مسٽر پريزيڊنٽ، اوھان هي جنگ ڇو شروع ڪئي آهي، اوھان جلد ئي پڇتائيندئو!

حامد مير

اهو ئي سوال آهي جيڪو نيو يارڪ ٽائيمز 28 فيبروري 2026ع تي پنهنجي اداريي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان پڇيو آهي۔ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي هڪ وڌيڪ حملي کان چند ڪلاڪ اڳ عالمي ميڊيا اها خبر هلائي رهي هئي ته عمان جي ڪوششن سان جنيوا ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن۔ ٽرمپ انهن ڳالهين کي به دوکي لاءِ استعمال ڪيو ۽ ڳالهين دوران ئي ايران تي حملو ڪري ڇڏيو۔ ان حملي جي نتيجي ۾ هڪ نئين جنگ جي باهه سڄي وچ اوڀر ۾ پکڙجي چڪي آهي۔ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي زندگي ختم ٿيڻ کان پوءِ هن جنگ جا شعلا وڌيڪ ڀڙڪندا۔

ظاهري طور ٽرمپ جو مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نظر اچي ٿو، پر ڇا حڪومت جي تبديلي سان ايران ۾ استحڪام اچي ويندو؟ ٽرمپ ۽ بنيامين نيتن ياهو گڏجي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي ڏاڪڻ تي آڻي بيهاريو آهي۔ مون پهرين جنوري 2026ع تي روزاني جنگ ۾ اڳتي خطرو ئي خطرو جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ۾ خدشو ظاهر ڪيو هو ته دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ هن خطري کان بچڻ لاءِ سڀني کي گڏجي نيتن ياهو کي روڪڻو پوندو۔ نيتن ياهو کي رڳو ٽرمپ روڪي سگهي پيو، پر افسوس هو سندس ساٿي بڻجي ويو ۽ خامنه اي جي موت جو اعلان ڪري داد گهري رهيو آهي۔ڇا هي جنگ رڳو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي تائين محدود رهندي؟ نيو يارڪ ٽائيمز آمريڪي صدر کان جنگ شروع ڪرڻ جو سبب ڇو پڇي رهيو آهي؟ ڇا ان اخبار جي اداريي بورڊ اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائڪ هاڪبي جو اهو انٽرويو نه ٻڌو، جنهن ۾ هن کليل لفظن ۾ گريٽر اسرائيل جي حمايت ڪئي هئي؟ هن جنگ جي شروعات کان اڳ ٻه اهم واقعا پيش آيا، جن جو گريٽر اسرائيل جي منصوبي سان گهرو تعلق آهي۔ پهريون واقعو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اسرائيل جو دورو هو۔ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هن دوري کان هڪ ڏينهن اڳ چيو ته هو ڀارت سان گڏجي شيعا ۽ سني انتهاپسندن خلاف هڪ وسيع علائقائي اتحاد ٺاهيندا۔ هن بيان مان ظاهر ٿي رهيو هو ته اسرائيل ۽ ڀارت گڏجي مسلمانن کي فرقي جي بنياد تي ورهائڻ ۽ انهن خلاف جارحيت ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا۔

ٻيو اهم واقعو اهو هو ته جيئن ئي مودي اسرائيل پهتو ته افغان طالبان پاڪستان سان لڳندڙ سرحد تي هڪ ئي وقت 51 حملا ڪيا۔ پاڪستان انهن حملن جو انتهائي تيزيءَ سان سخت جواب ڏنو ۽ پهريون ڀيرو افغانستان کي اهو احساس ڏياريو ته هن هڪ ايٽمي طاقت کي للڪاريو آهي۔ مان زبردستي ڪو تعلق نٿو ڳوليان، پر اها ڳالهه ضرور معلوم آهي ته اسرائيل ۾ ڀارت جو موجوده سفير جي پي سنگهه نومبر 2024ع ۾ ڪابل ويو هو ۽ طالبان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون هيون۔ جي پي سنگهه اسلام آباد ۾ به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ طالبان کي دهليءَ جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته ڀارت طالبان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

26 ۽ 27 فيبروري جي وچ واري رات جڏهن طالبان پاڪستان تي حملا ڪيا ته مودي جي اسرائيل ۾ موجودگي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ ڪير ڄاڻي، شايد ڪنهن مسلمان کي مسلمان سان ويڙهائڻ جي سازش تحت اهو مشورو ڏنو ويو هجي۔ پاڪستان کي ڀارت ۽ اسرائيل جي ڀائيواري بابت چڱي طرح ڄاڻ آهي ۽ اهو خدشو موجود هو ته هن ڀائيواري جي نتيجي ۾ پاڪستان خلاف سڌي يا اڻ سڌي جارحيت ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ افغان طالبان به شامل هجن۔ تنهن ڪري اهڙي ڪنهن به امڪاني خطري کان اڳ ئي افغانستان اندر وڃي جواب ڏنو ويو۔

هاڻي اچون ٽرمپ ۽ نيتن ياهو پاران شروع ڪيل نئين جنگ ڏانهن، جيڪا وچ اوڀر کان ڏکڻ ايشيا ڏانهن وڌي رهي آهي۔ جڏهن مائڪ هاڪبي گريٽر اسرائيل جي حمايت ڪئي ته مون کي 2006ع جي لبنان-اسرائيل جنگ ياد اچي وئي۔ ان جنگ دوران مان ڪيترائي هفتا لبنان ۽ شام ۾ رهيو هوس۔ ان وقت برطانوي صحافي رابرٽ فسڪ بيروت ۾ موجود هو ۽ دنيا ڀر جا صحافي سندس ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا۔ فسڪ کان مون پهريون ڀيرو گريٽر اسرائيل جي منصوبي بابت ٻڌو۔ هو چوندو هو ته صهيوني هن منصوبي جو جواز مذهبي ڪتابن مان ڳولين ٿا، پر حقيقت ۾ اهو سياسي ۽ معاشي بالادستي جو منصوبو آهي۔

ساڳئي وقت هڪ آمريڪي فوجي ڪرنل رالف پيٽرز جو نالو به سامهون آيو، جنهن 2006ع ۾ هڪ فوجي جرنل ۾ نئين وچ اوڀر جو نقشو شايع ڪيو هو، جنهن ۾ شام، اردن، لبنان، مصر، عراق ۽ سعودي عرب جون سرحدون تبديل ڪيل ڏيکاريل هيون۔ ان نقشي ۾ آزاد ڪردستان ۽ آزاد بلوچستان به شامل هئا۔ آزاد ڪردستان لاءِ عراق ۽ ترڪي کي ٽوڙڻو پوندو هو، جڏهن ته آزاد بلوچستان لاءِ ايران، پاڪستان ۽ افغانستان جي بلوچ اڪثريتي علائقن کي گڏ ڪرڻو هو۔ رالف پيٽرز هن نقشي کي خون جون سرحدون قرار ڏنو۔

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته مودي جو گريٽر اسرائيل سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ مودي مسلمانن جو سخت مخالف سمجهيو وڃي ٿو۔ مسلمانن کي ورهائڻ يا انهن تي ظلم ڪرڻ وارو هر منصوبو کيس قبول آهي۔ هو گريٽر اسرائيل ۽ اکهند ڀارت کي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون سمجهي ٿو۔ ڀارتي پارليامينٽ ۾ اکهند ڀارت جو نقشو لڳل آهي، جنهن تحت پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا، مالديپ ۽ تبت جي ڪجهه علائقن کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ جو تصور پيش ڪيو ويو آهي۔

حقيقت ۾ اسرائيل ۽ ڀارت ٻه نيون عالمي طاقتون بڻجڻ چاهين ٿا۔ هن مقصد لاءِ اسرائيلي صهيوني لابي آمريڪي صدر ٽرمپ کي استعمال ڪري رهي آهي۔ ڪيترائي آمريڪي يهودي دانشور گريٽر اسرائيل جي منصوبي جي مخالفت ڪن ٿا، ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته اهو ساڳيو منصوبو آهي، جيڪو ٿيوڊور هرزل ويهين صدي جي شروعات ۾ پيش ڪيو هو، جنهن جو مقصد صهيوني تحريڪ کي عالمي طاقت بڻائڻ هو۔ٽرمپ جيڪا جنگ شروع ڪئي آهي، اها دراصل آمريڪا جي ساک خلاف جنگ آهي۔ اسرائيل اڳ ئي دنيا ۾ نفرت جي علامت بڻجي چڪو آهي، ۽ هاڻي ٽرمپ آمريڪا کي به اهڙي تصوير ڏئي رهيو آهي۔ جيڪي حڪمران ٽرمپ جي تعريفن تي خوش ٿيندا هئا، سي جلد دعا ڪندا ته هو کين ٻيهر ڪڏهن به ساراهه نه ڏئي۔ نفرت جي هن علامت کي امن جي انعام لاءِ نامزد ڪندڙ به جلد پڇتائيندا ته موت جي واپاري کي امن جو پيغامبر ڇو قرار ڏنو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.