مان سمجھو هو ته منهنجي زندگي ۾ سڀ ختم ٿي چڪو آهي، پر اهو منهنجو نئون جنم هو جو مان ٻيهر جيئڻ لڳس۔ هڪ وقت هو جڏهن مون کي پنهنجي مستقبل تي يقين نه رهيو هو. ماڻهو چوندا هئا ته مان ڪجهه به نه بڻجي سگهندس. آهستي آهستي انهن جون ڳالهيون منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويون. مونکي به محسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجو ڪو مستقبل نه هوندو۔ پوءِ منهنجي ڪجهه غلط فيصلن جي ڪري ننڍي عمر ۾ شادي ٿي. مون کي سيکاريو ويو ته شادي عورت جي لاءِ تحفظ آهي، ته اها ئي خوشي، ۽ اهو ئي مڪمل ٿيڻ آهي پر ڪنهن به نه ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن شادي عورت لاءِ تحفظ نه، پر آزمائش بڻجي ويندي آهي.
وقت سان گڏ گڏ خاموشي منهنجي ساٿي بڻجي وئي. زلت، ڳوڙها ۽ اذيت منهنجي روزاني زندگي جو معمول بڻجي ويا. تشدد، الزام، ذهني اذيت سڀ ڪجهه برداشت ڪندي رهيس، ڇو ته اسان جي سماج ۾ عورت کي سيکاريو وڃي ٿو ته صبر ڪر، گهر بچاءِ، ماٺ ڪر. پر اندر ئي اندر مان ٽٽي رهي هئس. منهنجو اندر خالي ٿي چڪو هو۔ مون خوف ۾ راتيون گذاريون. مون ان بي حس انسان کان مليل هر ذهني ۽ جسماني اذيتن کي برداشت ڪيو. مون پنهنجو قدر وساري ڇڏيو. پر هڪ ڳالهه ھڪ اميد منهنجي اندر زندهه رهي.
پنهنجي والدين جي تعاون سان مون تعليم جاري رکي، جڏهن ته منهنجون حالتون مون کي ٽوڙڻ لاءِ ڪافي هيون. مون جڏھن امتحان ڏنا منهنجا هٿ ڏڪندا هئا. مون اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن هر شيءِ مون کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پوءِ هڪ ڏينهن، مون ھمت ڪري سڀ کان بهادر قدم کنيو۔ مون پاڻ کي چونڊيو. اهو فيصلو آسان نه هو. معاشري جون نظرون، ماڻهن جون ڳالهيون، الزام، سوال سڀ منهنجي چوڌاري هئا. پر مون سمجهيو ته عزت سان جيئڻ شرمندگي سان رهڻ کان وڌيڪ اهم آهي هڪ بي حس انسان سان ٻه سال مارون ۽ گاريون کائي صرف اميد جي بنياد تي وقت گذاريو ته شايد اڳيان ڪجهه بهتري ٿئي پر حالات منهنجي وس ۾ نه هئا،نيٺ مان همت ڪري طلاق جو فيصلو ڪيو۔
شادي دوران ۽ طلاق کان پوءِ به مون کي ماڻهن جي طنز، طعنن، منفي روين ۽ غير اخلاقي سوالن کي منھن ڏيڻو پيو. هر طرف الزامن ۽ تنقيدن جو دٻاءُ هو، جن مون کي اندر ۾ ختم ڪري ڇڏيو۔ انهن روين جو مونکي اندازو هو پر افسوس ته ڪجهه پنهنجا به دل ڏکائڻ جو سبب بڻيا۔
هن معاشري لاءِ طلاق هڪ داغ هو پر منهنجي لاءِ اهو منهنجي نئين زندگي جو اعلان هو ۽ ھڪ بامقصد زندگيءَ جي شروعات ھئي. ان کان پوءِ، مون نه رڳو پنهنجي زندگي ٻيهر ٺاهي پر مون پنهنجي وجود کي ٻيهر ٺاهيو، پاڻ کي هڪ ڪامياب عورت ٺاهڻ جو خواب ڏٺو۔ مون پڙهيو ۽ سکيو، پاڻ کي سمجهيو. مون پنهنجي زخمن کي پنهنجي طاقت بڻايو. پنهنجي لکڻ جي صلاحيت کي عورتن جي حقن لاءِ استعمال ڪيو۔ وقت گذرڻ سان، مون پاڻ کي هڪ مضبوط ۽ پختو ڪردار بڻايو. مون پنهنجي تڪليف کي پنهنجي سڃاڻپ نه بڻجڻ ڏنو ، مون ان کي پنهنجي طاقت بڻايو، پنهنجي تعليم به مڪمل ڪئي۔
اڄ مان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيان ۽ گذريل ڏھ سالن کان پنهنجي لکڻ جي صلاحيتن کي هٿيار ٺاهي نه صرف عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ لکي رهي آهيان پر ان سان گڏ گڏ ست سالن کان نوري نالي پنهنجو هڪ آن لائن ادارو هلائي رهي آهيان جنھن جي ذريعي عورتن کي پنھنجن بنيادي حقن متعلق آگاهي ڏيڻ ۽ انهن کي هن ڊجيٽل دور ۾ اسڪل بيسڊ تعليم ۽ تربيتي پروگرامن ذريعي خود مختيار بڻائڻ جي عمل ۾ ڪوشان آھيان. اڄ مان مالي طور خودمختيار آهيان، مان پنهنجون حدون مقرر ڪرڻ ڄاڻان ٿي. مان نه چوڻ ڄاڻان ٿي مان پنهنجو آواز بلند ڪرڻ ڄاڻان ٿي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه مان هاڻي پاڻ کي سڃاڻان ٿي.
اڄ جڏهن دنيا عورتن جو ڏھاڙو ملهائي رهي آهي، مان هر عورت کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي: توهان ڪمزور ناهيو، نه ئي ٽٽل آهيو. توهان جي اندر اها طاقت موجود آهي، جيڪا شايد اڃان مڪمل طور تي اوهان پاڻ به نه سڃاتي هجي. توهان ۾ اھي صلاحيتون موجود آهن جن کي توهان ڪارآمد بڻائي ڪاميابي ماڻي سگھو ٿا. جيڪڏهن مان پنهنجي زندگي ۾ نئين سڃاڻپ ٺاهي سگهي آهيان، ته توهان به پنهنجي تقدير بدلائي سگهو ٿا. بااختياري صرف ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي؛ بااختياري اهو آهي ته پاڻ کي اهميت ڏجي، پاڻ سان انصاف ڪجي، ۽ بنا خوف پنهنجي سچ سان جيئڻ گھرجي. اچو ته اڄ اهو عهد ڪريون ته اسين پنهنجي آواز کي دٻائڻ نه ڏينداسين، پنهنجي قدر کي گهٽ نه ڪنداسين، ۽ پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ اعتماد سان ڪنداسين.