دنيا اڃا افغانستان تي پاڪستان جي حملن ۽ انهن جي اثرن جو جائزو وٺندي، انهن کي روڪرائڻ جون ڳالهيون ڪري ئي رهي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف پنهنجين ڌمڪين کي عملي جامو پارائيندي ايران تي فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ايران به واعدي موجب سموريون سفارتي نزاڪتون پاسي تي رکي، اسرائيل سميت بحرين، ڪويت، قطر، دبئي ۽ ابوظهبي ڏانهن ميزائل فائر ڪيا آهن. جنگ جي گرماگرمي ۾ ڪنهن به ڌر جي دعويٰ تي مڪمل يقين ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، پر ڌرين جي وسيلن ۽ عسڪري صلاحيتن ۾ واضح فرق هوندي به ايترو چوڻ ڏکيو ناهي ته هي نئين جنگ انتهائي تباهه ڪندڙ ۽ بي نتيجا ثابت ٿي سگهي ٿي. البت ان جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ عرب ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ جاري سفارتي مفاهمت جو ماحول ختم ٿي سگهي ٿو.
ايران عرب ملڪن تي حملن جو جواز اهو ڏئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي. پر ڪنهن به عالمي قانون يا سفارتي اصول تحت اهڙا حملا انهن ملڪن جي خودمختياري ۽ علاقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي آهن. اهو صحيح آهي ته خليجي ۽ عرب ملڪن ڊگهي عرصي کان آمريڪي فوجي اڏن جي ميزباني ڪئي آهي، پر هر خودمختيار ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪهڙي ملڪ سان دفاعي شراڪتداري ڪري. محض انهيءَ بنياد تي ڪنهن ملڪ کي نشانو بڻائڻ جائز نٿو ٿي سگهي.
ايران هميشه چوندو رهيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ مسلط ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هاڻي ڪيترن عرب ملڪن تي ميزائل حملن کان پوءِ واضح ٿي ويو آهي ته تهران جي حڪمت عملي ڪهڙي رخ اختيار ڪندي. ايران اڃا تائين اهو ثبوت پيش نه ڪيو آهي ته انهن ملڪن مان سڌو سنئون ايران تي حملا ڪيا ويا هئا. اهڙي ثبوت جي غير موجودگي ۾ ايراني حملا به عالمي ضابطن جي ساڳي ڀڃڪڙي قرار ڏنا ويندا، جهڙي جارحيت آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ايران سڌو آمريڪا کي نشانو بڻائڻ چاهي ها ته ان وٽ ويجهن سمنڊن ۾ موجود آمريڪي بحري ٻيڙن کي هدف بڻائڻ جو موقعو هو. پر ڪيترن عرب ملڪن کي هڪ ئي وقت نشانو بڻائي ايران جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي پنهنجي لاءِ پيچيدگيون وڌائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن جنگ جاري رهي ها ۽ آمريڪا انهن ملڪن جا اڏا استعمال ڪري ها ته ايران جوابي ڪارروائي طور انهن کي نشانو بڻائي سگهي پيو. پر فوري طور عرب ملڪن کي جنگ ۾ ڌر بڻائي ايران جنگ جو دائرو پاڻ وسيع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر شايد ڏهاڪن تائين ڀوڳڻا پون.
ايران واضح ڪري چڪو آهي ته آمريڪي حملي کان پوءِ هو هر حد تائين ويندو. اسرائيل سان گڏ عرب ملڪن تي ميزائلن جي برسات تهران جي تخت يا تختو واري ارادي کي ظاهر ڪري ٿي. ايران لاءِ هي جنگ زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ اڳ ئي تهران حڪومت کي ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪا آهن. ايراني حڪومت به پنهنجي بقا لاءِ سخت قدمن جو ارادو ظاهر ڪري چلي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اندازو لڳي سگهندو ته ايران آمريڪي مفادن ۽ عسڪري اثاثن کي ڪيترو نقصان پهچائي سگهي ٿو. عرب ملڪن تي حملن سان گڏ آبنائي هرمز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ايران واضح ڪيو آهي ته هو هر قسم جي تصادم ۽ ان جي نتيجن جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهي. آبنائي هرمز جي بندش کي انهن سڀني ملڪن خلاف معاشي اعلانِ جنگ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي هن تڪرار ۾ سڌي ريت شامل نه آهن.
ايران تي آمريڪي حملو اندازي ۾ هو ۽ اهو به امڪان هو ته اسرائيل شامل هوندو. پر اميد هئي ته ٽرمپ اسرائيل کي سڌي طرح جنگ ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪندو. اسرائيل کان شروعات ڪرائي شايد ٽرمپ حڪومت آمريڪي قانوني پابندين کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر کي جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ڪانگريس جي منظوري جي گهرج هوندي آهي. اهڙي صورت ۾ ٽرمپ اهو موقف اختيار ڪري سگهي ٿو ته آمريڪا پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي. پر اهڙي دعويٰ تي نه آمريڪي عوام ۽ نه ئي عالمي برادري آساني سان يقين ڪندي.