سنڌ جي جديد تاريخ کي جيڪڏهن ايمانداريءَ سان پڙهجي ته اها رڳو ورهاڱي جي ڪهاڻي ناهي، پر اها رياستي پاليسين، آباديءَ جي انجنيئرنگ، ۽ هڪ تاريخي قوم کي آهستي آهستي سياسي ۽ ثقافتي اقليت بڻائڻ جي ڪهاڻي پڻ آهي. هي عمل اوچتو نه ٿيو، پر 1946ع کان شروع ٿيندڙ فيصلن ۽ 1947ع کان پوءِ تيزي سان لاڳو ٿيندڙ قدمن جو نتيجو هو.
1946ع ۾ باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو سنڌ آمد ۽ اردو کي زوريءَ تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش، ان عمل جو پهريون واضح اشارو هو. جڏهن سنڌ جي نامياري عالم ۽ تعليمي انسپيڪٽر علامه دائودپوٽي انڪار ڪيو ته کيس ڌمڪيون مليون. هي واقعو رڳو هڪ شخص سان تڪرار نه هو، پر اهو سنڌي ٻولي ۽ سڃاڻپ خلاف منظم سوچ جو اظهار هو، جنهن جا اثر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مڪمل طاقت سان ظاهر ٿيا.
6 سيپٽمبر 1947ع تي لياقت علي خان جي ڪراچي آمد کان پوءِ سنڌ جي حيثيت عملي طور وفاقي تجربا گاهه بڻجي ويئي. 8 سيپٽمبر 1947ع تي هندستان مان آيل سرڪاري ملازمن پاران گورنمينٽ هائوس تي حملو ان ڳالهه جو ثبوت هو ته رياست جي ترجيح سنڌ جي امن يا مقامي آبادي نه، پر نون آيلن جي سياسي ۽ انتظامي طاقت هئي.
سرڪاري انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 1947ع جي آخر تائين لکين پناهگير پاڪستان پهچي چڪا هئا، جن مان وڏي اڪثريت کي ڪراچي ۽ سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيو ويو. هڪ ئي ڏينهن ۾ 25 هزار پناهگيرن جي آمد جهڙا انگ اکر ڪنهن به صوبائي سماج لاءِ قدرتي توازن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪافي هئا. 8 نومبر 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ 40 هزار ڪوارٽر ٺاهڻ جو فيصلو، سنڌ کان پڇڻ کان سواءِ، مرڪزي حڪمرانيءَ جي واضح مثال هو.
ان سموري صورتحال ۾ سنڌي قوم جو رويو انتهائي انسان دوست رهيو. ساهيوال ڀرسان پناهگيرن جي قتل عام کان پوءِ جڏهن زخمي ۽ بي گهر ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا ته سنڌين کين کاڌو، ڪپڙا، علاج ۽ رهائش ڏني. هي تاريخي حقيقت آهي ته سنڌي سماج پناهگيرن سان ڪڏهن به اجتماعي دشمني نه رکي. پر سوال اهو آهي ته رياست ان انساني همدرديءَ جو ڪيئن استعمال ڪيو؟ سنڌ پهتا ته سنڌ جي سياسي اڳواڻن واضح خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت بڻايو پيو وڃي. سنڌي موقف سادو ۽ منطقي هو: پناهگيرن کي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ برابر ورهايو وڃي. پر رياست ان موقف کي مسلسل نظرانداز ڪيو.
7 فيبروري 1950ع جو آرڊيننس، جنهن تحت هندستان مان ايندڙن کي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ملڪيتون ڏيڻ جو فيصلو ٿيو، سنڌ لاءِ هڪ وڏو ڌڪ هو، ڇاڪاڻ ته اها ملڪيت اڪثر هندن جي ڇڏيل هئي، جنهن تي سنڌين جو تاريخي حق پڻ هو. 1952ع ۾ پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ ۽ 1956ع، 1959ع ۽ پوءِ 1985ع تائين ملڪيتن ۽ معاوضن جا حڪم، سنڌ ۾ طاقت جي نئين سماجي طبقي کي مضبوط ڪرڻ جو ذريعو بڻيا. 1962ع ۾ ڪورنگي، قيوم آباد ۽ اورنگي جهڙن علائقن جي قيام سان ڪراچي مڪمل طور هڪ نئين آباديءَ جي شهر ۾ تبديل ٿي وئي، جتي مقامي سنڌي سياسي، لساني ۽ معاشي طور پٺتي ڌڪجڻ لڳا. هي عمل قدرتي لڏپلاڻ نه، پر رياستي پاليسيءَ تحت ٿيل آباديءَ جي منتقلي هئي.
تحقيقي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي ابتدائي رياست، قومي يڪجهتيءَ جي نالي ۾، سنڌ کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو. پناهگيرن جي بحالي انساني فرض هو، پر ان بحاليءَ جي قيمت سنڌي قوم کان پڇڻ کان سواءِ وصول ڪئي ويئي. اڄ جڏهن سنڌ جي ٻولي، روزگار، وسيلن ۽ سياسي نمائندگيءَ جا سوال اڀرن ٿا ته انهن کي ”لساني تعصب“ چئي رد ڪرڻ تاريخي بي انصافي آهي. هي سوال دراصل 1947ع کان لاڳو ٿيل انهن پاليسين جو منطقي نتيجو آهن، جن سنڌ کي رياست جي آباديءَ واري سياست جو ميدان بڻايو.