين، جنهن کي اسان رڳو هڪ سيارو سمجهون ٿا، حقيقت ۾ ان جو به جيئرو جاڳندو وجود آهي۔ زمين تي بيٺل جبل ان جي مضبوط هڏين وانگر آهن۔ ساون وڻن سان ڍڪيل ٻيلا، جيڪي اسان کي آڪسيجن ڏين ٿا، ان جا ڦڦڙ آهن جن سان هوءَ ساهه کڻي ٿي۔ جيئن انساني ڦڦڙن ۾ خرابي پيدا ٿئي ته ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، اهڙيءَ طرح وڻن جي بيجا ڪٽائي سان زمين جو ساهه منجهي ٿو۔ اڄ جي حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته جنگون زمين جون سڀ کان وڏيون دشمن آهن۔ جڏهن بارود جي ڌماڪن سان عمارتون ۽ گهر تباهه ٿين ٿا ته زمين جو روح به زخمي ٿي پوي ٿو، هر ڌماڪو ان جي دل تي زخم ڇڏي ٿو ۽ گولين جي برسات ان جي سڪون کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي۔ هر سال ارٿ ڊي اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته جنگن سان نه صرف انسان پر فطرت به وڏي پيماني تي تباهه ٿئي ٿي۔
غزه جي جنگ کي ئي ڏسو۔ لکين معصوم ٻار مارجي ويا۔ اسڪولن جون نازڪ ٻارڙيون، جيڪي اڃا گلن وانگر ٽڙي به نه سگهيون هيون، بارود کين ساڙي ڇڏيو۔ زمين سسڪندي رهي، پر ظالمن هڪ نه ٻڌي۔ اسان زمين کي ڌرتي ماءُ چوندا آهيون ۽ اهڙيءَ ريت اسان ان جا محافظ آهيون۔ جڏهن اسين جنگيون ڪندا آهيون ته اسين ان کي ماحولياتي گندلاڻ کان به وڌيڪ نقصان پهچائيندا آهيون۔ ماءُ جي سيني کي زخمي ڪري ڪو ڪيئن خوش رهي سگهي ٿو؟
دنيا جي وڏين طاقتن کي سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجون ترجيحون بدلائڻ گهرجن۔ جنگ بدران امن، نفرت بدران محبت کي وڌائڻو پوندو۔ اهڙا هٿيار ٺاهڻ بند ڪرڻا پوندا جيڪي زندگيون ختم ڪن ٿا۔ ارٿ ڊي هڪ احساس آهي ته اسين هن زمين جا رهواسي آهيون۔ جيڪڏهن اسين جنگين کي نه روڪيو ته پنهنجي زمين کي به وڃائي ويهنداسين۔ هي اها زمين آهي جنهن جي سيني تي اسان پهريون قدم رکيو، جنهن اسان کي اناج ڏنو ۽ اسان جي خوابن کي حقيقت بڻايو۔ اڄ ان جي سائي چادر تي بارود جا داغ آهن، جيڪي ڪيترين برساتن کان پوءِ به نه ڌوپيا آهن۔ ان جي دريائن ۾ پاڻي بدران رت وهي رهيو آهي ۽ آسمان تي دونهين جا پاڇا ڇانيل آهن۔
اجتماعي طور اسان کي محبت ۽ امن جا ٻوٽا پوکڻ گهرجن۔ جيڪڏهن غور ڪجي ته ماحولياتي گندلاڻ کان به وڏو مسئلو جنگون آهن۔ ڇا اسين ترقي جي نالي تي تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهيون؟ اسان کي پنهنجون ترجيحون بدلائڻيون پونديون۔ ارٿ ڊي تي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته زمين جي حفاظت اسان جي اخلاقي ذميواري آهي۔ هي جشن جو ڏينهن نه، پر احتساب جو ڏينهن آهي۔ زمين جي ڪهاڻي تمام پراڻي آهي۔ هن انسان کي پاليو، کارايو ۽ ان جي خوابن کي حقيقت بڻائڻ جا موقعا ڏنا۔ ارٿ ڊي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ترقي ۽ تباهي جي وچ ۾ تمام باريڪ ليڪ آهي۔ جنگون سرحدن کان اڳ ذهنن ۾ وڙهيون وڃن ٿيون۔ تعليم ۽ شعور جي واڌ ويجهه به جنگن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي۔
جيڪڏهن اسڪولن جي نصاب ۾ امن، برداشت، صبر ۽ ڀائيچاري جا سبق شامل ڪيا وڃن ته نئون نسل انسان دوستي سکي سگهندو۔ جيڪڏهن اسين تاريخ کي جنگين جي فتحن بدران انهن جي نقصانن جي نظر سان پڙهنداسين ته امن جي اهميت واضح ٿيندي۔ گهڻيون جنگيون انصاف جي کوٽ سبب ڊگهيون ٿين ٿيون۔ ڳالهين ۽ امن واري سفارتڪاري سان جنگن کان بچي سگهجي ٿو۔ اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ئي مسئلن جو اصل حل آهي۔ ايٽمي ۽ جديد هٿيارن دنيا کي مسلسل خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ حڪمرانن کي گهرجي ته نفرت انگريز بيانين کي ڇڏي ۽ صلح جي ڳالهه ڪن۔ عالمي سطح تي هٿيارن تي پابندي سان نفرت گهٽجي سگهي ٿي۔ ميڊيا کي به ذميواري سان امن جو پيغام ڦهلائڻ گهرجي۔
امن هڪ اهڙو خواب آهي، جنهن جي تعبير لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي۔ جيڪڏهن اسين اڄ اهو عهد نه نڀايو ته تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهندي ۽ اسان جي ڌرتي ماءُ اسان جي ڪرتوتن جو بار کڻندي رهندي ۽ هڪ ڏينهن اسان کان سخت حساب وٺندي۔ ٻڌو ، زمين ڇا چوي ٿي جڏهن توهان هڪ ٻئي تي بم ڪيرايو ٿا ته منهنجي دل زخمي ٿئي ٿي۔ جڏهن توهان نفرت جا ٻج پوکيو ٿا ته منهنجي مٽي بنجر ٿي وڃي ٿي۔ مان جنگ نه ٿي چاهيان، منهنجي سيني تي امن جا ٻج پوکيو۔ جيڪڏهن توهان مون کي وڃائي ڇڏيو، ته توهان پاڻ به باقي نه رهندؤ۔