رڳو ارڙهين ترميم نه پر سڄي ملڪي جمهوريت ئي ڍونگ آهي!

حامد مير

وفاقي وزيرِ دفاع خواجه محمد آصف چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم هڪ ڍونگ بڻجي چڪي آهي ۽ ڪيترن سالن گذرڻ باوجود اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿي سگهيا آهن. هن اها باهه جهڙي تقرير پارليامينٽ ۾ ڪراچي جي گل پلازا سانحي تي ڳالهائيندي ڪئي، جتي باهه لڳڻ کان پوءِ وقت سر امدادي ڪارروايون نه ٿي سگهيون ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. حڪومتي وزيرن سان گڏ حڪومت جي هڪ اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان به سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪري رهي آهي، ڇو ته ڪراچي جو ميئر پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل آهي۔

ڪراچي ۾ عمارتن کي لڳندڙ باهن، ڊمپر ٽرڪن جي حادثن سبب ٿيندڙ موت ۽ کليل گٽرن ۾ ٻارن جي ڪرڻ جا واقعا اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻي انهن واقعن تي عوامي ردِعمل وڌي رهيو آهي، ڇو ته رڳو ڪراچي نه پر پاڪستان جي هر وڏي شهر ۾ مختلف سرڪاري کاتا هڪ ٻئي جي اختيارن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، ۽ اها مداخلت اصل ۾ آئين ۽ قانون کي ئي هڪ ڍونگ بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل پلازا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو بنيادي سبب اهو هو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنهنجو ڪم صحيح نموني نه ڪيو. ان پلازا ۾ غيرقانوني تعمير ڪيون ويون، جيڪي موجوده صوبائي حڪومت جي علم ۾ به هيون، پر پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ڪنهن به ذميوار خلاف ڪارروائي نه ڪئي.

جڏهن ڪو کاتو يا ڪو ايماندار آفيسر قانون تي عملدرآمد جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڪو نه ڪو ايم اين اي يا ايم پي اي ان جي بدلي ڪرائي ڇڏي ٿو. 18هين ترميم رڳو سنڌ ۾ نه، پر سڄي پاڪستان ۾ هڪ ڍونگ بڻيل نظر اچي ٿي. خواجه محمد آصف کي گهرجي ته اڳوڻي آءِ جي موٽروي ذوالفقار احمد چيمه جي تازو شايع ٿيل آتم ڪٿا ”جهدِ مسلسل“ پڙهي، ته جيئن کين خبر پوي ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ خود اسيمبلي جا ميمبر آهن، جيڪي پارليامينٽ کي ته بااختيار نه بڻائي سگهيا، پر پنهنجي پنهنجي تڪن جي ايس پي ۽ ڊي سي جا اختيار پاڻ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا.

ذوالفقار احمد چيمه به خواجه محمد آصف وانگر اولڊ راوين آهي. چيمه صاحب ڪنهن زماني ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه کي اولڊ راوين ايسوسيئيشن جو صدر چونڊرائي سندن ويجهو ٿي ويو. انهيءَ ويجهڙائي جي نتيجي ۾ کيس ڪجهه اهڙن تاريخي واقعن جي ڄاڻ ملي، جيڪي هن وڏي احتياط سان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شامل ڪيا. جسٽس نسيم حسن شاهه 1993ع ۾ نواز شريف جي حڪومت جي بحالي جو وڏو ڪريڊٽ پاڻ وٽ رکندا هئا. چيمه صاحب لکي ٿو ته ان تاريخي فيصلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس ان وقت جي آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ کي فون ڪيو ۽ ساڻس ڳالهائڻ چاهيو. جنرل وحيد ڪاڪڙ، جيڪو هڪ پروفيشنل سپاهي هو، چيف جسٽس سان سڌي ڳالهه کان پاسو ڪيو. چيف جسٽس بار بار آرمي هائوس فون ڪندو رهيو، آخرڪار آرمي چيف پنهنجي اسٽاف آفيسر کي چيو ته پڇو هو ڪهڙي معاملي تي ڳالهائڻ چاهين ٿا؟ چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي حڪومت بحال ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ٻڌائڻو آهي، ان حوالي سان آرمي چيف کان پڇڻو آهي ته هو ڇا چاهي ٿو. اهو پيغام ٻڌي آرمي چيف جواب موڪليو ته اسين توهان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، توهان پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪريو. ٻئي ڏينهن نسيم حسن شاهه نواز شريف جي حڪومت بحال ڪري ڇڏي، پر صدر غلام اسحاق خان کي سڪون نه آيو ۽ هن بحال ٿيل حڪومت کي به پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. صدر ۽ وزيراعظم جي ان ويڙهه کي 18هين ترميم ختم ڪيو، پر ان ترميم جو اصل مقصد اختيار بلدياتي حڪومتن تائين منتقل ڪرڻ هو، جيڪو ڪم اڄ تائين نه ٿي سگهيو. بلدياتي ادارن جا اختيار صوبائي حڪومتن غيرقانوني طور پاڻ وٽ رکيا ويٺا آهن، جيڪو سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ۾ سڀني کي صاف نظر اچي رهيو آهي.

چيمه صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جڏهن هو وزيراعظم نواز شريف جو پرسنل اسٽاف آفيسر هو ته سينيٽر سيف الرحمان کي احتساب بيورو جو سربراهه بڻايو ويو. وزيراعظم، چيمه صاحب ۽ پوليس آفيسر پرويز راٺوڙ کان ڪرپٽ آفيسرن جون فهرستون ٺهرائيون، پر سيف الرحمان پنهنجي مرضي سان فهرست ٺاهي ڪارروايون شروع ڪيون. ذوالفقار احمد چيمه وزيراعظم جون مختلف ججن سان ملاقاتون ڪرائيندو هو، جيڪي وزيراعظم کي احتساب ۾ انصاف جي اهميت سمجهائيندا هئا. اهڙي ئي هڪ ملاقات دوران وزيراعظم جسٽس عبدالحفيظ چيمه کان پڇيو ته ڪو اهڙو طريقو ٻڌايو، جنهن سان وزيراعظم اهم فيصلن لاءِ پارليامينٽ جو محتاج نه رهي. ان تي جج صاحب صاف لفظن ۾ چيو: ”نه ميان صاحب، توهان پارليامينٽ ۽ آئين کي باءِ پاس نٿا ڪري سگهو.“ هڪ ڀيري ذوالفقار احمد چيمه وزيراعظم کي ڪراچي جي ٻن شهيد پوليس آفيسرن جي گهر وڃي تعزيت ڪرڻ تي راضي ڪيو، ته جيئن حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم کي پوليس آفيسرن تي حملا ڪرڻ کان روڪي سگهجي. پر ايم ڪيو ايم، سنڌ جي وزيراعليٰ لياقت جتوئي تي دٻاءُ وجهي وزيراعظم کي انهن گهرن تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. چيمه صاحب همت نه هاري ۽ شهيد آفيسرن جي وارثن کي گورنر هائوس گهرايو، جتي انهن جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي. هڪ شهيد ڊي ايس پي جي بيواهه ۽ هڪ شهيد انسپيڪٽر جي ڌيءَ جڏهن ايم ڪيو ايم جي ظلمن جون ڪهاڻيون ٻڌايون ته وزيراعظم جون اکيون آليون ٿي ويون. هن فوراً آءِ جي کي طلب ڪيو. آءِ جي آفتاب نبي پيش ٿيو، جيڪو ايم ڪيو ايم جي هڪ قومي اسيمبلي ميمبر جو ڀاءُ هو. وزيراعظم آءِ جي کان پڇيو ته هن بيواهه جو مڙس ۽ هن نياڻي جو پيءُ ڪنهن قتل ڪيو؟ آءِ جي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو ته انهن پوليس آفيسرن کي ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ قتل ڪيو. وزيراعظم پڇيو، حڪم ڪنهن ڏنو؟ آءِ جي چيو، سيڪٽر ڪمانڊر. وزيراعظم وري پڇيو، ان کي حڪم ڪنهن ڏنو؟ آءِ جي ڊڄندي چيو، سر… سندس ڪمانڊر. ان موقعي تي لياقت جتوئي وچ ۾ اچي وزيراعظم کي چيو ته فڪر نه ڪريو، مان هڪ هفتي ۾ مڪمل رپورٽ پيش ڪندس. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم کان خوفزده لياقت جتوئي قاتلن کي وزيراعظم سامهون بي نقاب ٿيڻ کان بچائي ورتو.

چيمه صاحب هڪ ٻيو واقعو به بيان ڪري ٿو، جڏهن هو راولپنڊي جو ايس پي هو ۽ شهر ۾ جوا جي اڏن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي. کيس معلوم ٿيو ته انهن اڏن جا سرپرست شهر جا ايم اين اي شيخ رشيد احمد آهن. شيخ رشيد جو آئيڊيل ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين هو، ۽ چيمه صاحب موجب هو راولپنڊي جو الطاف حسين بڻجڻ چاهيندو هو. جڏهن شيخ رشيد جي مرضي خلاف جوا جي اڏن تي ڇاپا لڳا ته هن وزيراعليٰ نواز شريف کي شڪايت ڪئي ته ايس پي مسلم ليگ جي ڪارڪنن جي بي عزتي ڪري رهيو آهي. راولپنڊي جي ڪمشنر سعيد مهدي ايس پي جي حمايت ڪئي، پر وزيراعليٰ هڪ ايم اين اي جي شور شرابو ٻڌي ايس پي کي بدلي ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي جي دور ۾ شيخ رشيد خلاف ناجائز هٿيارن جو ڪيس ٺاهيو ويو ته ذوالفقار احمد چيمه خوش نه ٿيو. وقت گذرڻ سان شيخ رشيد نواز شريف سان بي وفائي ڪري جنرل پرويز مشرف سان وڃي مليو، ۽ اڄڪلهه عمران خان سان بي وفائي جو داغ کڻي خاموش ويٺو آهي.

ذوالفقار احمد چيمه لکي ٿو ته هڪ ڏينهن هو وزيراعظم نواز شريف کي حبيب جالب جي وفات تي تعزيت لاءِ سندس گهر وٺي ويو. ان کان اڳ جو وزيراعظم مرحوم جي خاندان لاءِ پلاٽ يا رقم جو اعلان ڪري، بيگم حبيب جالب وزيراعظم کي چيو ته ”اسان کي توهان کان ڪجهه به نه گهرجي، توهان حبيب جالب جي گهر اچي اسان تي ڪو احسان نه ڪيو آهي، بلڪه پنهنجي عزت وڌائي آهي.“ اهو ٻڌي وزيراعظم جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. واپسيءَ تي چيمه صاحب وڏي مشڪل سان وزيراعظم جو غصو گهٽايو ۽ چيو ته زندگيءَ جي ڏکن هڪ خوددار بيواهه جو لهجو تلخ ڪري ڇڏيو آهي، ان کي نظرانداز ڪريو، پر وزيراعظم جو غصو گهٽ نه ٿيو.

جيڪو وزيراعظم حبيب جالب جي بيواهه جو هڪ جملو برداشت نه ڪري سگهي، اهو پارليامينٽ جو اختيار به برداشت نٿو ڪري سگهي، ۽ ججن کان پڇندو رهي ٿو ته پارليامينٽ کي ڪيئن باءِ پاس ڪجي. جڏهن ڪو وزيراعظم پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته پوءِ هو پاڻ ڪنهن ٻئي جي رٻڙ اسٽيمپ بڻجي وڃي ٿو، ۽ آخرڪار رڳو 18هين ترميم نه، پر پوري پاڪستاني جمهوريت ئي هڪ ڍونگ بڻجي وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.