ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جديد عالمي سياست جو هڪ اهم ۽ حساس موضوع بڻجي چڪو آهي، جنهن جا اثر رڳو ٻنهي ملڪن تائين محدود ناهن، پر سڄي دنيا، خاص ڪري وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا، تيل مارڪيٽن ۽ عالمي امن تي پئجي رهيا آهن. هن پس منظر ۾ اهو سوال وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آھي ته ڇا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون يا نه، ۽ جيڪڏهن ٿينديون ته انهن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو. هن سڄي معاملي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته تاريخي پس منظر، موجوده حالتن، عالمي دٻاءُ ۽ خاص طور تي پاڪستان جي ڪردار کي تفصيل سان ڏٺو وڃي.
ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي تاريخ تڪرار، بي اعتمادي ۽ مفادن جي ٽڪراءَ سان ڀرپور رهي آهي. خاص ڪري ايران جي ايٽمي پروگرام کي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي عالمي سلامتي لاءِ خطرو سمجهن ٿا، جڏهن ته ايران ان کي پنهنجو خودمختيار حق قرار ڏئي ٿو. آمريڪا پاران لاڳو ڪيل سخت معاشي پابندين ايران جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايران پنهنجي موقف ۾ سختي اختيار ڪئي آهي. ان جي جواب ۾ آمريڪا به فوجي ۽ سياسي دٻاءُ وڌايو آهي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلو وڌندو پيو وڃي.
تازين حالتن ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، خاص ڪري جڏهن سامونڊي رستن، جهڙوڪ آبنائي هرمز، تي خطرا پيدا ٿيا آهن، جيڪي عالمي تيل جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم رستو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به قسم جي معمولي غلطي به وڏي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ايران جي طرفان سخت بيان ۽ آمريڪا جي طرفان فوج جي موجودگي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ جيڪو اعتماد گهربل هوندو آهي، اهو تقريباً ختم ٿي چڪو آهي.
پهرين دور جون ڳالهيون، جيڪي وچولي ملڪن جي ڪوششن سان ٿيون، انهن مان ڪجهه اميد ضرور پيدا ٿي هئي، پر اهي ڪنهن حتمي نتيجي تائين نه پهتيون. انهن ڳالهين ۾ ڪجهه معاملا بحث هيٺ آيا، پر بنيادي مسئلا جيئن ته ايٽمي پروگرام، پابندين جو خاتمو ۽ علائقائي اثر رسوخ، حل طلب ئي رهيا. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ فاصلو اڃا به گهڻو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سنجيده ۽ مستقل ڪوششن جي ضرورت آهي.
هتي پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي ويو آھي. پاڪستان، جيڪو هڪ ايٽمي طاقت هجڻ سان گڏ اسلامي دنيا جو اهم ملڪ آهي، هميشه علائقائي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آهي. تازين حالتن ۾ به پاڪستان سفارتي سطح تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين، ۽ پس پرده رابطا، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان هن تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ سنجيده آهي. پاڪستان جي ڪوششن جا ڪيترائي اهم پهلو آهن. پهريون ته پاڪستان ٻنهي ملڪن سان سفارتي لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، جيڪو ان کي هڪ غير جانبدار ثالث بڻائي ٿو. ٻيو ته پاڪستان کي علائقي جي حساسيت ۽ حالتن جي بهتر ڄاڻ آهي، جنهن ڪري اهو وڌيڪ موثر سفارتڪاري ڪري سگهي ٿو. ٽيون ته پاڪستان جو پنهنجو مفاد به ان ۾ آهي ته علائقي ۾ امن قائم رهي، ڇو ته جنگ جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندو.
پاڪستان عالمي سطح تي به ڪوششون ڪري رهيو آهي ته وڏيون طاقتون ۽ علائقائي اتحادي هن مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪن. پاڪستان جي سفارتڪاري جو مقصد اهو آهي ته ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي واپس آندو وڃي، جتي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي نڪري سگهي. ان حوالي سان پاڪستان جو ڪردار مستقبل ۾ وڌيڪ اهم ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري جيڪڏهن عالمي حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ته. هاڻوڪي حالتن جو تجزيو اهو ٻڌائي ٿو ته ويجهي وقت ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جو فقدان آهي ۽ تازيون ڇڪتاڻيون ماحول کي وڌيڪ خراب ڪري رهيون آهن. پر ڊگهي عرصي ۾ حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون، خاص ڪري جڏهن عالمي دٻاءُ وڌندو ۽ ٻنهي ملڪن کي اهو احساس ٿيندو ته تڪرار ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.
تجزياتي طور ڏٺو وڃي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون مڪمل طور بند ناهن، پر رڪيل آهن. سفارتي رابطا، ڀلي ظاهر ۾ نظر نه اچن، پر پس پرده جاري آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به وقت حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون ۽ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو. ان عمل ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ جو ڪردار اهم هوندو، جيڪي تڪرار کي گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آھي پس پرده چين ۽ روس جا به رابطا ايران ۽ پاڪستان سان جاري آھن. سو اهو چئي سگهجي ٿو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار هڪ پيچيده ۽ گهڻ رخي مسئلو آهي، جنهن جو حل صرف طاقت سان نه، پر سفارتڪاري، صبر ۽ سمجهوتي سان ممڪن آهي. جيڪڏهن ٻنهي ڌرين پنهنجي موقف ۾ لچڪ پيدا ڪئي ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي ڪوششن کي سنجيدگي سان ورتو، ته ڳالهين جو ٻيو دور ضرور شروع ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن موجوده سختي برقرار رهي، ته پوءِ تڪرار وڌڻ جو خطرو به موجود آهي، جيڪو نه صرف علائقي پر سڄي دنيا لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.