ٽي ڏينھن اڳ، 27 فيبروري 2026ع تي سنڌ جي ناميارِي شاعر، نثر نويس، اياز شناس محقق، استاد، تعليمي ماهر، ايڊيٽر ۽ مصنف، پروفيسر حميده قاضي، 66 ورهن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. جنھن تي سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ سوڳ آهي. سندس وڇوڙي سان نه رڳو سنڌي ادب، تحقيق ۽ اياز شناسيءَ جي شعبي ۾ خال پيدا ٿيو آهي، بلڪه سنڌ هڪ مثالي استاد کان به محرُوم ٿي وئي آهي، جنھن پنھنجي جيون جا 41 سال علم جون ڏياٽيون روشن ڪري ڪيترا ئي ذهن علم جي روشنيءَ سان سيراب ڪيا.
حميده قاضيءَ جو اصل نالو غلام سڪينه قاضي هو، جڏھن ته ساھت جي دنيا ۾ کيس ’حميده قاضيءَ‘ جي قلمي نالي سان سڃاڻپ ملي. سندس جنم 13 آگسٽ 1960ع تي ’سنڌ جِي پئرس‘ ــ شڪارپور ۾ هاٿي در علائقي جي پير ڪمال شاھه پاڙي ۾ غلام قيوم قاضيءَ جي گهر ٿيو. سنڌ جو ناليوارو شاعر، صحافي، تعليمدان ۽ استاد، قاضي عبدالحيّ ’قائل‘ سندس چاچو هو.
1990ع ۾ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي. جون ڊگريون حاصل ڪيائين. اڳتي هلي 2004ع ۾ هن شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ئي ”شيخ اياز: فن ۽ شخصيت“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، ايم. فل. جِي ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا ٿيسز ’شيخ اياز: فن ۽ شخصيت‘ جي عنوان سان ئي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي 2012ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. حميده قاضيءَ سنڌيءَ ۾ ايم. اي. دؤران ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ساهتڪار سرتين جو سفر‘ جي عنوان سان جامع تحقيقي مونوگراف لکيو، جيڪو ورھاڱي کانپوءِ جي ناري تخليقڪارن جو سربستو ريڪارڊ آهي. حميده، ان تحقيقي مقالي ۾ ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناري ليکڪائن کي ٽن دؤرن، بالترتيب 1947ع کان 1969ع، 1970ع کان 1980ع ۽ 1981ع کان 1990ع تائين (نئين دؤر) ۾ ورھائي سنڌي ساھت ۾ ناري شاعرائن توڙي نثرنويسن جي ادبي خدمتن تي تفصيل سان روشني وڌي آهي ۽ پنھنجي ان مونوگراف کي ثميره زرين نالي ارپيو آهي، جنھن بقلم حميده جي: ”ان ڪٺن وقت ۾ ساھت جي سفر جي ابتدا ڪئي، جڏھن عورت ذات جو نانءُ به گهر کان ٻاھر وٺڻ معيُوب سمجهيو ويندو هو.“ حميده قاضي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پي. ايڇ. ڊي اسڪالر جي حيثيت سان رجسٽرڊ هئي، جتي هوءَ ’شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو جائزو‘ عنوان هيٺ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهي هئي، جيڪا زندگيءَ جي ساٿ نه ڏيڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهيَس.
حميده قاضي، 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول جي استاد جي حيثيت سان پير پاتو. 1990ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ هوءَ 1991ع ۾ ڪميشن پاس ڪري گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، جتي هن وڏو عرصو تدريسي خدمتون انجام ڏنيون ۽ ٻارڙين کي سنڌي ادب پاڙھيو. جنھن بعد هوءَ 2007ع کان گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ بدلي ٿي آئي، جتي هن سنڌي ادب جي ’اسسٽنٽ پروفيسر‘ ۽ سنڌي شعبي جي سربراهه جي حيثيت سان 13 سال خدمتون انجام ڏيندي، 12 آگسٽ 2020ع تي سرڪاري سروس مان رٽائر ڪيو. ان وچ ۾ هوءَ ٻه ڀيرا پنھنجي ڪاليج جي انچارج پرنسپل به رهي. هڪ ڀيرو هن 8 مئي 2019ع کان 17 مئي 2019ع تائين ۽ ٻيون ڀيرو 29 فيبروري 2020ع کان 2 مئي 2020ع تائين گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ جي انچارج پرنسپل طور انتظامي فرض به نڀايا.
حميده قاضي هڪ نفيس جذبن واري شاعر هجڻ سان گڏوگڏ خوبصورت نثر سرجيندڙ باصلاحيت نثر نويس به هئي. سندس شاعري توڙي مضمونَ ۽ ڪھاڻيون، 1983ع کان سندس آخري ساھه پساھه تائين سنڌيءَ جي مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ساندھِه شايع ٿينديون رھيون. پنھنجي وڏي سؤٽَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعرَ مقصود گل سميت شڪارپور جي ناليوارن اديبن شعبان بخت ۽ نقش ’ناياب‘ منگيءَ جي صحبت ۾ هن سندن ادبي رهنمائي حاصل ڪندي، ادبي کيتر ۾ پنھنجي تخليق جو ارتقائي سفر طئي ڪيو ۽ پاڻ ملھايو. هوءَ شڪارپور مان نڪرندڙ اخبار ’ناياب‘ جي نارين واري صفحي جي انچارج به رهي، جڏهن ته روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جي ناري واد صفحي ’سگهڙين سٿ‘، روزاني ”عوامي آواز“ جي صفحي ’سورمي‘ ۽ روزاني ”مھراڻ“ جي صفحي ’سرتيون‘ جي مختلف وقتن تي انچارج ۽ مدير به رهي، جن صفحن کي هوءَ پنھنجي اعليٰ ادبي ۽ ادارتي صلاحيتن سان ايڊٽ ڪندي رهي.
حميده قاضي پنھنجي پوري حياتيءَ ۾ ڪيترين علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا. کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي مڃتا ايوارڊَ ۽ پيشاورانه سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ ’عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ‘ پاران 2000ع ۾ مليل ’ڊاڪٽر تنوير عباسي‘ ايوارڊ سرِ فھرست آهي.
شاعره جي حيثيت سان حميده، رڳو نارين جي مسئلن تي لکندڙ ڪوتاگر ئي نه هئي، پر معاشري جي هر چڱي مَٺي رنگ کي هن حساسيت سان محسوس ڪندي قلمبند ڪيو. سندس هي سھڻا ٽيڙو پڙهي ڏسو:
”لفظن جي سرھاڻ“ جي عنوان سان شاعراڻي نثر ۾ هوءَ لکي ٿي:
بند لفافي ۾
لفظَ …
خُوشبُوءِ جا خزانا !
هٿَ واسجِي ويا،
سرھاڻ سان
سُڳنڌَ اکرن جِي،
اوتجِي وئي اندرَ ۾!
ساھَه سان سمائجِي،
رُوحَ ۾ گهر ڪري وئِي!
اکر اکر ھُٻڪارَ،
بُوندَ ــ ڦُڙا مھڪارَ
لفظُ لفظُ ماکيءَ ــ لارَ
جنھن،
اندرَ جِي اُڃَ،
اُساٽَ اُجهائي ڇڏِي
حميده قاضي ڊگهي عرصي کان ذيابطيس سميت دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي ۽ سندس دل جا ٽي لنگَهه مُنجهيلَ هئا ۽ ڪافي حد تائين بند هئا، جن جي حالت به ايتري تشويشناڪ هئي، جو دل جي ماھر ڊاڪٽرن منجهن ’اِسٽَنٽ‘ وجهڻ يا اوپن هارٽ (باءِ پاس) سرجريءَ کان منع ڪري ڇڏيو هو. اربع 25 فيبروري 2026ع تي ساھه ۾ مُونجهه جي دانھن سبب کيس حيدرآباد جي دل واري اسپتالَ ــ ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪيُولر ڊزِيزز“ (SICVD) آندو ويو. جتي پھچڻ تائين سندس حالت بظاھر گهڻي خراب نه هئي، پر پنھنجي گاڏيءَ تان لھندي ۽ اسپتال جي ’وِيل چيئر‘ تي چڙھڻ وقت کيس دل جو شديد دؤرو پيو. اسپتال ۾ هجڻ جي ڪري کيس سُتت ايمرجنسي وارڊ ۾ آڻي سندس علاج شروع ڪيو ويو، پر هي دؤرو ايڏو شديد هو، جو کيس ڊاڪٽرن جي صلاح سان بنا ڪنھن دير جي هٿرادُو ساھه کڻائڻ واري مشين (وينٽيليٽر) تي منتقل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان دؤري کانپوءِ هوءَ فطري طور ساھه کڻڻ کان لاچار ٿي پئي. ان تشويشناڪ صورتحال ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏينھن گذارڻ پڄاڻان، خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات، 27 فيبروري 2026ع، بمطابق 9 رمضان المبارڪ 1447 هجريءَ تي 1:45 لڳي هن آخري ساھه کڻي پنھنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ۽ هڪ سلڇڻِي، سليقي وارِي فرد، سماج جِي تعليم رستي سيوا ڪندڙ سرتي، نثر توڙي نظم جي صورت ۾ ساھت جِي سِينڌ سنواريندڙ تخليڪار، رڳو 66 ورھه هن سھڻي جھان ۾ پنھنجي حسنِ سلُوڪ، سھڻي ورتاءَ ۽ سھڪاري سُڀاءَ سان گذاري، رباني راھه وٺڻ لاءِ اُسھي ۽ پنھنجن گهر ڀاتين سميت پنھنجين اڻ ڳڻين شاگردياڻين، ساٿي استادياڻين ۽ ساھتي همسفرن کي اداس ڇڏي رواني ٿي ۽ پنھنجي جنم ــ جاءِ شڪارپور جي مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿي ۽ پنھنجين ئي تخليق ڪيل هنن سٽن جي ترجماني بڻجي وئي:
موتُ جهلي ٿو اڳُ
شاعرَ جيئندا رھندا
جيسِين جيئرو جڳُ