حڪمران پارٽي جا ذميوار سدائين اها دعوا ڪندا رهيا آهن ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه رڳو مقامي پر پرڏيهي مريضن جو به معياري علاج ڪيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهي دعوائون محض دعوائون ئي آهن، ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ئي ناهي. تازو مٺي سول اسپتال ۾ پيش آيل واقعي انهن مڙني دعوائن جي اصليت ظاهري ڪري ڇڏي آهي، ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڪيترو بهتر، تڪڙو ۽ معياري علاج ٿئي ٿو. خبر موجب اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٻتنگاري واسڻ 25 ورهين جي نوجوان ناري، درشنا زال آنند مکڻائي، گذريل ڏينهن ڊليوري لاءِ مٺي سول اسپتال پهتي. نارمل ڊليوري ٿيڻ باوجود، تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ رت جاري رهڻ سبب پاڻ ناري به وفات ڪري وئي. اهو واقعو صرف هڪ فرد جي غفلت جو نتيجو ناهي، پر سڄي سنڌ جي صحت شعبي جي حقيقتي عڪاسي ڪري ٿو.
مٺي سول اسپتال بابت معلوم ٿيو آهي ته اتي مقرر ڊاڪٽر ۽ نرسون ويم ڪرائڻ کان لنوائن ٿيون، جنهن سبب ڊليوري لاءِ ايندڙ عورتن کي صرف درد گھٽائڻ لاءِ پين ڪلر انجيڪشن لڳايو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي شفٽ ختم ٿيڻ بعد ئي ڊليوري ٿئي. ڊيوٽي تي موجود گائناڪالاجسٽ علاج لاءِ آيل عورتن تي ڌيان ڏيڻ بدران موبائل فون تي مصروف رهنديون آهن. اهڙي غفلت سبب مٺي سول اسپتال ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جون فوتگيون معمول بڻجي ويون آهن. مٺي سول اسپتال جي ايم ايس پاران نوجوان ناري درشنا ۽ سندس ٻار جي مبينا غفلت سبب موت جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو ۽ گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر موهني ڪماري شامل آهن. انهن کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا رپورٽ پيش ڪرڻ سان اصل مسئلو حل ٿيندو؟ ڇا ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ انتظاميا جي ڪمزور نگراني جو نتيجو صرف رپورٽن تائين محدود آهي؟ حقيقت اها آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ بنيادي انتظامي خاميون ۽ انساني زندگي جي اهميت جي کوٽ ئي مريضن جي موت جو سبب بڻجي رهي آهي.
پيپلز پارٽي دعوا ڪري ٿي ته سنڌ جا اسپتال عالمي معيار تي علاج مهيا ڪن ٿا، پر حقيقي صورتحال بلڪل ابتڙ آهي. مٺي ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون موجود نه هجڻ سبب عوام کي ناقص علاج ۽ زندگيءَ جي خطري سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ جي صحت واري شعبي ۾ بنيادي بحران جو عڪس آهي. ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي موجودگي ۾ لاپرواهي، بهتر ۽ بروقت علاج جي کوٽ، ويم فراهم نه ڪرڻ جهڙيون غفلتون انساني زندگين جي ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن، جڏهن اسپتالون مريضن لاءِ محفوظ نه هجن، ته ڪيئن دعوا ڪري سگهجي ٿو ته اهي عالمي معيار جا علاج مهيا ڪن ٿيون؟
سنڌ جي صحت واري شعبي ۾ اهڙي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ سخت نگراني، انتظامي سنجيدگي ۽ مستقل پاليسيون لازمي آهن. ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي نه رڳو تربيت ڏيڻ گهرجي، پر انهن جي وقت سر موجودگي ۽ ذميواري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا وڃن. اسپتالون صرف دعوائن تي نه، پر عملي ڪارڪردگي تي پرکيون وڃن. هڪ عام ماڻهو لاءِ اسپتال جو مطلب آهي زندگي بچائڻ واري جڳهه، پر جڏهن اسپتال ئي زندگيءَ جي خطري جو سبب بڻجي وڃي، ته اها سماجي ناانصافي جو هڪ واضح مثال بڻجي ٿي. سنڌ جي حڪومت جي دعوائن ۽ حقيقي منظرنامي ۾ فرق، عوام جي اعتماد کي ختم ڪري رهيو آهي. جڏهن عوام جي زندگيءَ کي اهميت نه ڏني وڃي، ته انساني جان کي ضايع ڪرڻ رڳو هڪ انگ جي صورت اختيار ڪري ٿو، جيڪو رپورٽن ۽ ڪميٽين ۾ نظر اچي ٿو، پر عملي تبديلي نٿو آڻي. اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته هر فوتگي هڪ مڪمل خاندان جي تباهي آهي. درشنا زال آنند مکڻائي ۽ سندس ٻار جو موت اهڙي غفلت جو نتيجو آهي، جنهن کي سنجيدگي سان سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري آهي. حڪومت کي انهن بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي صحت شعبي ۾ موجود آهن. ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت، اسپتالن جي بنيادي سهولتون، ايمرجنسي حالات ۾ علاج جي تياري ۽ انتظاميا جي سخت نگراني سڀ لازمي قدم آهن. جيستائين اهي قدم نه کنيا ويندا، سنڌ جا اسپتال ڪوس گهر بڻيل رهندا، جتي انساني حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون.
اها وقت جي تقاضا آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي دعوائن کي عملي طور ثابت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي زندگي بچائڻ واري سهولت فراهم ڪري. سنڌ جي اسپتالن ۾ موجود بنيادي خاميون ۽ انتظاميا جي غفلت عوام جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ انهن مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ نه رڳو غير ذميواري آهي، پر انساني زندگين سان مذاق ڪرڻ جي برابر آهي. درشنا ۽ سندس ٻار جو واقعو اهو واضع ڪري ٿو ته حڪومتي دعوائن ۽ حقيقي صورتحال جي وچ ۾ ڪيترو وڏو فرق آهي. سنڌ جي صحت واري شعبي ۾ اهڙي غفلت کي ختم ڪرڻ لاءِ نه رڳو رپورٽون، پر سخت نگراني ۽ عملي تبديليون لازمي آهن.
هي واقعو اسان سڀني کي تنبيهه ڪري ٿو ته صحت جي شعبي ۾ سنجيدگي ۽ ذميواري رڳو هڪ ضرورت ناهي، پر انساني زندگيءَ جي تحفظ لاءِ لازمي قدم آهي. سنڌ حڪومت کي سکڻين دعوائن بدران عملي قدم کڻڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جا اسپتال حقيقت ۾ زندگي بچائڻ جا مرڪز بڻجي سگهن