تازو ئي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملي ۽ ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنائي جي قتل کانپوءِ ايران اندر اقتدار جي تبديلي ( Regime change ) جا چوٻول هر هنڌ وائي وات بڻيل آهن. ان صورتحال ۾ ايران جي معزول اڳوڻي شهنشاھ محمد رضا پھلوي جو جلاوطن پڳدار پُٽ رضا پھلوي پڻ اقتدار جي آسري تيار ويٺو آهي. غير ملڪن ۾ آباد سندس چاهيندڙ پڻ هڪ ڀيرو وري ايران ۾ پھلوي خاندان جي بادشاھي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. فلحال ته سندن خواهش پوري ٿيڻ مشڪل نظر اچي رهي آهي، ڇوته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ڳالهين دوران اهڙا اشارا ڏنا آهن، جن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته ايران جي اقتدار جي واڳ پھلوي خاندان جي شھزادي جي حوالي ڪرڻ فلحال سندس ترجيح ۾ شامل ناهي.
پاڻ هتي ان ئي پهلوي سلطنت جي پهرئين بادشاھ رضا شاھ پھلويءَ بابت مختصر ڳالهه ڪنداسين.پهلوي خاندان ايران جو آخري شاهي خاندان هو، جنهن جي حڪومت جو آغاز 1925ع ۾ رضا شاھ پهلوي جي تخت نشيني سان ٿيو ۽ 1979ع ۾ آيت الله خميني جي اسلامي انقلاب ذريعي ان جو خاتمو ٿيو. رضا شاھ پهلوي جو اصل نالو رضا خان هو۔ هُو 1878ع ۾ ايراني صوبي مازندران جي علائقي آلاشت ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد عباس علي خان فوجي آفيسر هو، جيڪو رضا خان جي ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو. رضا خان جو ننڍپڻ نهايت ئي غربت ۾ گذريو. هو قزاق برگيڊ ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو ايران جي شاهي فوج جو هڪ جديد ۽ مضبوط دستو هو۔ پنهنجي فطري قيادت جي صلاحيتن ۽ بهادري سبب هو تيزي سان ترقي ڪندو رهيو ۽ آخرڪار ساڳي ئي برگيڊ جو ڪمانڊر بڻجي ويو۔
1921ع ۾ رضا خان، جيڪو ان وقت فوج ۾ ڪمانڊر هو، پنهنجي فوجي دستن سان گڏ قاچار خاندان جي ڪمزور مرڪزي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي۔ هو تهران ۾ داخل ٿيو ۽ اهم عهدن تي قبضو ڪري ورتائين۔ هو پهريان ايراني فوج جو سربراھ ، پوءِ وزير جنگ ۽ پوءِ وزيراعظم بڻيو۔ چئن سالن اندر هن سڄي ملڪ ۾ پکڙيل بغاوتن ۽ قبائلي خودمختياري کي ختم ڪري پنهنجي مرڪزي طاقت مضبوط ڪري ورتي۔ آخرڪار 1925ع ۾ ايران جي مجلس (پارليامينٽ) قاچار خاندان جي آخري بادشاھ احمد شاھ قاچار کي معزول ڪري رضا خان کي نئون شاھ منتخب ڪيو۔ هن رضا شاھ پهلوي جو لقب اختيار ڪيو، جنهن سان پهلوي خاندان جو بنياد پيو۔
پنهنجي دورِ حڪومت ۾ رضا شاھ برطانيا ۽ سوويت يونين جي مداخلت کان بچڻ جي پوري ڪوشش ڪئي۔ جيتوڻيڪ ترقياتي منصوبن لاءِ پرڏيهي فني مهارت جي ضرورت هئي، پر هن هميشه برطانوي ۽ سوويتي ادارن کي ٺيڪا ڏيڻ کان پاسو ڪيو۔ هن فني مدد لاءِ جرمني، فرانس، اٽلي ۽ ٻين يورپي ملڪن کي ترجيح ڏني۔ رضا شاھ جي 16 سالن جي دور حڪومت کي ايران ۾ وڏي تبديلي جو دور سمجهيو وڃي ٿو۔ سندس بنيادي مقصد ايران کي هڪ مضبوط، مرڪزي ۽ جديد قومي رياست بڻائڻ هو۔ سندس اهم قدم ۽ پاليسيون هي هيون: هن طاقتور قبيلن ۽ علائقائي سردارن جي خودمختياري ختم ڪري سڄي ملڪ تي مضبوط مرڪزي حڪومت جو ڪنٽرول قائم ڪيو۔ هن سڄي ملڪ ۾ پڪن رستن، پُلين، سرڪاري عمارتن جو ڄار وڇايو ۽ پرڏيهي قرضن کان آجو ٽرانس ايرانين ريلوي جهڙو وڏو منصوبو مڪمل ڪرايو، جيڪو خليج فارس کي بحيره قزوين سان ملائيندو هو۔ وڏي پيماني تي ڪارخانا قائم ڪيا ويا، جنهن سان صنعتي مزدور طبقو وجود ۾ آيو۔ تعليمي ۽ قانوني سڌارا ڪيا ويا، جن تحت تهران يونيورسٽي سميت جديد تعليمي نظام جو بنياد وڌو ويو۔ سوين شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ يورپ موڪليو ويو۔ مذهبي عدالتن جي دائري کي محدود ڪري جديد قانوني نظام لاڳو ڪيو ويو۔ قاچار سلطنت جي دور ۾ رياستي انتظام نهايت ئي لاچاريءَ واري حالت ۾ هيو. اڪثريتي طبقو نهايت ئي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور هيو. رضا شاھ جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ايران جي معيشت ۾ تمام وڏو سڌارو پڻ آيو. ڪيترن ئي معاملن ۾ رضا شاھ پھلوي آمريت کان ڪم ورتو، هن قدامت مان جان ڇڏائڻ لاءِ جديد طرز جي لباس کي هٿي ڏني (خاص طور مردن لاءِ قديم روايتي ٽوپي بدران انگريزي هيٽ). 1936ع ۾ ڪشف حجاب قانون تحت عورتن جي مٿو ڍڪڻ تي پابندي لڳائي وئي، جنهن سبب مذهبي حلقن ۾ سخت ناراضگي پيدا ٿي۔
رضا شاھ مذهبي عدالتن جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا 1935 ۾ مشهد جي گوهر شاد مسجد ٻاهران شيعا عالمن رضا شاھ جي پاليسين کي اسلام دشمن قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو، فوج طاقت جي زور تي ان احتجاج کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. هڪ ڀيري ايئن به ٿيو جو شيعن جي مذهبي مرڪز قم ۾ رضا شاھ پنهنجي گهرواري تاج الملوڪ ۽ ڌيئرن سان گڏجي گهمڻ ويو ته اتان جي هڪ شيعا عالم شيخ محمد تقي بافقيءَ شاهي گهراڻي جي عورتن جي مغربي لباس تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ،جنهن تي تيش ۾ اچي رضا شاھ ان مذهبي عالم کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
قاچار دور ۾ بادشاهيءَ کي اسلامي خلافت جي شاخ سمجهيو ويندو هو، پر رضا شاھ پاران پنهنجي بادشاهيءَ کي ايران جي سائرس اعظم واري قديم آريائي بادشاهت جو حصو قرار ڏيندي پنهنجي ملڪ (جنهن کي پهريان پرشيا سڏيو ويندو هو) جو نالو تبديل ڪري ايران رکيو. ان ئي سلسلي ۾ 1935ع ۾ عالمي برادري کان درخواست ڪئي وئي ته ملڪ کي پراڻي نالي پرشيا بدران مقامي نالي ايران سان سڏيو وڃي۔
1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي۔ ايران لاءِ مسئلا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن جرمني ۽ برطانيا ان جنگ ۾ هڪ ٻئي جا حريف بڻجي سامهون آيا۔ رضا شاھ پاران ان ٻي عالمي جنگ ۾ ايران جي غير جانبدار هجڻ جو اعلان ڪيو، پر برطانيا اهو الزام لڳائيندو رهيو ته ايران ۾ موجود جرمن انجنيئر ۽ فني ماهر برطانيا خلاف جاسوسي ڪري رهيا آهن ۽ سندن اصل مقصد ڏکڻ اولھه ايران ۾ برطانوي تيل جي تنصيبات کي نقصان پهچائڻ آهي۔ ايران جي جاگرافيائي اهميت ئي ايران لاءِ وڏو مسئلو بڻجي سامهون آئي. ڇوته برطانيا ۽ روس لاءِ هٿيار توڙي خوراڪ جي رسد لاءِ ايراني رستو وڏي اهميت رکندڙ هيو، ۽ انهن نه پئي چاهيو ته اهو دفاعي اهميت جو اهم مورچو سندن دشمن جرمنيءَ جي اتحاد هيٺ هجي. برطانيا ايران کان مطالبو ڪيو ته سڀ جرمن شهري ايران مان ڪڍيا وڃن، پر رضا شاھ انڪار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قدم سان ترقياتي منصوبن تي منفي اثر پوندو۔ ان کان علاوه برطانيا ايران جي ريلوي کي پڻ سوويت يونين ڏانهن فوجي سامان پهچائڻ لاءِ محفوظ رستي طور استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي۔
جرمن شهرين کي ملڪ بدر ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي 1941ع ۾ برطانيا ۽ سوويت يونين گڏجي ايران تي حملو ڪري ڇڏيو۔ جنگ دوران سندن اتحادي آمريڪا به ريلوي لائينن جي سار سنڀال ۽ هلائڻ لاءِ فوجي عملو موڪليو۔ برطانيا ۽ سوويت يونين رضا شاھ جي حڪومت ختم ڪري بادشاهت جي آئيني اختيارن کي تمام محدود ڪري ڇڏيو۔ بهرحال اتحادي طاقتن رضا شاھ کي مجبور ڪيو ته يا ته هُو پنهنجي پٽ محمد رضا پهلوي جي حق ۾ دستبردار ٿي وڃي، يا وري پھلوي خاندان جي بادشاهيءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ تيار ٿي وڃي. تنهنڪري 16 سيپٽمبر 1941ع تي هن تخت ڇڏي ڏنو۔ سندس جانشين پٽ محمد رضا پھلوي کي نئون شاھ قرار ڏنو ويو.
رضا شاھ ڪُل چار شاديون ڪيون، جن مان کيس يارهن ٻار (ست پُٽ، ۽ چار ڌيئر) ٿيا. سندس پهرين زال مريم خانم هئي ،جنھن سان شادي تڏهن ٿي هئي جڏهن هو اڃا فوج ۾ آفيسر هو. مريم خانم جلد وفات ڪري وئي. سندس ٻي شادي تاج الملوڪ سان ٿي، جيڪا پنهنجي دور جي مشهور نامور راڻي هئي. ٽئين شادي قاچار گهراڻي سان تعلق رکندڙ طوران قمر الملوڪ امير سليماني سان ڪيائين، چوٿين شادي عصمت دولت شاهي سان ڪيائين. کيس چئني زالن مان ست پُٽ محمد رضا شاه پھلوي (ايران جو آخري بادشاھ 1941-1979)علي رضا پھلوي، غلام رضا پھلوي، حامد رضا پھلوي، احمد رضا پھلوي، محمود رضا پھلوي، عبدالرضا پھلوي هئا. جڏھن ته چار ڌيئرون اشرف پھلوي، شمس پھلوي، فاطمه پھلوي ۽ همدم سلطنت پھلوي هيون.
انگريزن رضا شاھ کي پهرين ماريشس ۽ پوءِ ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيو، جتي 26 جولاءِ 1944ع تي سندس وفات ٿي۔ سندس لاش کي پهريان مصر منتقل ڪيو ويو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ان لاش کي ڪعبي جو طواف ڪرائي ايران آندو ويو، جتي تهران جي ويجهو ري واري علائقي ۾ کيس دفن ڪيو ويو۔ 1979ع جي انقلاب کان پوءِ مذهبي ماڻهن جي هجوم هن مقبري کي ڊاهي ڇڏيو۔2018ع ۾ تهران ۾ هڪ مزار ڀرسان کوٽائي دوران هڪ حنوط ٿيل لاش مليو، جنهن بابت سرڪاري طور تصديق ڪئي وئي ته اهو رضا شاھ پهلوي جو ئي لاش آهي۔ لاش جي سڃاڻپ جي هڪ اهم نشاني اها به هئي ته رضا شاھ پھلوي کي دفن ڪرڻ وقت سندس جسم تي فوجي لباس ۽ هڪ شاهي تلوار به دفن ڪئي وئي هئي. جيڪا بعد ۾ لاش جي سڃاڻپ جو اهم ذريعو به بڻي. رضا شاھ پهلوي کي ڪيترن ئي تڪراري فيصلن باوجود به جديد ايران جو معمار سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ايران کي هڪ وکريل، نيم قبائلي رياست مان هڪ متحد ۽ مرڪزي طاقتور رياست ۾ تبديل ڪيو۔ سندس تعميراتي، صنعتي ۽ تعليمي سڌارن جديد ايران جو بنياد وڌو۔
تنهن هوندي به کيس هڪ سخت گير آمر طور به ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جمهوري، مذهبي ۽ سياسي حقن کي محدود ڪيو، ميڊيا تي سخت سينسرشپ لاڳو ڪئي، ۽ مذهبي روايتن تي زبردستي جديديت مسلط ڪئي.