جديد دنيا جون گهرجون مختلف نوعيت جي جدتن کي اپلاءَ ڪرڻ ۾ ڪا به دير نٿيون ڪن.پوءِ چاهي ان سلسلي ۾ شعبو ڪهڙو به هجي.انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبي کان وٺي ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جهڙو سبجيڪٽ ڇو ڪونه هجي پر اتي ٽيڪنالوجي جو هجڻ اتي جديد گهرجن مطابق جدت کي اپلاءَ ڪرڻ ۾ ڪو هرج محسوس ڪونه پيو ڪيو وڃي.ان جدت مان جيترو فائدو وٺي سگهجي سو پڻ وقت سر وٺڻ جي ڪوشش ٿئي پئي.دنيا موسمياتي تبديلين اٿل پٿل ۽اثرائتي خبرن کان پوءِ ان جو حل به ڪڍڻ لاءِ جستجو ڪري پئي.مثال جي ڳالهه ته دنيا ۾ جتي برسات وڌيڪ پوي پي هاڻي اتي موسمياتي اثرن سبب برسات گهٽ ٿي ٿئي.وري مجموعي طور مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اهي به خبرون رپورٽ ٿين ٿيون ته خشڪ سالي علائقا برساتن جي لپيٽ ۾ آھن.اڻ مندائتيون ۽ تمام گهڻيون برساتون علائقن جي زرعي، معاشي ۽ سماجي رهڻي ڪهڻي کي متاثر ڪري ورتو آھي.
ان پيدا ٿيل صورتحال جيڪا ڳڻتي پاڻي کوٽ جي ڏني آھي ان تي سرڪاري ادارا،حڪومتي زميوار ۽ سمجهدار حلقا پريشان ٿيا آھن ته زراعت جو بچاء ۽ پاڻي کوٽ کي ڪيئن منهن ڏئي سگهن.ان سلسلي ۾ دنيا سان گڏ سنڌ جي زراعت کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لاءِ زرعي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ پاڻي جي بهتر ۽ مناسب طريقي سان پهچ رکڻ لاءِ هڪ وڏي وقت کان On farm water managment جي ونگ جيڪو پڻ زراعت کاتي جي ماتحت ڏنو ويو آھي سو ڪم ڪري ٿو.مليل ڄاڻ موجب هي آن فارم واٽر مينيجمنٽ کي 1977 ۽ 78 ۾ متعارف ڪرايو ويو. جنهن ۾ مختلف وقتن تي فارين فنڊنگ يا ڊونرز ادارن پاران مدد ڪئي وئي.جنهن ۾ هي مالياتي ۽ سهڪاري ادارن اچي وڃن ٿا.يو ايس ايڊ،ايشين ڊوولپمنٽ بينڪ،ورلڊ بئنڪ ۽ خود سنڌ صوبي جو ساليانو ترقياتي پروگرام جو سهڪار يا مالي سپورٽ شامل آھي.ان حوالي سان جڏهن آن فارم واٽر مينيجمنٽ جي اصل روح ۽ مقصدن يا ٽارگيٽ جو مطالعو ڪيو ويو ته انهن مقصدن ۾ پڻ هي مقصد سامهون آيا آھن. آن فارم واٽر مينيجمينٽ (On-Farm Water Management – OFWM) جو مقصد زرعي پاڻيءَ جي بچاءُ، ان جو صحيح ۽ منصفاڻي استعمال، ۽ هارين جي معيشيت کي بهتر بڻائڻ آهي. سنڌ ۾ هن شعبي تحت ڪيترائي Core Objectives مقرر ڪيا ويا، جن مان ڪيترائي عملي طور حاصل به ڪيا ويا آهن.جيئن پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي.کليل واهن ۽ غير منظم واٽر ڪورسز مان پاڻيءَ جو وڏو حصو ضايع ٿيندو هو.
مقصد اهو هو ته واٽر ڪورسز کي lining ڪري پاڻيءَ جي بچت ڪئي وڃي. آبپاشيءَ جي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌارو،پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي کي ڪارآمد بڻائڻ، ۽ فصلن تائين وقت سر پهچائڻ. زرعي پيداوار ۾ اضافو پاڻيءَ جي مناسب ورهاست سان ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڀاڄين جي پيداوار وڌائڻ. هارين ۾ آگاهي ۽ تربيت.هارين کي جديد طريقي سان پاڻي استعمال ڪرڻ سيکارڻ (مثلاً ليزر لينڊ ليولنگ، اسپرينڪلر ۽ ڊِرِپ ايريگيشن. واٽر ڪورس ايسوسيئيشنز جو قيام.هارين کي گڏ ڪري تنظيمي صورت ۾ آڻڻ، ته جيئن هو پاڻ به پنهنجي واٽر ڪورسز جو خيال رکن. زرعي علائقن ۾ معاشي بهتري.پاڻي بچت سان وڌيڪ زمين پوکڻ لائق بڻجي، جنهن سان هارين جي آمدني ۾ اضافو ٿئي.
سنڌ ۾ واٽر مينيجمينٽ کاتي جي مسلسل محنت سان هي مقصد حاصل ٿيا آهن:تقريباً 46,000 کان وڌيڪ واٽر ڪورسز موجود آهن، جن مان لڳ ڀڳ 30,000 کي لائيننگ ذريعي بهتر ڪيو ويو آهي (NPIW ۽ SOFWMP هيٺ).پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي: اڳ ۾ 30 سيڪڙو تائين پاڻي ضايع ٿيندو هو، جيڪو هاڻي گھٽجي 10٪ کان به گهٽ رهجي ويو آهي.زرعي پيداوار ۾ واڌ: مطالعي موجب، واٽر ڪورسز جي بهتري کان پوءِ ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي 7–8٪ وڌي آهي. هارين لاءِ آگاهي پروگرام:هزارين هارين کي ليزر لينڊ ليولنگ ۽ جديد آبپاشي طريقن بابت سکيا ڏني وئي. واٽر ڪورس ايسوسيئيشنز جوڙي ويون، جن ذريعي هاري پاڻ به سار سنڀال ۾ حصو وٺن ٿا.نتيجي طور، سنڌ ۾ ڪيترائي هاري جيڪي اڳ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب پوکي نه ڪندا هئا، هاڻي فصل پوکڻ شروع ڪيو آهي.آن فارم واٽر مينيجمينٽ جا بنيادي مقصد سنڌ ۾ وڏي حد تائين حاصل ڪيا ويا آهن. پاڻيءَ جي بچت، زرعي پيداوار ۾ اضافو، ۽ هارين ۾ شعور اجاگر ٿيڻ سان سنڌ زرعي خودڪفالت ڏانهن وڌي رهي آهي. البت، ضرورت آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ drip irrigation، sprinkler systems ۽ ڊجيٽل مانيٽرنگ کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن هر ڦڙو پاڻي موثر طريقي سان استعمال ٿئي. سنڌ جي زرعي کاتي تحت National Programme for Improvement of Watercourses (NPIW) دوران (2006–2007) صوبائي سطح تي 2,842 واٽر ڪورسز کي لائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته 2,720 وڌيڪ ڪورسز تي ڪم جاري هو. هي ڪم 23 ضلعن ۾ ڪيو ويو، جنهن مان ڪجهه اهم انگ اکر هيٺ ڏنل آهن:بدين ضلعو: 600 ڪورسز جو هدف مقرر، جن مان 277 لائين ڪيا ويا ۽ 295 تي ڪم جاري هو.حيدرآباد: 70 نشاني تحت، 40 مڪمل ۽ 2 تي اڃا ڪم جاري.تھرپارڪر: 180 نشاني، جنهن مان 106 لائين ڪيا ويا ۽ 114 تي زميني ڪم مڪمل ڪئي وئي.شڪارپور: 300 نشاني تحت 209 لائين ڪيا ويا؛ 262 تي زميني ڪم مڪمل.گهوٽڪي: 455 نشاني، 168 لائين ڪيا ويا، ۽ زميني ڪم ۾ 392 مڪمل ۽ 56 جاري. زرعي فائدا:اهي واٽر ڪورسز لائين ٿيڻ سان پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ نمايان گهٽتائي آئي.فارم جي پڇاڙيءَ تائين پاڻي جي پهچ بهتر ٿي.ٿلهي آبپاشي نظام کي ضابطو آيو،جنهن سان فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو. (هي فائداه نظرياتي طور ۽ مقامي ميدانن جي مشاهدي سان ثابت ٿيا آهن.
ان سلسلي ۾ ڪجھ تجويزون ڏجن ٿيون.ضلعي سطح تي جامع رپورٽنگ لاءِ مسلسل ڊيٽا جمع ڪئي وڃي. مقامي هاري تنظيمون ۽ واٽر ڪورس ايسوسيئيشنز کي حصو ڏنو وڃي، ته جيئن برقرار رکڻ ۽ شفافيت بهتر ٿئي. مستقبل ۾ وڌيڪ ترقي لاءِ NPIW ۽ SOFWMP منصوبن جي اثرائتي تشخيص ڪئي وڃي،خاص ڪري ضلعي وار زرعي پيداوار تي.آبادگارن ۽ هارين کي کپي ته تنظيمي بنيادن ۽ سهڪاري بنيادن تي انهن منصوبن جو بهتر خيال رکي سنڀالي وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن.ٻي صورت ۾ جتي به کوٽ محسوس ٿئي اختيارين۽ زميوارن سان راطو ڪري ڪم وٺڻ کپن.زراعت کاتي جي اهم زميوار ڊائريڪٽر جنرل واٽر مينيجمنٽ سيد نديم شاھ کان معلوم ڪيوسين ته واٽر ڪورسز متعلق هلندڙ افواهن ۽ شوشل ميڊيا تي اينڙ خبرن بابت ڇا خيال آھي؟جي جواب ۾ آن فارم واٽر مينيجنٽ جي ڊائريڪٽر جنرل سيد نديم شاھ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ڏسيل پاليسيء ۽ آن فارم واٽر مينيجمنٽ جي روح مطابق ڪم ڪري رهيا آھيون۔ هي منصوبو 1977 کان وٺي هلي رهيو آھي۔ وقت جي گهرجن موجب تمام بهتر رفتار ۽ نتيجا خيز مقصدن سان منصوبو ڪامياب آھي.واٽر ڪورسز جي ڪاميابي ۾ ڳوٺاڻن ۽ کاتيدار هارين جو وڏو سهڪار آھي ۽ انهن جي ئي خاص دلچسپي سان هي منصوبو تيزيء سان ڪامياب ويو آھي.هن وڏيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي زرعي پاليسي 2018 کان 2030 واري مطابق حڪومت پاران بهترين سهڪار ۽ توجھ ملي رهي آھي،جنهن ۾ وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ جو بهترين سهڪار ۽ نگراني،ان کان پوءِ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جو اهم ڪردار آھي.انتظامي ۽ مالي سهڪار ڏيارڻ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ جو به ڪردار ساراھ جوڳو آھي.جنهن ڪري منصوبو وقت سر پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب وڃي ٿو.