مسلم دنيا وري ٻه واٽي تي بيٺل: هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟

سهيل وڙائچ

ايراني سپريم ڪمانڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کان پوءِ مسلم دنيا هڪ ڀيرو وري ٻه واٽي تي بيٺي آهي. ايراني نظام جا حامي هجن يا ان جا سخت مخالف، سڀني لاءِ اهو سوچڻ جو لمحُو آهي ته ڇا مسلم دنيا ايران وانگر ڊٽ ڪري مزاحمت ڪري؟ غزه وانگر ايتريون قربانيون ڏئي جو اسرائيل ۽ آمريڪا جو ظلم اخلاقي طور شڪست کائي وڃي؟ يا وري مغرب سان باعزت سهڪار جو ڪو رستو اختيار ڪيو وڃي؟ تهذيبن جي ٽڪراءَ جي بحث ۾ مسلم دنيا وري وري ساڳئي سوال تي موٽي اچي ٿي، جنهن تي پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان وٺي بحث جاري آهي. نوآباديتي نظام کان آزادي ملڻ ۽ پنجاهه کان وڌيڪ مسلم ملڪن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به بنيادي مسئلو اهو ئي رهيو آهي ته ڇا مسلم دنيا اصلي اسلام ۽ مشرقي سڃاڻپ سان مغربي دنيا جي ترقي، تهذيب ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو مقابلو ڪري؟ يا مغربي تهذيب جون قدرون اختيار ڪري، مذهب کي يورپ وانگر ذاتي معاملو قرار ڏئي مشرقي سماج کي جديد رخ ڏئي؟ مغرب ۽ اوڀر جو بنيادي تضاد به اهو ئي آهي، جنهن کي ڪڏهن اسلام ۽ ان جي مخالفن جي صورت ۾، ڪڏهن جمهوريت ۽ ان جي مخالف نظرين جي صورت ۾، ته ڪڏهن هڪ ٻئي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش طور بيان ڪيو ويندو آهي.

غزه جي تباهي، عراق جي بربادي، ليبيا جي ورهاست، شام ۾ غيرمعمولي تبديليون ۽ ايران ۾ علي خامنه اي جي شهادت گذريل سؤ سالن کان موجود اهو ئي سوال ڪوبرا نانگ وانگر مسلم دنيا اڳيان بيٺو آهي ته پنهنجي سڃاڻپ، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪجي ته جيئن دنيا جي ٻين قومن وانگر امن ۽ ترقيءَ جي شاهراهه تي هلي سگهجي. هاڻي نبي سڳورن  جي آمد جو سلسلو بند ٿي چڪو آهي. مذهبي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو فرض آهي ته هو مسلمانن لاءِ ڪنهن رستي جو چونڊ ڪن.

ٻئي پاسي مسلم دنيا ۾ مغرب کي مڪمل رد ڪرڻ، ان سان مقابلو ڪرڻ ۽ “اصل اسلام” ڏانهن واپسي کي بهترين رستو سمجهڻ جي روايت به مضبوط رهي آهي. مصر جي اخوان المسلمين، هند-پاڪ جي جماعت اسلامي ۽ ٻين اسلامي جماعتن اسلام کي مڪمل ضابطه حيات طور پيش ڪيو ۽ جمهوريت جي متبادل سياسي ۽ معاشي نظام جو تصور ڏنو. ايران ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ فقہ جعفريه موجب حڪومت جو ماڊل ٺهيو، جنهن ۾ سپريم ليڊر کي اعليٰ مذهبي حيثيت ڏني وئي. سعودي عرب، اردن ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ بادشاهتي نظام جاري رهيو.

ڇا تهذيبن جو ٽڪراءُ جاري رهندو؟ ڇا اوڀر ۽ اولهه جي قدرن ۾ ڪو گڏيل عمل ممڪن ناهي؟ ڇا اسلام واقعي مغرب لاءِ خطرو آهي؟ ڇا مسلم ملڪ موجوده حالتن ۾ مغرب سان ٽڪراءَ ذريعي ترقي ڪري سگهن ٿا يا مصالحت ذريعي اڳتي وڌي سگهن ٿا؟ اسامه بن لادن جي نائن اليون واري ڪارروائي مسلم دنيا لاءِ فائدي واري ثابت ٿي يا نقصانڪار؟ طالبان جون تعليمي ۽ عورتن بابت پاليسيون دنيا آڏو اسلام جو مثبت تاثر پيش ڪن ٿيون يا منفي؟

حقيقت اها آهي ته علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مسلم دنيا مغرب کان گهڻو پوئتي آهي. جديد ايجادن ۾ اسان جو حصو انتهائي محدود آهي. جديد جنگين ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊرون ٽيڪنالاجيءَ ذريعي هدف چونڊيا وڃن ٿا. غزه ۽ لبنان ۾ به اهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ٿي. ايران ۾ به جنهن کي نشانو بڻائڻو هجي، آساني سان بڻايو وڃي ٿو. بنا زميني فوج لاهڻ جي شدت پسند قيادت کي ختم ڪيو ويو. مسلم دنيا جا وڏا دعويدار اڳواڻ محفوظ پناهه گاهون به نه ٺاهي سگهيا. ڪاش مسلم دنيا ۾ ڪو ڏاهو اڳواڻ پيدا ٿئي ڪو امام غزالي، ابن عربي، نورالدين زنگي يا صلاح الدين ايوبي جهڙو. جيڪو مسلم دنيا کي علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي راهه ڏيکاري ۽ ويڙهن بدران امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ ڏانهن ڌيان ڏئي.

مرزا اسد الله خان غالب پاڻ کي اڌ مسلمان چوندا هئا، پر وڏي بصيرت رکندڙ هئا. هن سيد احمد خان کي صلاح ڏني ته آئينِ اڪبري بدران مغربي دنيا جي دستور ڏانهن نظر وڌي وڃي. سيد احمد خان مغربي تعليم لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي. مولوي مير حسن سيد احمد خان جي خيالن کان متاثر هئا ۽ اهي خيال علامه محمد اقبال تائين پهتا. پوءِ اقبال تصورِ پاڪستان ڏنو. اهڙيءَ طرح فڪري آزاديءَ جو سلسلو غالب کان سيد احمد خان، اتان مولوي مير حسن، پوءِ علامه اقبال ۽ نيٺ پاڪستان جي آئين تائين پهتو. اسلامي دنيا ۾ شايد اهو ئي واحد دستاويز آهي جيڪو اسلام ۽ جمهوريت کي گڏ کڻي هلڻ ۽ قديم ۽ جديد کي گڏ ملائڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. افسوس جو پاڪستان ۾ به هن مقدس دستاويز جي مڪمل قدر نه ڪئي وئي آهي، ۽ باقي مسلم دنيا اڃا به دوراهي تي بيٺي آهي. رستو موجود آهي صرف عمل جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.