ماتلي، ضلعو بدين جو اهو وڏو ۽ اهم شهر آهي، جيڪو رڳو آباديءَ جي انگن اکرن سان نه، پر پنهنجي واپاري حيثيت، ثقافتي ورثي، سياسي شعور ۽ سماجي حرڪت سبب لاڙ سنڌ ۾ هڪ مرڪزي مقام رکي ٿو۔ لڳ ڀڳ پنج لک آباديءَ تي ٻڌل هي شهر سب ڊويزن جو درجو رکي ٿو، جتي واپار، تيل ڪمپنيون ۽ ڪاروباري سرگرميون مسلسل ڦهلجنديون رهن ٿيون۔ اهو ئي سبب آهي جو هتي پلاٽن ۽ زمينن جي قيمت بدين جي ٻين شهرن کان ٻيڻي آهي ۽ معاشي لحاظ کان ماتلي هڪ مضبوط سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي۔
ماتلي ضلعو بدين جو اهو واحد شهر آهي، جيڪو رات جو به جيئرو رهي ٿو۔ جڏهن ڀرپاسي جا شهر خاموشيءَ جي چادر اوڍي سمهندا آهن، تڏهن ماتلي جون گهٽيون ماڻهن سان ڀريل هونديون آهن۔ هوٽلن تي لڳل رش، برياني جي دڪانن اڳيان قطارون، چانهن خانن مان اٿندڙ ڳالهيون اهي سڀ منظر ماتلي کي رات جي روشنيءَ ۾ به سڃاڻپ ڏين ٿا۔ خاص طور تي ناٿو پارابي جا ڇولا، جيڪي ماتلي جي ذائقي جو نشان بڻجي چڪا آهن، پري پري کان ايندڙ ماڻهو پارسل ڪرائي کڻي وڃن ٿا، ڄڻ شهر جو ذائقو پنهنجي شهرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا۔کاڌي پيتي جي دنيا ۾ ماتلي جا بورچي لاڙ سنڌ ۾ مشهور آهن۔ گوشت، مرغي يا سبزيون هر شيءِ ۾ ذائقي سان گڏ صفائي ۽ هنر جو احساس ملي ٿو۔ اهو به ماتلي جي هڪ سماجي سڃاڻپ آهي، جيڪا هن شهر کي ٻين کان الڳ ڪري ٿي۔
ماتلي، رڳو واپار جو مرڪز ناهي، پر مختلف ذاتين ۽ برادرين جو گڏيل گهر آهي۔ نظاماڻي، ڪشميري، مڱڻهار ۽ چوهاڻ ڪميونٽيون هتي وڏي انگ ۾ رهن ٿيون، جڏهن ته هن شهر جي ڪيترن ئي خاندانن کي آمريڪي شهريت به حاصل آهي۔ اهو ماتلي کي مقامي شهر هجڻ سان گڏ هڪ عالمي رشتو به ڏئي ٿو، جتي پرديس جي هوا به هن شهر جي گهٽين ۾ محسوس ٿئي ٿي۔ ثقافتي لحاظ کان ماتلي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو، جن سنڌ جي قديم تهذيب ۽ لاڙ جي لوڪ ثقافت کي وقت جي گرد مان ڪڍي روشن ڪيو۔ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، جن کي ”بابا ثقافت“ جو لقب مليو، ۽ سردار بشير احمد هاليپوٽو، جن کي ”ڪلاسيڪل وڏيرو“ سڏيو ويو ٻنهي پنهنجي زندگي سنڌي ثقافت جي خدمت لاءِ وقف ڪئي۔ اڄ اهي شخصيتون هن دنيا ۾ موجود ناهن، پر سندن ڪردار لاڙ سنڌ جي ماڻهن جي يادگيرين ۾ اڄ به زندهه آهي۔ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان به ماتلي هڪ زرخيز ڌرتي رهي آهي۔ خير محمد خاص ۽ محمد اسماعيل شورو جهڙا شاعر سنڌ جي ادبي تاريخ جا روشن باب آهن۔ نئين نسل ۾ مسافر هاليپوٽو، تاج محمد لاشاري ۽ مقبول مارو ميمڻ جهڙا نالا ان ادبي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن۔ هي شهر هميشه سوچيندڙ ذهنن ۽ سوال ڪندڙ ماڻهن کي جنم ڏيندو رهيو آهي۔
سياسي ميدان ۾ ماتلي جو ڪردار به انتهائي اهم رهيو آهي۔ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي قومي اڳواڻ جو هتان اليڪشن وڙهڻ ۽ وڏي ليڊ سان ڪاميابي ماڻڻ، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ماتلي سياسي شعور رکندڙ شهر رهيو آهي۔ سردار بشير احمد هاليپوٽو، رئيس غلام حيدر نظاماڻي، حاجي عبدالغفور نظاماڻي، رئيس علي اڪبر نظاماڻي، رئيس نجم الدين سريوال، رئيس ظهير خان سريوال ۽ مير غلام علي ٽالپر جهڙيون شخصيتون ماتلي کي ”ٽاپ ڪلاس سياسي ماڻهن جو شهر“ بڻائين ٿيون۔ پر هر شهر جيان، ماتلي جي به هڪ ٻي حقيقت آهي جيڪا چمڪندڙ گهٽين کان پري، وساريل پاڙن ۾ لڪل آهي۔سليم ڪالوني، جميل ڪالوني، گل محمد ڪالوني ۽ ظهير ڪالوني اهي پاڙا، جتي بنيادي سهولتون اڄ به خواب بڻيل آهن۔ ظهير ڪالوني، جيڪا تمام پراڻي آهي، اتي نه مناسب ڊرينيج سسٽم آهي، نه پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت۔ گل محمد ڪالوني ۽ ڪاٺوڙ ۾ نه گليون ٺهيل آهن، نه گئس، ۽ نه ئي صفائيءَ جو ڪو مؤثر نظام موجود آهي۔
اهو الميو رڳو سهولتن جي کوٽ جو ناهي، پر سماجي ناانصافيءَ جو آهي۔ جتي صاحب حيثيت ماڻهو رهن ٿا، اتي هر سهولت مهيا آهي ۽ جتي غريب ۽ وچولو طبقو رهي ٿو، اتي انتظامي نظر گهٽ نظر اچي ٿي۔ هي شهر ميونسپل ڪميٽي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي سالياني بجيٽ لڳ ڀڳ 24 ڪروڙ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته ميونسپل دڪانن ۽ بازارن مان به وڏي آمدني ٿئي ٿي۔ پوءِ سوال اهو آهي ته انهن وسيلن جو رخ هميشه هڪ ئي پاسي ڇو هوندو آهي؟شهرن جي خوبصورتي صرف مين روڊن، پارڪن ۽ مالدار علائقن سان نه ماپي ويندي آهي، پر ان ڳالهه سان ماپي ويندي آهي ته شهر پنهنجي غريب شهري سان ڪيترو انصاف ڪري ٿو۔ جيڪڏهن ماتلي کي واقعي هڪ مثالي شهر بڻائڻو آهي، ته پوءِ غريب پاڙن کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ، اتي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون صاف پاڻي، ڊرينيج، گليون، گئس ۽ صفائي جو مناسب نظام۔ ماتلي جيڪڏهن رات جو جاڳندڙ شهر آهي، ته پوءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان جو ضمير به جاڳي۔ ڇو ته شهر عمارتن سان نه، پر ماڻهن سان زندهه هوندا آهن ۽ جڏهن ماڻهو بي سهولتيءَ ۾ جيئندا آهن، ته شهر جي سڄي چمڪ به بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي۔