سماجن اندر يقينن ڪرپٽ ماڻهو هوندا آهن پر جڏهن سڄو سماج ئي ڪرپٽ ٿي وڃي ته پوءِ يقينن اها ڳڻتي جوڳي صورتحال سمجهي ويندي آهي. پاڪستان به دنيا جي ڪرپٽ ملڪن طور ڄاتو ويندو آهي ۽ ملڪ جيئن ته حڪمران هلائيندا آهن تنهن ڪري اهي ئي ان جا ذميوار هوندا آهن.
ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري لکين ماڻهو غربت جو شڪار آهن ۽ ٻن ويلن جي ماني کان محروم ٿي ويا آهن. اهي حڪمران ئي آهن جيڪي سستو ورتل پيٽرول مهانگو ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪمران ٻن ۽ ٽن مهينن جي پگهار نه کڻڻ جو ڍونگ ڪرڻ بدران ڪرپشن بند ڪن. هٿرادو پيٽرول مهانگو ڪري عوام جو معاشي قتل ڪرڻ بند ڪن. ٻئي پاسي پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئشن جي اڳواڻن چيو آهي ته پيٽرول جا اگهه رات جي پيٽ ۾ وڌايا ويا جنهن جي ڪري پيٽرول ڊيلر ۽ عوام پريشان آهي. اصل ۾ عوام سان فراڊ ڪيو ويو آهي. 21 رپيا ليوي جا وڌايا ويا پر اسان پڇون ٿا ته 34 رپيا ڪيڏانهن ويا تنهن ڪري اسان جو مطالبو آهي ته ان معاملي جي انڪوائري ڪئي وڃـي ته پهرين مارچ کان پيٽرول ڪنهن ذخيرو ڪيو ۽ 34 رپيا في ليٽر فائدو ڪنهن کي ڏنو ويو. هنن چيو ته اسان وقت کان اول ئي انڪم ٽيڪس ڏيون ٿا. اسان وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف کي خط لکيا آهن ته 55 رپيا في ليٽر تي وڌائي عوام سان دوکو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هنن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته 26 مارچ کان پوءِ اسان پنهنجو ڪاروبار بند ڪنداسين.
سو عام تاثر به اهو ئي آهي ته پيٽروليم جي اگهن ۾ حڪومت وقت کان اڳ جلد بازي ڪري ملڪ اندر پيٽروليم جو بحران پيدا ڪيو آهي. حڪومت شايد اهو سمجهيو ته جنگ جي اوٽ ۾ پيٽروليم جا ريڪارڊ اگهه وڌائينداسين ته معاملو ڦٻي ويندو پر ايئن نه ٿيو ۽ نه ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته حقيقتون لڪنديون ناهن، اهي ضرور ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ظاهر ٿينديون آهن. حڪومت کي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رمضان جو مهينو پورو ٿيڻ ۽ عيد تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن عوام جي عيد ۽ خوشيون حرام نه ٿين ها پر افسوس ته حڪومت کي ان جو ڪو خيال نه آيو ڇاڪاڻ ته عوام اسان جي حڪومتن جي ترجيح ناهي هوندو. جيستائين پيٽروليم جي واڌ جو معاملو آهي ته موجوده مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جا پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڏنل بيان ۽ تقريرون ئي پڙهي ڏسو يا ٻڌو جن ۾ اهي پاڻ چوندا هيا ته جڏهن به ملڪ اندر تيل جا اگهه وڌن ته سمجهي وڃو ته ڪرپشن ٿي رهي آهي ۽ عوام سان دوکو ٿيو آهي. هاڻي عوام ساڳيو سوال ڪري ٿو ته ڇا ان معيار تي موجوده حڪومت جي تيل واري پاليسيءَ کي پرکي سگهجي ٿو.؟
ٻيو ته اسان جي ملڪ اندر اهو به تاثر عام هوندو آهي ته هتي سڀ ڪجهه حڪمران کائي وڃن ٿا. اها به ملڪي تاريخ رهي آهي ته هتي هر دور ۾حڪومتن کي ڪرپشن جي الزام ۾ ئي لاٿو ويندو آهي. اسان ته کڻي هر حالت ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي جا قائل رهيا آهيون ۽ پنهنجو اهو خيال هوندو هو ته ڪرپشن جي آڙ ۾ هتي جمهوري نظام کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي پر ان جو اهو به مطلب ناهي ته هتان جا حڪمران بي گناهه آهن ۽ اهي ڪرپٽ ناهن. اسان جمهوري نظام جي برابر حق ۾ آهيون پر ڪرپشن جو ڪڏهن به نه ساٿ ڏنو آهي ۽ نه ئي ڏينداسي. هتي ڪرپشن جو عالم اهو آهي ته ماڻهن کي جائز نوڪرين لاءِ به لکين رپيا رشوت ڏئي وٺڻي پوي ٿي، ڪٿي بدلي ڪرائڻي آهي ته ان لاءِ به پيسا ڏيڻا پون ٿا، ڪو منصوبو هٿ ۾ کڻبو ته پهريون حڪومت پنهنجي حصي جي ڪميشن وٺندي. ٻيو ته ڇڏيو پرنٽ ۽ الڪيٽرانڪ ميڊيا کي جيڪي اشتهار ڏنا ويندا آهن تن لاءِ به ڪميشن وٺڻ جا مٿن الزام هوندا آهن. حڪمرانن جي ڪرپشن جو عالم اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وڏي منصوبي لاءِ کين سئو روپيا ملندا ته انهن مان صرف 25 روپين جو ڪم ڪندا باقي 75 رپيا پنهنجي کيسي ۾ وجهندا.
اها صورتحال حڪومت جي هر وزارت، هر کاتي ۽ هر اداري جي آهي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا آهن ته هن وقت ملڪ هلي ئي ڪرپشن جي نظام تي ٿو. اسان جي ملڪ اندر اهو ئي ماڻهو ۽ ادارو ڪامياب ليکيو ويندو آهي جيڪو ڪرپٽ هجي. ايماندار ماڻهو لاءِ هي ملڪ ناهي رهيو. ايماندار ماڻهو هن ملڪ اندر نه ڪمائي سگهي ٿو ۽ نه ئي جي سگهي ٿو. تازو عوامي آواز ۾ ئي هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي ته ڪرپشن جو نظام هتي ايڏو ته سگهارو ۽ حاوي آهي جو ڪير ايمانداراڻي نموني هتي ”ڪاروبار“ به نٿو ڪري سگهي. اها ئي صورت حال آهي جنهن سبب ملڪ جو هر نوجوان ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو خواب ڏسي ٿو ۽ جيئن ئي کيس موقعو ملي ٿو ته اهو ٻاهرين ملڪ هليو وڃي ٿو. ڪنهن معاشي ماهر ته اهو به چيو هو ته سڀ ماڻهو چون ٿا ته ڪرپشن جو خاتمو ٿئي پر انهن کي اهو اندازو ئي ناهي ته جيڪڏهن ڪرپشن جو نظام هڪدم ختم ڪيو ويو ته هن ملڪ جو وهنوار ئي هڪدم بيهي ويندو.
اسان سمجهون ٿا ته ان صورتحال جي ذميوار اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقو ئي آهي. اها ڪرپشن ئي آهي جنهن سبب هڪڙا ماڻهو آهن جيڪي امير کان امير تر ٿيندا ٿا وڃن ۽ ٻيا ماڻهو آهن جيڪي غريب کان غريب تر ٿيندا ٿا وڃن. اها ڪرپشن ئي آهي جنهن ڪري دنيا اندر غربت وڌندي وڃي ٿي، جيڪا گهٽ ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي. اها ڪرپشن ئي آهي جنهن سبب مهانگائي هر دور ۾ وڌندي رهي ٿي. اها به ڪرپشن آهي جنهن سبب ملڪي ادارا کوکلا ۽ ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن ۽ حڪمران ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ بدران امدادن ۽ قرضن تي ملڪ هلائي رهيا آهن ۽ ادارن کي خانگائي پنهنجو مالي فائدو ماڻي رهيا آهن پر ملڪ کي عوام وانگر غريب کان غريب ئي بڻائي رهيا آهن. بظاهر ته سڌاري جي پري پري تائين جي ڪا اميد نظر نه ٿي اچي ڇاڪاڻ ته ايماندار طبقي کي اڳتي نٿو آندو وڃي ۽ جيستائين ايماندار طبقو ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت نه هلائيندو، پاڻ محنت نه ڪندو، پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪري ان مان نه ڪمائيندو تيستائين نه ملڪ ترقي ڪري سگهندو ۽ نه ئي ملڪي عوام خوشحالي ماڻي سگهندو.