’ريجيم چينج‘ جو سامراجي تصور

مظهر عباس

لاطيني آمريڪا کان ايران تائين زور زبردستي سان ’ريجيم چينج‘ جي پوري هڪ تاريخ ’سامراج‘ سان لاڳاپيل رهي آهي. تنهنڪري گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايران خلاف جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي حيراني ناهي. البت اتي جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي آمريڪي-اسرائيلي حملي ۾ شهادت هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شايد صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ’ريجيم چينج‘ وارو خواب ”شرمنده تعبير“ نه ٿي سگهي. هڪ ويو ته ٻيو تيار، اهو ويو ته ٽيون. بهرحال، هن جنگ ڪيترن اهڙن ملڪن کي به وائکو ڪري ڇڏيو، جن جي سرزمين شايد گهڻي عرصي کان ’آمريڪي اڏن‘ لاءِ استعمال ٿي رهي هئي. آخر ڪو ته سبب هوندو جو ذوالفقار علي ڀٽي اپريل 1977ع ۾ آمريڪا کي ’سفيد هاٿي‘ سان تشبيهه ڏني ۽ چيو: ”هي سفيد هاٿي منهنجي جان جو دشمن آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته مون ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو آهي.“ ايندڙ سالن ۾ اها سموري قيادت رستي تان هٽائي وئي، جنهن 1974ع ۾ ’اسلامڪ بلاڪ‘ جو تصور ڏنو هو.

اهم ڳالهه اها ناهي ته توهان جنگ کٽي يا هاري، پر اها آهي ته توهان اها جنگ ڪيئن ۽ ڪيتري بهادري سان وڙهي. اڄ جو ايران، شاهه جي ايران کان بلڪل مختلف آهي، ۽ شايد هاڻي رضا پهلوي جهڙن ماڻهن جي ايران ۾ واپسي جو تصور ”ديواني جو خواب“ کان گهٽ ناهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 1979ع جي ايراني انقلاب کان اڄ تائين ايران اندروني ۽ معاشي طور گهڻو مستحڪم نه رهيو آهي. اهو به سچ آهي ته اتي امام خميني جي دور کان ئي سياسي ڇڪتاڻ جاري رهي آهي، چاهي اها ڪميونسٽ توده پارٽي هجي يا مجاهدين خلق. پر جڏهن ايران تي سامراج حملو ڪيو ته ساڳي توده پارٽي ان کي بيروني جارحيت قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي-اسرائيلي ’ريجيم چينج‘ منصوبي خلاف بيهي رهي. ايران ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ايراني پارليامينٽ کي ڌماڪن سان اڏايو ويو، پر قوم پوءِ به متحد رهي. تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي قبضي وقت جيڪي ’خفيه دستاويز‘ مليا، تن ۾ ڪيترائي ’پاڪستاني پيپر‘ به شامل هئا، جن کي پڙهي اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هن خطي ۾ آمريڪي ارادن ڇا رهيا آهن. پاڪستان کان افغانستان تائين. پاڪستان ۾ 1977ع واري ’ريجيم چينج‘ پٺيان به ساڳيو هٿ نظر اچي ٿو، ۽ پوءِ ڀٽو جي ڦاسي ۾ به.

ايران ’خميني کان خامنه اي تائين‘ مزاحمت جي علامت طور نظر اچي ٿو. البته اتي ’ريجيم چينج‘ جو پنهنجو هڪ طريقو رهيو آهي، جنهن جو وڏو مثال هر پنجن سالن بعد سندن نظام تحت صدر ۽ شورا جي چونڊ آهي، جيڪا بهرحال هڪ مروج پارلياماني نظام کان مختلف آهي. امام خميني جي وفات بعد 1989ع ۾ آيت الله خامنه اي کي ايران جو سپريم ليڊر بڻايو ويو، ۽ اهو عهدو سندس شهادت تائين رهيو. اهي سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن وقت ايراني انقلاب جي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيا آهن. سادي زندگي ايران جي مزاج جو حصو رهي آهي؛ شايد انهيءَ ڪري جڏهن خميني جلاوطني ختم ڪري واپس آيو ته شاهه جي محل بدران اهڙي زندگي اختيار ڪئي جنهن هڪ عام ايراني کي متاثر ڪيو. ايندڙ ايراني حڪمرانن جو طرز حڪمراني به اهڙو ئي رهيو. ڪاش اسان جي اشرافيه ان جو رڳو ٻه سيڪڙو به اختيار ڪري وٺي ها.

آيت الله خامنه اي جي دور ۾ ايران کي پنهنجو نيوڪليئر پروگرام شروع ڪرڻ جي پاداش ۾ سخت ترين معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو. سڀني يقين ڏيارين ۽ بين الاقوامي اصولن تي عمل ڪرڻ باوجود، آمريڪا جي اثر هيٺ گڏيل قومن طرفان سخت اقتصادي پابندين کي ڏسڻو پيو. ڇاڪاڻ⁠ ته سامراج ڪنهن به اهڙي ريجيم کي برداشت نٿو ڪري، جيڪو دنيا ۾ مزاحمت جي علامت بڻجي وڃي؛ تنهنڪري خامنه اي ۽ ايراني قيادت تي دٻاءُ وڌندو رهيو، ۽ آخرڪار اهو ئي ٿيو جنهن جي تلاش ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل شروع کان هئا. فرق رڳو ايترو آهي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ايران ۾ قيادت جي شهادت نئين قيادت کي جنم ڏئي ٿي.

تازن سالن ۾، يا ائين چئجي ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان، اسان سامراج جي ’ريجيم چينج‘ واري تصور جي عملي صورت عراق کان شام، ليبيا ۽ مصر تائين ڏٺي آهي. ڪٿي ليڊر ماريا ويا، ته ڪٿي حڪومتون ختم ڪيون ويون. ڀٽو، شاهه فيصل، ياسر عرفات، قذافي ۽ هاڻي خامنه اي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن. عراق ۾ صدام حسين سان جيڪو ڪجهه ٿيو، سندس پاليسين سان اختلاف باوجود، اهو سڀ ڪوڙ ۽ فريب کان سواءِ ڪجهه به نه هو. دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن شخص جي ڦاسي سڌي ريت ڏيکاري وئي، پر دنيا ۽ انساني حقن جون تنظيمون خاموش رهيون.

دنيا 9/11 کان پوءِ نه، پر 1979ع کان پوءِ تبديل ٿي. هڪ ڀيري آمريڪا جي دوري دوران مون هڪ پريس بريفنگ ۾ آمريڪي ترجمان کان پڇيو: ”ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته 9/11 کان پوءِ آمريڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ڪرڻ لاءِ دنيا ڀر ۾ ڪيترائي ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا، ڇا اها ختم ٿي، گهٽ ٿي يا وڌي وئي؟“ هو ڪجهه دير خاموش رهيو، پوءِ چيائين: ”ها، توهان درست ٿا چئو، اها وڌي آهي، پر اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ان کي ختم ڪرڻ جي.“ اها ڳالهه 2010ع جي آهي. مون کيس چيو: ”جائزو وٺو ته آخر اها وڌي ڇو آهي.“ جڏهن آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن اسلام آباد جي دوري تي آئي ته صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته اسان جي سموري امداد ۽ ڪوششن باوجود هتي آمريڪا مخالف جذبا ڇو آهن؟ ان تي مون ۽ ٻين ساٿين چيو: ”ان جو جائزو اوهان کي پاڻ وٺڻو پوندو، رڳو سرڪاري بريفنگ تي نه وڃو.“

آيت الله خامنه اي ۽ سندس خاندان جي ڪيترن فردن ۽ اهم ڪمانڊرن جي شهادت خود ايراني قيادت لاءِ بيشمار سوال ڇڏي وئي آهي. پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته آمريڪا ڪنهن به حوالي سان قابل اعتماد ناهي. هي جنگ به اهڙي وقت شروع ٿي جڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي هئي؛ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿي وڃن ها ته ’اسرائيلي منصوبو‘ وائکو ٿي وڃي ها. پوءِ جيڪڏهن ايران سان ائين ٿي سگهي ٿو ته حماس سان ڇو نه ٿي سگهي؟ ڇا هاڻي ’بورڊ آف پيس‘ تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو؟ غزه ۾ هزارين فلسطيني، عورتن ۽ ٻارن سميت، شهيد ڪيا ويا. سامراج جي ’ريجيم چينج‘ واري تصور دنيا کي اڄ نه پر سالن کان غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته هاڻي سامراج ۽ ان جا اتحادي، ٽرمپ جي قيادت هيٺ، وائکا ٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.