اڄوڪو عورتن جو عالمي ڏينهن ڪامريڊ زبيده گهانگهرو کي منسوب ڪجي ٿو

حميده گهانگهرو

8 مارچ  جي تاريخ جدوجهد جي علامت طور اهم حيثيت رکي ٿي. نه وسارڻ گهرجي ته وقت، حالتن سان ڪجهه ڳالهين سان تبديلي ۽ نوان لاڙا پيدا ٿي سگهن ٿا. باوجود انهيءَ  جي ته ان تاريخ جي اهميت مضبوط قلعي وانگر تاريخي ورقن ۾  اڏول بيٺل ملندي آهي.

اڄوڪي ڏينهن تي مان جدوجهد، جاکوڙ، قرباني ۽ اميد تي زنده رهڻ واري هڪ ڪردار کي 8 مارچ جي جدوجهد ڪندڙ عورتن جي تسلسل  ۾ ياد  ڪندس. جيڪا منهنجي ڀيڻ زبيده گهانگهرو آهي. ڪجهه  ڏينهن اڳ وڇڙي ويل زبيده گهانگهرو جي ڪٿا به وڏي اهميت ۽ سڃاڻپ رکندڙ آهي. ٻالڪپڻي کان سمجهه ڀري ٿي ته نظرياتي شعور جي چادر مٿي تي ويڙهي اڳتي قدم وڌايائين. سندس جنم شاهه عنايت شهيد جي نعري ۽ قرباني ڏيندڙ هاري حقدار سان وچن ڪندڙ جدوجهد جي علامت ڪامريڊ هاشم گهانگهرو جي  گهر ٿيو. پيءَ جو ساٿ نڀائڻ لاءِ ننڍي هوندي کان هاري حقدار جو ڳاڙهو جهنڊو مضبوطي سان هٿن ۾ پڪڙي  اڳتي قدم وڌائڻ جي سکيا ورتي. ڪامريڊ هاشم گهانگهرو ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏيڻ بجاءِ کين اخبارون ۽  ڪتاب وٺي ڏيڻ کي ترجيح ڏني ۽ پوءِ شعور  جي دنيا ۾ زبيده گهانگهرو منهنجي وڏي ڀيڻ خورشيد گهانگهرو ننڍي ڀيڻ حميده گهانگهرو، ڀاءُ شفاعت گهانگهرو ۽ فيض گهانگهرو جي اثر هيٺ رهي  جاکوڙي سوچ کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو.

ننڍي هوندي کان انصاف ۽ حق گهرڻ جا بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجي بابا جي رهنمائيءَ ۾ سياسي سفر جي شروعات ڪئي. اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏيڻ لاءِ  محراب پور هاءِ اسڪول جا احتجاج سيسا پلائي  ديوار وانگر  ڌمڪين  جهڙن بي بنياد روين ۽ رجحانن کيس مايوس ٿيڻ نه ڏنو. ادي خورشيد جي جلد شادي ٿي . هن روهڙي سيمينٽ فيڪٽري تنظيم جي ساٿي ۽ يونين جي اڳواڻ اسرار خان جو  گهر وسايو پر هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ حميده گهانگهرو جيڪا اسڪول يونين جي جنرل سيڪريٽري هئي تنهن سان گڏجي جدوجهد جي سلسلي  کي هلايو. آخر ۾ پرامن احتجاج جلوس جي شڪل اختيار ڪئي جنهن ۾ شهر جي ماڻهن ۽ دڪاندارن شرڪت ڪئي. پر جڏهن هڪ ڪمپائونڊ ڪلينڪ بند ڪرڻ لڳو ته ان کي چيو  سي ته توهان ڪلينڪ کوليو جو اڪثر ڳوٺن جا مريض علاج لاءِ ايندا هئا. توڻي جو حميده گهانگهرو اسڪول جي جنرل سيڪريٽري هئي پر زبيده گهانگهرو جو ورتاءُ وڏي ڀيڻ وارو ۽ اصلاح ڪندڙ هيو. جلوس دوران پوليس لاٺي چارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ادي زبيده همت سان مقابلو ڪري اڳتي وڌڻ لڳي. پوليس جي لاٺي چارج تي ايس اين ايس ايف جو تنظيمي ساٿي ميان داد خاصخيلي پوليس تي مڇرجي پيو ته توهان اسان جي ڀيڻ کي لٺ ڪيئن هنئين.پوءِ پوليس به ٿورو پوئتي ٿي ۽  محرابپور جي  سوڙهين گهٽين مان نڪتي ته حسيني چوڪ تي ڄڻ پوليس جو  گهراءِ ڪيو ويو. نتيجي ۾ پوليس ڪنڊيارو، نوابشاهه ۽  نوشهرو کان گهرائي وئي جيڪا شهر کان چڱي طرح واقف  نه هئي. پوءِ اسان جو ڪامياب جلوس آخر اسٽيشن تي پهتو. اتان ٻين جون تقريرون ٿيون. جلوس دوران ڏاهري جنهن جو نالو ياد نٿو اچي اسڪول فيلو هو هڪ گڏهه کي هينگندو ڏسي پوليس کي چيائين هن کي گرفتار ڪيو 144 جي خلاف ورزي ٿو ڪري. بلڪل ايئن جيئن مسرور ڪمشنر جو نالو ڪتي تي لکيو ويو هو ته ان ڪتي کي به شوٽ ڪيو ويو هو.

هن ملڪ جي اقتدار ماڻيندڙن جا پنهنجا معيار  آهن. اليڪشن کان پهرين عوام کان ووٽ وٺڻ ويندا پر اليڪشن کان پوءِ عوام سان ناانصافي ۽ استحصال جو  رويو رکندا آهن. 1975ع ۾ عورتن جو عالمي سال هئو. جيڪو نصرت ڀٽو صاحبه پاڪستان ۾ پهرين دفعو  ڀرپور نموني سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. پر کيس شايد اها ڄاڻ نه هئي ته  سندس پاڪستان  پيپلزپارٽي جي حڪمراني ۾ محرابپور شهر مان اسڪول جي شاگردن طرفان احتجاج ڪرڻ تي شام ٿيندي پوليس بابا کي ساڻ ڪري گهر جي ڏاڪڻ جو دروازو کڙڪائي بابا کان چورايو ته پٽ پوليس توهان کان ٿاڻي تي ڪو بيان وٺندي جڏهن ته پوليس کي اسان ڀينرن کي گرفتار ڪرڻو هو. محرابپور ننڍو شهر ۽ نياڻين سي به اسڪول جون شاگردياڻيون انهن جي گرفتاري شهر جي ماڻهن لاءِ لونءَ ڪانڊريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو هو. شهر جا دڪان بند پيا ٿين شاهي بازار جو رستو سڌو ٿاڻي پيو وڃي هاڻي  انهيءَ رستي تي صبح جو فلڪ شگاف نعرا هڻندي جلوس ڪڍيو ويو ۽  رات ٿيندي پوليس ٻن نياڻين ۽ سندن والد صاحب کي انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪري  وٺي پئي وڃي ته پيءَ ڌيئرن کي ڇو ڪونه منع ڪيو.  اسان اهو ته پڙهندا ۽ ٻڌندا هئاسين ته ڪنهن خوني يا چور يا ڌاڙيل جي پڪڙ ۾ نه اچڻ ڪري مائٽن کي هراسان ڪيو ويندو هو. پر بابا ۽ ٻنهي ڌيئرن جي ڪاليج  جي مطالبي ڪرڻ کان نه روڪڻ تي گرفتار ڪيو ويو. ڇا ته جمهوريت هئي!

ٿاڻي تي پهچڻ وقت سامهون صوبيدار ڪرسي تي  ڦوڪيو ويٺو هو. بابا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ زبيده ۽ مون کي به طنزيه انداز ۾ چوڻ لڳو هاڻي ٿاڻي جي کولي ۾ نعرا هڻجو. ادي زبيده چيس ايتريون اسان ننڌڪڻيون  ناهيون. ٻاهر اسان جا ساٿي آزادي جا نعرا  هڻندا. صوبيدار  ته ڪنڌ هيٺ ڪيو ٿوري دير ۾ شهر جي چڱي مڙس صاحب ڏني کي چيو ته هنن ٻنهي (زبيده ، حميده)  کي گهر وٺي وڃو باقي هنن جي پيءُ سان ڳالهايون ٿا. اسان اڃان گهر پهتاسين ته واپس صاحب ڏنو ميمڻ آيو ۽ چيائين ته هاڻي ٿاڻي تي هلو توهان جي بابا  توهان کي گهرايو آهي. حالانڪه بابا کي چالان ڪري ڪنڊيارو ٿاڻو وٺي ويا ۽ ڪنڊيارو ٿاڻي جو صوبيدار اسماعيل سولنگي  محرابپور  مان گرفتار ڪري کيس ڪنڊيارو ٿاڻي وٺي ويو. سيءُ تمام  گهڻو هو ادي زبيده اهو چيو ته دل ئي دل ۾ نعرا ٿا هڻون ته جيئن سيءُ جو احسان نه ٿئي. هي تفصيلي ذڪر مون پنهنجي ڪتاب پيڙا جو سفر ۾ ڪيو آهي. آزادي  کان پوءِ محرابپور ۾ غلام رسول سهتو، دائم ٻروچ، ميان داد خاصخيلي، مير ڪاظم ۽ شهر جي لاتعداد  ماڻهن اهو چئي استقبال ڪيو ته انقلابي تاريخ جي جدوجهد جي سورمين اسان جا ڳاٽ اوچا ڪيا.

زبيده گهانگهرو شادي کان پوءِ به پنهنجو سياسي ۽ نظرياتي  سفر ساهه جي آخري گهڙي تائين جاري رکيو. سندس ور اڻ پڙهيل هو پر نهايت  سمجهدار هو. هن زال تي روايتي  مردن وانگر پابندي نه مڙهي پر ڀرپور آزادي  ڏني. بلڪ خوش ٿي ٻڌائيندو هو ته زبيده تنهنجا ساٿي پڙهيل ۽ سٺا آهن تون پنهنجي جدوجهد جاري رک. جڏهن استاد جي حيثيت  ۾ سکر کان  ٿورو پري لال مشتاق اسڪول  ۾ پڙهائڻ ويندي هئي ته سندس سس جيڪا ماسي به هئي، ساڻس گڏ ويندي  هئي ڇاڪاڻ ته 80 جي ڏهاڪي ۾ اڃان ايتري آزادي سان هلڻ جو ماحول نه هئو ۽ پوءِ  فورن سکر  شهر جي اسڪول ۾ بدلي ٿي. هاڻي  زبيده گهانگهرو استادن  جي ڳنڀير مسئلن آڏو ڪيئن اکيون بند رکي تنهن ڪري  پ ٽ الف ۾ رهي جاکوڙ جاري رکيائين. انهن ڏينهن ۾ هڪ من گهڙت ۽  استادن کي پريشان ڪرڻ واري سازش ٿي ته استادن کان ٻيهر انٽرويو ورتا وڃن. زبيده گهانگهرو ان تي اهو موقف رکيو ته استادن  کي نئين ڪورس مطابق ٽريننگ ڏئي رفريشر ڪورس ڪرايا وڃن. استادن جي تذليل ڪري نااهل قرار ڏيڻ بي عقلي ۽  ناداني آهي. سندس اهو جملو ڏاڍو مشهور هئو ته ”جيڪي حڪمران اڄ حڪمراني ڪن ٿا اهي به انهن استادن جا پڙهايل آهن پوءِ پهرين انهن کي نااهل ڪيو وڃي.“ سندس حق سچ جا جملا  چارج  شيٽ هيا. تنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ کيس نوڪري تان هٽايو ويو پر هيءَ مايوس  نه ٿي سندس ننڍڙا ٻار ۽ گهر  جون معاشي  حالتون به ايتريون بهتر نه هيون پر تڏهن به سر تي ڪفن ۽ پيرن سان  پٿر ٻڌي هلڻ واري انقلابي عورت لاءِ اهي سڀ تڪليفون  بي هيون جيترو وقت به استاد جي حيثيت ۾ رهي هن استادن جي تحريڪ کان پاڻ کي الڳ نه ڪيو.

رٽائر ٿين کان پوءِ انساني حقن جي تنظيمن، عورتن ٻارن ۽ مظلوم محڪومن لاءِ هميشه آواز بلند رکيو. توڻي جو کڻي شوگر  جي مرض، بلڊپريشر ۽ ٻه سال اڳ فالج جي اٽيڪ کان پوءِ دوائون صحت جو ساٿ  پيون ڏين پر سندس حوصلو سڀني بيمارين کي لاچاري جي اوڙاهه کان پاسيرو رکيو.  سندس ڌيءَ حميرا منگي  جيڪا وڪيل آهي ۽ سڀ کان ننڍي ڌي سڳنڌ هميشه گڏ رهيس. جڏهن روهڙي باءِ پاس تي وڪيلن  جو ڌرڻو هئو ته زبيده گهانگهرو کان رهيو  نه ٿيو ۽ ڌيئرن کي چيائين ته مون کي وٺي هلو. هٿ کان پاڻ جهلائي به ٽرڪ تي بيهي وڪيلن جي جدوجهد ۾ حوصلا افزائي ڪندي رهي. هو جسماني طرح ته ڪافي  ڪمزور ٿي چڪي هئي پر سوچ فڪر ۽ جدوجهد ۾  50 سال اڳ واري زبيده گهانگهرو جي ڀرپور للڪار ۽ جذبو ساڳيو هئو.

مان سندس  آخري رسمن ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس ۽ شريڪ ٿي ڏسي به نه سگهان هان. منهنجي لاءِ ڄڻ امر آواز ۽ سجاڳي جا گونجندڙ آواز هميشه امر رهندا.  هوءَ منهنجي ڀيڻ  کان وڌيڪ بهترين  دوست ساٿي هئي. مان ته زندگي جي تجربي ۾ رشتن ناتن جي اهميت سمجهان ٿي. هن سري کاڌل سماج ۾ جتي نفرتون بغض، منافقيون هجن اتي حميده ۽  زبيده جا انقلابي جذبا ماٺا نٿا ٿي سگهن بس ڏک صرف اهو آهي ته ان جي اثراتن جا پاڇا ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿا وڃن.

زبيده گهانگهرو پنهنجي  وچن ڪيل زندگيءَ سان محبت پيار، شفقت، انسانيت  جو ناتو جوڙي  وئي آهي جيڪو سسيءَ ۾ ساهه تائين رهندو. وڃڻ کان پوءِ تاريخ جي ورقن ۾ ضرور ڪو پنو اٿلائيندي نظر ايندو. سو ڪامريڊ  زبيده گهانگهرو 8 مارچ جي جدوجهد جي دور جو تسلسل آهي، کيس سرخ سلام

اسان امڙ جي ڪک مان جنم وٺي هڪ پيءُ ماءُ مان جون ڌيئرون هيون پر زندگيءَ جي جدوجهد ۽ نظرياتي سفر ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج  ۾ ويهي هميشه انسانيت جي ڳالهه ڪئي. ادي زبيده ٿورو اڳ هلي وئي پر سندس ساٿ جي هٿ جون آڱريون اڄ  به هٿن کي پڪڙي بيٺيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.