دنيا جي تاريخ جڏهن به پڙهون ٿا ته ان جا صفحا رت سان رڱيل نظر اچن ٿا. انسان، جيڪو پاڻ کي عقل ۽ شعور جو تاجدار سمجهي ٿو، اڪثر پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي گهر کي باهه ڏئي ويهي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا هن ايٽمي دور ۾، جڏهن هڪ بٽڻ دٻجڻ سان سڄي ڌرتي رک ٿي سگهي ٿي، جنگين کي روڪڻ لاءِ دنيا اندر ڪو وڏو، ڪو ذميوار، ڪو اخلاقي قوت وارو اڳواڻ باقي ناهي رهيو؟
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا امن، گڏيل ملڪن ۽ عالمي قانونن جو خواب ڏٺو هو يو اين او جي قيام جو مقصد ئي اهو هو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. پر اڄ جڏهن اسان يوڪرين، فلسطين، يمن ۽ ٻين خطن ڏانهن ڏسون ٿا ته لڳي ٿو ڄڻ عالمي ادارا رڳو بيان جاري ڪرڻ تائين محدود ٿي ويا آهن. طاقتور ملڪ پنهنجا مفاد بچائڻ لاءِ قانونن کي لتاڙي ڇڏين ٿا، ۽ ڪمزور قومون عالمي سياست جي شطرنج تي پيادن وانگر قربان ٿين ٿيون.
هن تناظر ۾ آمريڪا جو ڪردار هميشه تڪراري رهيو آهي. پاڻ کي جمهوريت، انساني حقن ۽ آزاديءَ جو علمبردار سڏيندڙ رياست ڪيترن ئي ملڪن ۾ فوجي مداخلتن، معاشي پابندين ۽ سياسي دٻاءَ ذريعي پنهنجو اثر وڌائيندي رهي آهي. خاص طور تي موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ آمريڪا فرسٽ جو نعرو عالمي هم آهنگي بدران ملڪي مفادن جي جارحانه حفاظت جو استعارو بڻجي ويو آهي.
ٽرمپ جي سياسي تقريرن ۾ طاقت جو اظهار نمايان رهيو آهي. ايران سان سخت لهجو، وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي انڌي حمايت، چين سان واپاري جنگ، ۽ نيٽو اتحادي ملڪن تي دٻاءُ اهي سڀ قدم هڪ اهڙي دنيا جي عڪاسي ڪن ٿا جتي سفارتڪاريءَ جي جاءِ تي ڌمڪيون ۽ معاشي هٿيار استعمال ڪيا وڃن ٿا. سوال اهو ناهي ته مُلڪي مفادن جو تحفظ ڇو ڪيو وڃي؛ سوال اهو آهي ته ڇا اهو تحفظ ٻين قومن جي خودمختياري ۽ امن جي قيمت تي هئڻ گهرجي؟ مثال طور فلسطين جو مسئلو ڏسون. ڏهاڪن کان جاري تڪرار ۾ هزارين بيگناهه زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن. جڏهن عالمي برادري غيرجانبدار ٽياڪڙي ٿيڻ بدران هڪ ڌر ڏانهن جهڪي وڃي ٿي ته امن جو ترازو پاڻمرادو ٽٽي پوي ٿو. آمريڪا جي پاليسين کي ڪيترن ئي حلقن ۾ سامراجي سوچ جو تسلسل قرار ڏنو ويو آهي، جتي طاقتور ملڪ پنهنجي جيوسياسي مفادن لاءِ ڪمزور ملڪن کي دائمي ڇڪتاڻ ۾ رکڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
ٽرمپ انتظاميا جو هڪ اهم پهلو معاشي پابندين جو وڌندڙ استعمال پڻ رهيو آهي. ايران، وينزويلا ۽ ٻين ملڪن تي سخت پابندين جو نتيجو اهو نڪتو جو عام ماڻهو مهانگائي، دوائن جي کوٽ ۽ بيروزگاريءَ جي عذاب ۾ مبتلا ٿيا. سياسي قيادت شايد محفوظ محلن ۾ رهي، پر پابندين جو وار هميشه عام شهرين تي پوي ٿو. ڇا هي انساني حقن جي حمايت آهي يا جديد دور جي معاشي جنگ؟
اهو به سچ آهي ته آمريڪا اندر به ٽرمپ جي پاليسين تي شديد تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪيترن آمريڪي دانشورن ۽ سياستدانن خبردار ڪيو آهي ته دنيا کي دوست ۽ دشمن جي سادي ورهاست ۾ ڏسڻ خطري کان خالي ناهي. عالمي سياست ايتري سادي ناهي؛ هتي مفادن جا جال، ثقافتي حساسيت ۽ تاريخي زخم شامل آهن. جيڪڏهن طاقتور ملڪ پنهنجي هر اختلاف کي ملڪي وقار جو مسئلو بڻائي وٺي ته پوءِ ڳالهين جا دروازا بند ٿي وڃن ٿا.
اسان کي اهو به سوچڻو پوندو ته ڇا رڳو آمريڪا ئي ذميوار آهي؟ يقيناً نه. روس، چين، يورپي طاقتور ملڪ، ۽ علائقائي قوتون به پنهنجي پنهنجي مفادن لاءِ سياسي شطرنج کيڏن ٿيون. پر جڏهن دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي ۽ معاشي طاقت وٽ امن قائم ڪرڻ يا باهه ڀڙڪائڻ واريون ٻئي صلاحيتون موجوده هجن ته پوءِ ان جي ذميواري به ٻين کان وڌيڪ بڻجي وڃي ٿي. سوال اڃا به ساڳيو آهي: ڇا ڪو وڏو ناهي رهيو؟ شايد وڏو هجڻ جو تصور ئي بدلجي ويو آهي. اڳواڻن جي عظمت سندن فوجي طاقت ۾ نه، پر سندن اخلاقي جرئت ۾ هئڻ گهرجي. نيلسن منڊيلا جهڙا اڳواڻ پنهنجي مخالفن کي معاف ڪري کين گڏ کڻي هليا. مهاتما گانڌي عدم تشدد کي سياسي طاقت بڻايو. اڄ جي دنيا کي اهڙي اخلاقي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪي ۽ ڳالهين جي روايت کي هٿي ڏئي.
جڏهن عالمي ادارا ڪمزور ٿين، ميڊيا مفادن جي زيرِ اثر اچي وڃي، ۽ سوشل ميڊيا نفرتن کي وڌائي، تڏهن عام ماڻهو پاڻ کي بي وس محسوس ڪري ٿو. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ويٺل ماڻهو جڏهن شام يا فلسطين جي تصويرون ڏسن ٿا ته سندن دل ۾ اهو سوال ضرور اڀري ٿو ته ڇا انسانيت واقعي ترقي ڪئي آهي يا رڳو هٿيار وڌيڪ جديد ٿيا آهن؟ ٽرمپ جي پاليسين جي تنقيد ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪي عوام سان دشمني ڪئي وڃي. هر ملڪ اندر مختلف آواز موجود آهن. پر جڏهن طاقت جي سياست انساني جانين کان مٿي ٿي وڃي، تڏهن صحافت، دانشور ۽ باشعور شهري پنهنجو اخلاقي فرض ادا ڪن ٿا ته جنگ ڪنهن مسئلي جو مستقل حل ناهي؛ اها صرف نئين نفرتن، نون انتقامن ۽ نئين تباهين کي جنم ڏئي ٿي.
اڄ جيڪڏهن دنيا کي بچائڻو آهي ته طاقتور ملڪن کي پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو. هٿيارن تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر جيڪڏهن تعليم، صحت ۽ ماحولياتي تحفظ تي لڳن ته شايد دنيا وڌيڪ محفوظ هجي. موسمياتي تبديلي، بک ۽ بيماريون اصل دشمن آهن، نه ڪي هڪ ٻئي جا ملڪ. شايد اسان کي ڪنهن هڪ وڏي جي انتظار بدران گڏيل اخلاقي بيداري جي ضرورت آهي.سو سوال رڳو اهو ناهي ته دنيا اندر ڪو وڏو ڇو ناهي رهيو؛ سوال اهو آهي ته ڇا اسان پاڻ پنهنجي ضمير کي وڏو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟ جيڪڏهن طاقتور ملڪ، خاص ڪري آمريڪا جهڙا، پنهنجي سامراجي روش تي نظرثاني نه ڪندا، ته دنيا نئين سرد جنگن ۽ علائقائي باهين ڏانهن وڌندي رهندي