بلوچستان ۾ آپريشن مڪمل، فتنه الهندستان جا 133 دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن ڏينهن ۾ آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 133 دهشتگردن کي ماريو.
آءِ ايس پي آر موجب فتنه الهندستان جي اسپانسرڊ دهشتگردن بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردن 31 جنوري تي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون ڪيون.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن ڪوئيٽا، مستونگ، نوشڪي، دالبدين، خاران، گوادر ۽ پسني ۾ ڪارروائيون ڪيون ۽ عورتون، ٻارن ۽ مزدورن سميت 18 شهرين کي شهيد ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي دوران حملا ناڪام بڻائيندي 3 آپگهاتي بمبارن سميت 92 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 133 ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪليئرنس آپريشن دوران 15 جوانن شهادت ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.