غيرت جي گڻن سان سرشار پوڙھو شينهن، ايران جو بھادر ۽ بيخوف مرد مجاهد آيت ﷲ خامنه اي وقت جي يزيدن آمريڪا ۽ اسرائيل کي للڪاريندي شھادت جو جام پي تاريخ جي ۾ هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. آيت ﷲ خامنه اي کي اھا ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي ته موت مٿان بيٺو آهي پوءِ به حق ۽ سچ جي راھ کان پوئتي نه ھٽيو. ھن ڪنهن به جابر ۽ ڏاڍي اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪري پيش پوڻ بجاءِ، سِرَ تي دلاليءَ جي خواري کڻڻ بجاءِ، جابرن آڏو جهڪڻ ۽ وڪري جو وکر ٿيڻ بجاءِ، مزاحمت جو مورچو سنڀالي موت کي مات ڏئي تاريخ ۾ عزت ۽ وقار جو تاج پائي سدائينءَ لاءِ سرخرو ۽ سوڀارو ٿي ويو.ھن جي نطر ۾ "گدڙ جي سو سال واري زندگيءَ کان شينھن جي ھڪ ڏينھن واري زندگي بھتر هئي.”ميڊيا ۾ اھي افواھ به وڏي پئماني تي گردش ڪري رهيا آهن ته ڪن پنهنجن دشمن جي ونگار وھي جاسوسي جو ڄار وسائي مخبري ڪري دشمن کي آگاهي ڏني، وڏي دوکي ۽ دولاب، مڪاري ۽ منافقي سان کيس پنهنجي آفيس گهرائي حملي جو نشانو بڻايو ويو.
آيت ﷲ علي خامنه اي تاريخ جي انھن خوشنصيب ڪردارن منجهان بڻجي ويو جن ذلت جي زندگيءَ بجاءِ عزت جي موت کي ترجيح ڏئي اعلي مقام ماڻيو. انھيءَ ۾ ذري برابر به شڪ ناهي ته ھر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، آخر فنا ٿيڻو آهي، ھن عارضي دنيا کي الوداع ڪرڻو آهي پر بغير ڪنهن خوف ۽ لالچ جي بھادريءَ سان سفاڪيءَ ۽ اونداھيءَ خلاف ميدان ملھائي باوقار ۽ بامعنيٰ نموني سان موت جي آجيان ڪرڻ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ نه آهي.روس پاران آيت ﷲ علي خامنه اي کي پنهنجي ملڪ ۾ رھائش اختيار ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا پيشڪش ڪئي وئي پر ھن هر ڀيري اصولي موقف اختيار ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ سک واري زندگي گذارڻ بجاءِ ھو ھر مصيبت ۽ مشڪل مپنھنجي ھم وطنن سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏيندو ۽ ڪڏهن به انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندو. ھو پنھنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي ماڻهن سان پاڻ ملھائيندي امر بڻجي ويو.