آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اعلان ڪيل غزه بورڊ آف پيس بظاهر عالمي سفارتڪاري جي ميدان ۾ هڪ اهم قدم طور پيش ڪيو پيو وڃي. اهڙو قدم، جنهن سان اها اميد جنم وٺي ٿي ته شايد 1948ع کان جاري فلسطينين ۽ اسرائيل جي تڪرار کي ڪنهن منطقي انجام ڏانهن وڌايو وڃي، جنگ بند ٿئي، غزه جا اجڙيل گهر، روڊ، اسڪول ۽ اسپتالون ٻيهر تعمير ٿين، ۽ فلسطينين کي نئين زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو ملي. پر ساڳئي وقت، هن اعلان سان گڏ ڪيترائي اخلاقي، سياسي ۽ اصولي سوال به اڀري آيا آهن، جيڪي هن فورم کي صرف امن جي ڪوشش بدران هڪ سخت امتحان بڻائي ڇڏين ٿا.
هن بورڊ بابت سڀ کان وڏي ڳڻتي ان تضاد مان جنم وٺي ٿي، جتي هڪ پاسي امن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ۽ ٻئي پاسي آمريڪي صدر طرفان حماس ۽ حزب الله کي هٿيار ڇڏڻ جون کليل ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. اهڙي زبان نه رڳو فورم جي غيرجانبداري تي سوال کڙا ڪري ٿي، پر اهو به ظاهر ڪري ٿي ته ڇا هي واقعي ڳالهين ۽ مفاهمت جو پليٽفارم آهي يا طاقت جي بنياد تي امن مڙهڻ جي ڪوشش؟ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سرڪاري موقف ماضيءَ کان واضح رهيو آهي ته زبردستي امن يا ڪنهن قوم جي مزاحمتي قوت کي هٿيار ڦٽا ڪرائڻ واري ڪنهن مهم جو حصو بڻجڻ قبول ناهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال رڳو غزه جو ناھي، پر پاڪستان جي اصولي حيثيت جو به بڻجي وڃي ٿو: آخر پاڪستان هن بورڊ ۾ شامل ٿي ڪهڙي جاءِ تي بيٺو آهي؟
سوئزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ غزه بورڊ آف پيس جي چارٽر تي صحيحون ٿيڻ سان هي فورم باضابطا طور وجود ۾ اچي ويو. ان تقريب ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت، ۽ صدر ٽرمپ جي اها دعويٰ ته هي بورڊ گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان گڏجي ڪم ڪندو، هڪ سفارتي اهميت ضرور رکي ٿي. پر ساڳئي وقت ٽرمپ جو اهو بيان آھي ته حماس کي هٿيار ڇڏڻا پوندا، نه ته ان جو خاتمو ڪيو ويندو، هن فورم جي بنيادي فلسفي کي ئي سوالن هيٺ آڻي ٿو.
پاڪستان اندر سياسي اڳواڻن ۽ تجربيڪار سفارتڪارن طرفان ان فيصلي تي سنجيده اعتراض سامهون آيا آهن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مسلم دنيا کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙو بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ تڪرار جي اصل ڌرين بدران طاقتور ڌريون نمايان آهن، جڏهن ته فلسطينين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سندس خيال ۾، جيڪي قوتون هزارين فلسطينين جي شهادت جون ذميوار آهن، جيڪڏهن اهي ئي امن بورڊ جو حصو بڻجن، ته پوءِ امن جو تصور بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو. سابق سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر هن فورم کي ٽرمپ جو ذاتي ڪلب قرار ڏيندي سوال اٿاريو آهي ته ڇا هي اسرائيل نواز ۽ ايران مخالف ايجنڊا لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ ڇا ان جو مقصد گڏيل قومن جهڙي عالمي اداري کي باءِ پاس ڪرڻ آهي؟ اڳوڻي سفير مليحا لوڌي به خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان اهڙي فورم ۾ شامل ٿيو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي متبادل طور پيش ڪيو پيو وڃي، ۽ جيڪو شايد ٽرمپ جي صدارت کان پوءِ برقرار به نه رهي. سندس خيال ۾، اهڙي عارضي ۽ شخصيت مرڪوز فورم سان وابستگي پاڪستان جي اصولي سفارتڪاري لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. سينيٽر رضا رباني جو اعتراض آهي ته اهڙو فيصلو پارلياماني بحث کانسواءِ ڪرڻ، قومي مفادن ۽ ادارتي توازن لاءِ خطري کان خالي ناهي.
ان جي ابتڙ، حڪومتي حلقن جو موقف آهي ته پاڪستان هن بورڊ کي هڪ سفارتي موقعو سمجهي ٿو. حڪومت موجب، پاڪستان جو مقصد مڪمل جنگ بندي، انساني امداد جي بي رڪاوٽ فراهمي، غزه جي تعمير نو، ۽ آخرڪار هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ آهي. عسڪري ۽ سفارتي تجزين ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته دنيا تيزيءَ سان نون بلاڪن ۾ ورهائجي رهي آهي، ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو ڪنهن هڪ بلاڪ جو حصو بڻجڻ بدران آمريڪا، چين ۽ روس سان متوازن لاڳاپا برقرار رکي. پر هتي اصل مسئلو صرف شموليت جو نه آھي ، پر ڪردار جو آهي. غزه بورڊ آف پيس جي چارٽر موجب چيئرمين کي غيرمعمولي اختيار حاصل آهن: ميمبر چونڊڻ، هٽائڻ، ادارا ٺاهڻ يا ختم ڪرڻ، ۽ برابري جي صورت ۾ فيصلائتو ووٽ ڏيڻ. ميمبرشپ ٽن سالن لاءِ آهي، پر هڪ ارب ڊالر جمع ڪرائيندڙ ملڪن لاءِ اهو شرط لاڳو نٿو ٿئي. اهڙي شق مان اهو خدشو جنم وٺي ٿو ته ڇا مالي طاقت رکندڙ رياستن کي اضافي اثر حاصل هوندو، ۽ ڇا هي فورم مستقبل ۾ ٻين علائقن ۾ به مداخلت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو؟
صدر ٽرمپ جون دعوائون ته هن اٺ جنگون روڪرايون آهن، هاڻي پاڪ-ڀارت تڪرار ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ ايران سان ڳالهين جي تياري ۾ آهي اهي سڀ ڳالهيون هن فورم کي وڌيڪ تڪراري بڻائن ٿيون. روس جهڙن ملڪن جي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ، ۽ ڪجهھ ملڪن جو اهڙي مالي وابستگي کان انڪار، پاڻ ۾ بورڊ جي اندر اختلافن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙي پسمنظر ۾، پاڪستان لاءِ هي معاملو واقعي هڪ وڏو امتحان بڻجي چڪو آهي. سوال اهو ناهي ته پاڪستان امن جو حامي آهي يا نه ڇو ته پاڪستان هميشه فلسطين جي حق خوداراديت، جنگ بندي ۽ انساني امداد جي حمايت ڪئي آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي فورم انهن اصولن کي مضبوط ڪندو يا ڪمزور؟ ۽ ڇا پاڪستان اهڙي ڪنهن ڪوشش جو حصو بڻجندو، جنهن جو انجام فلسطينين جي مرضيءَ جي ابتڙ نڪري؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا واضح، شفاف ۽ قومي اتفاق سان ٻڌل جواب سامهون نه آيا، ته سياسي بيچيني، عوامي شڪ ۽ سفارتي ڳڻتي وڌڻ جو امڪان رهندو. غزه بورڊ آف پيس شايد امن جو هڪ موقعو هجي، پر شامل ٿيندڙ لاءِ اهو ساڳئي وقت اصولن، خودمختياري ۽ قومي مفادن جو هڪ ڏکيو ۽ فيصلائتو امتحان به آهي.