ڪنهن به رياستي نظام ۾ سرڪاري آفيسرن جا دکدائڪ انت صرف انفرادي سانحا نه هوندا آهن، پر اهي گهڻو ڪري انهن ادارتي حالتن جو عڪس هوندا آهن جن ۾ اهي آفيسر پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا هوندا آهن. گذريل سالن ۾ پاڪستان جي سول سروس / سرڪاري نوڪرين بابت ڪجهه اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جن ۾ سينيئر آفيسرن جي خودڪشي سماج کي هڪ ڏکئي سوال جي آڏو آڻي ڇڏيو آهي، ڇا اسان جو انتظامي ڍانچو پنهنجي ئي اهل (يا عام) آفيسرن لاءِ ذهني ۽ پيشوراڻي طور محفوظ ماحول ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي؟ جڏهن ڏهاڪن جي سرڪاري خدمت رکندڙ آفيسر پاڻ کي اهڙي بي وسيءَ جي حالت ۾ محسوس ڪن جو زندگيءَ کان هٿ کڻڻ جهڙو انتهائي فيصلو ڪن، ته اهو رڳو هڪ شخصي الميو نه آهي، بلڪه ادارتي حالتن بابت سنجيده فڪري بحث جو سبب بڻجڻ گهرجي.
ٿرپارڪر ۾ گريڊ 19 جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو دردناڪ انت به اهڙي ئي واقعي طور ڏٺو پيو وڃي. اهڙا واقعا اسان کي مجبور ڪن ٿا ته بيوروڪريسي جي اندروني ماحول، پيشوراڻي دٻاءُ ۽ ادارتي طرزِ حڪمراني بابت وڌيڪ سنجيدگي سان سوچيون. جڏهن هڪ سينيئر آفيسر، جيڪو سالن جي سرڪاري خدمت جي تجربي سان هجي، اهو ان نتيجي تي پهچي ته ادارتي نظام اندر سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪو مؤثر رستو موجود ناهي سواءِ خودڪشي جي، ته اهو سوال صرف فرد تائين محدود نه رهندو آهي پر ادارتي ڍانچي جي صحت تي به اهم سوال اٿاري ٿو. انتظامي ۽ سماجي تحقيق ۾ اهڙين حالتن کي ڪڏهن ڪڏهن ادارتي خودڪشي يا ادارتي قتل جهڙن اصطلاحن سان بيان ڪيو ويندو آهي. اهي اصطلاح اها معنيٰ بيان ڪن ٿا ته ادارتي ماحول ۽ ڪلچر، انتظامي دٻاءُ ۽ پيشوراڻي بي انصافي گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪن جتي ڪنهن فرد جو ذهني استحڪام ۽ شخصي وقار آهستي آهستي متاثر ٿيڻ لڳي. سرڪاري ادارن بابت ڪجهه تجزيا اهو ظاهر ڪن ٿا ته جڏهن منظم ڪرپشن، پيشوراڻا ڌمڪائيندڙ ۽ هيسائيندڙ رويا ۽ انتظامي طاقت جو غير متوازن استعمال گڏجي ڪم ڪن، ته اهو ماحول سڌي سنئين آفيسرن لاءِ خاص طور ڏکيو بڻجي ٿو يا بڻجي سگهي ٿو.
هن سڄي معاملي ۾ هڪ نهايت حساس ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ پهلو مٿي ذڪر ڪيل اسپتال جي ميل نرس
جي هڪ وائرل ٿيل فون ڪال آهي، جنهن سڄي نظام جي پول پڌرو ڪري ڇڏيوآهي. اها رڪارڊنگ رڳو هڪ ملازم جي گفتگو ناهي، پر اها ان پاور نيٽ ورڪ ۽ ڪمداري ڪلچر جو مظهر آهي، جتي هڪ ملازم به آفيسرن جي مقررين ۽ نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ان ڪال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن ادارن اندر هيٺين سطح تائين ڪرپشن جو ڄار پکڙيل آهي، جتي ناپسند آفيسرن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ماتحت عملي کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڊاڪٽر شيخ جهڙا آفيسر رڳو مٿين انتظاميا کان نه، پر پنهنجي ئي اداري اندر موجود مفاد پرست ٽولن جي منظم گهيري ۾ هئا. پاڪستان جي موجوده انتظامي منظرنامي کي ڏسندي اهو به محسوس ٿئي ٿو ته بدانتظامي جو مسئلو وقت سان گڏ وڌيڪ پيچيده ٿيندو پيو وڃي. صحت جهڙا شعبا، جيڪي بنيادي طور عوامي خدمت لاءِ قائم ڪيا ويا هئا، هاڻي وڏي پيماني تي مالي وهڪرن جا مرڪز بڻجي ويا آهن. اسپتالن جي اڏاوت، دوائن جي خريداري، طبي سامان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ شامل وڏا بجيٽ قدرتي طور ڪيترن مفادن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. سماجي سائنس جي اصطلاح ۾ اهڙي صورتحال کي ڪڏهن گرانڊ ڪرپشن سان بيان ڪيو ويندو آهي، جتي رياستي وسيلن جي وڏي پيماني تي ورڇ ۽ انهن تي ڪنٽرول جا سوال پيدا ٿين ٿا.
اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو آفيسر ضابطن جي پابنديءَ تي زور ڏئي يا ڪجهه سٺو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري، ته ڪڏهن ڪڏهن اهو قدم ڪجهه طاقتور مفادن لاءِ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. نتيجي طور اهڙي آفيسر کي مختلف دٻاءُ، انتظامي پيچيدگين يا ادارتي اڪيلائيءَ کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. سماجي تحقيق ۾ ان عمل کي سوشيو- پروفيشنل وڪٽمائيزيشن سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته پيشوراڻي ماحول اندر اهڙيون حالتون پيدا ٿين جتي ڪنهن آفيسر کي ذهني يا انتظامي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. پاڪستان جي افسرشاھي ۾ بدلين ۽ مقررين جو سوال به گهڻي وقت کان بحث هيٺ رهيو آهي. اصولي طور تي بدليون انتظامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن، پر عملي طور ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ترغيب يا دٻاءُ جي اوزار طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه آفيسر فائديمند جڳهن تي برقرار رهندا آهن جڏهن ته ٻيا ورجايل بدلين يا انتظار واري حالت ۾ رهڻ جو تجربو ڪندا آهن. عام گفتگو ۾ هن رجحان کي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ڪلچر سڏيو ويندو آهي، جيڪو ڪيترن سرڪاري آفيسرن لاءِ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ٿو.
سنڌ جي صحت کاتي پوئين سالن ۾ تمام بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري آھي پر ان سان گڏ اسپتالن ۾ دوائن جي ونڊوراهه، منٿلين ۽ سپلاءِ چين بابت تمام اھم سوال پڻ سامھون آيا آھن. مختلف آڊٽ رپورٽون، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته انتظامي نظام اندر شفافيت جا چئلينج ڪيترا وڏا ٿي سگهن ٿا. جڏهن مالي بي قاعدگيون بحث هيٺ اچن، ته اهو قدرتي طور ان نظام ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن لاءِ هڪ پيچيده ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو، جتي ضابطن تي عمل ڪرڻ ۽ مختلف مفادن جي وچ ۾ توازن رکڻ پاڻ ۾ وڏو ٽڪراءُ پيدا ڪري سگھن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو واقعو ٿرپارڪر جهڙي علائقي ۾ پيش اچڻ پڻ ھڪ جاگرافيائي ۽ سماجي جوڙجڪ کي پڌرو ڪري ٿو. ٿرپارڪر ڪيترن سالن کان سماجي ۽ معاشي محرومين سان وڙهندڙ ضلعو رهيو آهي، جتي سرڪاري آفيسر نه رڳو انتظامي ذميوارين سان پر مقامي سماجي ۽ سياسي حقيقتن سان به واسطو رکن ٿا. اهڙن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن لاءِ ادارتي سهائتا جو مضبوط نظام انتهائي ضروري هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ھڪ قسم جو لڳاتار دٻاءُ ميڊيا رپورٽن، وڌندڙ بيماري جي ڪيسن (جهڙوڪ ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون) ۽ نوڪري واري حالتن جي ڪري ذهني ٿڪاوٽ ۽ بي وسيءَ جو احساس پيدا ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏ اسان وٽ گھڻ طرفو اھڙو ماحول پيدا ٿيل آھي جتي ڪرپشن بابت ڳالهيون ته گهڻيون ٿين ٿيون، پر ان جي مؤثر روڪٿام لاءِ سياسي، طرزحڪمراني ۽ ادارتي لاڙا يا اڳڀرائي بلڪل به نظر نٿا اچن. بدقسمتيءَ سان، اسان جو احتسابي نظام اڪثر اسڪيپ گوٽ ڳولڻ تائين محدود هوندو آهي، جتي وڏن واڳن کي بچائڻ لاءِ ٻين کي قربان ڪيو ويندو آهي. اهڙا واقعا اسان کي هڪ بنيادي سوال ڏانهن ڌيان ڏيارين ٿا: رياستي ادارا پنهنجي ئي آفيسرن کي ڪيتري حد تائين پيشوراڻو تحفظ، عزت نفس ۽ وقار سندي نوڪري ڏئي سگهن ٿا؟. جڏهن هڪ سول سرونٽ پنهنجو ڪيريئر عوامي خدمت لاءِ وقف ڪري ٿو، ته هو رياست کان به اهو اميد رکندو آهي ته کيس هڪ اهڙو ادارتي ماحول ملندو جتي ضابطا، انصاف ۽ شفافيت بنيادي قدر هجن. پر اسان وٽ نوڪري ڪمداري کان ڪريل، مالي مفادن ۽ طاقت ۾ حصيدار ٿيڻ جو نالو ٿي پيو آھي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو المناڪ موت يقيناً ڏکوئيندڙ آهي، پر ان جھوريندڙ واقعي اھو پڻ ٻڌايو آهي ته ڪنهن به رياستي نظام جي حقيقي طاقت صرف ان جي قانونن يا ادارن ۾ نه، پر انهن ماڻهن ۾ هوندي آهي جيڪي انهن ادارن کي بھتري سان هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن، ته پوءِ رياستي ادارن جي اخلاقي بنيادن تي به سوال اٿارڻ گھرجن. ھي سوال ڪنهن هڪ آفيسر يا هڪ اداري تائين محدود ناھي ۽ نه ئي رھڻ کپي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا رياستي نظام اهڙو ادارتي ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو جتي بھتري آڻيندڙ آفيسر پاڻ کي محفوظ، باوقار ۽ پيشوراڻي طور سهارو محسوس ڪن ۽ ڪم چور، رڳو ڏيتي ليتي ڪرڻ وارا، اٻوجھه بيمار ماڻھن جي حق واري دوائن کي وڪڻي، سپلائر کان شروع ۾ ئي ڀريون ھٿائيندڙ آفيسر ۽ کين مقرر ڪرڻ وارا نديا وڃن، ڌڪيا وڃن ۽ ادارتي ۽ حڪومتي طور خراب سمجھيا وڃن.
جيڪڏهن سول سروس اندر ڪم ڪندڙ ماڻهو ئي مسلسل دٻاءُ، غير يقيني صورتحال ۽ پيشوراڻي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿين ته پوءِ عوامي خدمت جو بنيادي تصور به ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ان ڪري اهڙن واقعن کي صرف افسوس جي اظهار تائين محدود رکڻ بدران انهن مان سکيا پرائڻ ضروري آهي. شفاف طرزِ حڪمراني، مضبوط احتسابي نظام ۽ سرڪاري آفيسرن لاءِ ادارتي تحفظ اهڙا قدم آهن جيڪي نه رڳو گورننس کي بهتر بڻائي سگهن ٿا، پر انهن ماڻهن جو اعتماد به بحال ڪري سگهن ٿا جيڪي خاموشي سان رياست جي روزمره نظام کي هلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن رياست پنهنجي ئي آفيسرن جي وقار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهي، ته پوءِ شايد مستقبل ۾ اهڙا المناڪ واقعا نه ورجائجن.