مسنگ پرسنز مڪمل ٺڳي آهي، گم ٿيلن جي اڪثريت ڪالعدم بي بي ايل ۾ شامل آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مسنگ پرسنز جو معاملو مڪمل ٺڳي آهي، ڪيترائي گم ٿيل ماڻهو ڪالعدم بي بي ايل جا ميمبر آهن، سڄي ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جڏهن دهشتگرد ماريا وڃن ٿا ته پوءِ ثابت ٿئي ٿو ته انهن جا نالا گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهن، انهن جا وارث الائونس به وٺن ٿا ۽ اهي ماڻهو ننڍن ٻارن ۽ عورتن کي به استعمال ڪن ٿا.
هن چيو ته ڪالهه ٿيل حملن ۾ ٻن هنڌن تي عورتن کي استعمال ڪيو ويو، اهي اسان کي ٻيهر معاشي اوندهي ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا، گرفتار ٿيل ماڻهن جي انڪشافن مان ثابت ٿئي ٿو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، بي ايل اي هڪ پرڏيهي فنڊڊ دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا ٻين ملڪن ۾ به آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۽ افغانستان کي گهرجي ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جهڙيون فرنچائزز استعمال نه ڪن، اسان گهڻي عرصي کان انهن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ دهشتگردن جو مڪمل طور خاتمو ڪنداسين.
هن چيو ته ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي واقعو پيش آيو، دالبندين ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي آپگهاتي حملو ٿيو، نوشڪي ۾ به حملو ڪيو ويو، مجموعي طور 12 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته دهشتگرد ڪيترائي لاش ڇڏي فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.