سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) چوٽياريون ۾ پيش آيل نينگري سان مبينا ڏاڍائي ۽ وحشياڻي تشدد واري واقعي جو آءِ جي سنڌ نوٽس ورتو، جنهن کان پوءِ تشدد جو شڪار بڻيل نينگري شاد بانو جي فرياد تي وڏيري جي پٽ وزير راڄڙ خلاف چوٽياريون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ جي نوٽس کانپوءِ ايس ايس پي سانگهڙ متاثر نينگري وٽ پهچي کيس انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ نينگري کي ميڊيڪل لاءِ سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس ميڊيڪل جاچ ڪرائي وئي، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدار جي ڳوٺ تي چڙهائي دوران ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته اصل جوابدار وزير راڄڙ اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو، متاثر نينگري جي امڙ جو چوڻ آهي ته وڏيري جي پٽ وزير راڄڙ زبردستي گهر ۾ داخل ٿي سندس معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي ۽ تشدد دوران جسم جي مختلف حصن سميت زبان تي بليڊ سان گهرا زخم هنيا، جنهن سبب نينگري ڳالههائڻ کان به متاثر ٿي وئي آهي، واضح رهي ته هي واقعو هڪ ڏينهن اڳ چوٽيايون ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي جتي بااثر وڏيري جو پٽ پاران هاري محرم ملاح جي گهر ۾ داخل ٿي معصوم نينگري تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو۔ واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ نوٽس ورتو، جنهن کان پوءِ متاثر نينگري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته هن وقت تائين متاثر نينگري وٽ همدردي طور ڪو به چونڊيل نمائندو نه پهتو آهي، شادبانو ملاح تشدد ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار وزير راڄڙ جي گرفتاري لاءِ پوليس جي وڏي نفري وارث راڄڙ جي ڳوٺ پهچي وئي، ان موقعي تي جوابدار جي والد وارث راڄڙ جو چوڻ هو ته سندس پٽ گهر ۾ موجود ناهي، هو ڪالهه کان لاپتا آهي ۽ هن سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي ٿي سگهيو، چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ نينگري شاد بانو ملاح سان پيش آيل لڄالٽ ۽ وحشيانه تشدد واري واقعي جي ڊاڪٽرن پاران تصديق ڪئي وئي آهي۔ متاثر نينگري جي شروعاتي طبي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جسم تي تيز اوزر تشدد جا واضح نشان ظاهر ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽرن موجب نينگري سان تيز دار اوزار سان تشدد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس وڌيڪ علاج ۽ طبي نگراني هيٺ رکيو ويو، ٻئي پاسي جوابدار جي والد وارث راڄڙ جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ هٿ آيو ته مان پاڻ قانون جي حوالي ڪندس، هن وقت هو ڪيڏانهن فرار ٿي ويو آهي، گهر ۾ موجود ناهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ متاثر نينگري ۽ وارثن سان گڏ آهيان۔
چچريل وجود جا ذرا ذرا صحيح ڪندي شاد بانو کي سڄي عمر لڳي ويندي: عائشه ڌاريجو
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سماجي اڳواڻ عائشه ڌاريجو چوٽياريون واقعي تي پوسٽ ۾ چيو ته چچريل چهرو، چچريل جسم، چچريل وجود جا ذرا ذرا جنهن کي ٺيڪ ڪندي سڄي عمر شاد بانو جي لڳي ويندي، هي چچريل زخم ڪجهه عرصي سال، ٻن ۾ صحيح ٿي ويندا پر چچريل وجود جا ذرا ذرا ڪيئن ميڙي سگهندي، اهي چچريل ذرا ان کي وحشي مرد جي مردانگي طرفان داغ طور ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي عورت جي ظلم جي تاريخ لکندي ياد رکيا ويندا، هي هڪ شاد بانو سان ظلم نه ٿيو آهي، اڄ سنڌ جون سموريون عورتون ان ڪٽيل وڍيل زخمن جهيرن تي سراپا احتجاج آهن، واقعي واري ڏينهن کان ايس ايس پي عابد گڏاڻي سان هن ڪيس بابت رابطي ۾ هيس، سڄو ڏينهن وارث موقف تبديل ڪندا رهيا، دٻاءُ جو شڪار هئا، اسان جو مطالبو آهي ته وحشي جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي۔
نياڻي سان ظلم ٿيو آهي، مک ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي: وارث/ رهواسي
سانگهڙ: واقعي بابت هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، متاثر نينگري جي وارثن ۽ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي۔
چوٽياريون واقعي جي مک جوابدار وزير راڄڙ حيدرآباد ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) چوٽياريون ۾ بااثر جي پٽ وزير راڄڙ طرفان زيادتي ۽ تشدد جو شڪار ناري شاد بانو ملاح جي حالت خراب ٿي وئي، کيس حيدرآباد آندو ويو، جڏهن ته واقعي جي جي جوابدار وزير راڄڙ حيدرآباد ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي هي، ذريعن موجب جوابدار وزير راڄڙ سنڌ جي شعور جي سخت ردعمل بعد جوابدار پوليس وٽ گرفتاري ڏني، جڏهن ته ناري جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس حيدرآباد اسپتال آندو ويو.
هڪ نياڻي تي ظلم نه پر سماج کي ڌڪ هنيو ويو آهي:سوشل ميڊيا
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) چوٽياريون ۾ بااثر شخص جي پٽ پاران معصوم نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ تشدد واقعي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، بااثر جوابدار وزير راڄڙ کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏيڻ جومطالبو ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته چوٽياريون واقعو رڳو هڪ نياڻي تي ظلم ناهي پر پوري سماج جي ضمير کي ڌڪ هنيو ويو آهي، بااثر وڏيري جي پٽ وزير راڄڙ تي لڳايل الزام انسانيت کي شرمسار ڪندڙ آهن، اهڙا ڏوهه ڪندڙ انسان نٿا ٿي سگهن، هڪ واهپيدار لکيو ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي هڪ مثال قائم ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا پيش نه ٿي سگهن، سوشل ميڊيا واهپيدارن وڏي رنج ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مختلف پوسٽن ذريعي بااثرن جي زيادتين ۽ ظلمن تي لکندي چيو آهي ته بااثر ماڻهو قانون کان مٿي ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ ايندڙ ڏينهن وڏا سانحا ٿي رهيا آهن، آسيا کوسو معاملو ڪنهن کان اڃا وسريو ئي ناهي ته وري هي چوٽياريون واقعو سامهون آيو آهي۔
سنڌ ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ لڳ نظام آهن: حليم عادل شيخ
ڪراچي (پ ر) پي ٽي آءِ سنڌ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سانگھڙ جي چوٽياريون پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري سان مبينه زيادتي ۽ تشدد جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ئي پوليس متحرڪ ٿي۔ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اهڙن واقعن سان پوليس ۽ نظام انصاف تي سوال اڀري ويا آهن ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ الڳ نظام انصاف سنڌ ۾ جاري آهي، حليم عادل شيخ زور ڀريو ته متاثر ڇوڪري کي فوري تحفظ ۽ قانوني مدد ڇو نه ڏني وئي ۽ جوابدار جو نالو سامهون اچڻ کانپوءِ بيانيه بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، طاقتور لاءِ قانون نرم ۽ ڪمزور لاءِ سخت اهڙو نظام قبول نه ٿيندو، پي ٽي آءِ سنڌ صدر مطالبو ڪيو آهي ته هن ڪيس جي آزاد ميڊيڪل رپورٽ ۽ شفاف تفتيش لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ متاثر خاندان کي هر ممڪن مدد مُهيا ڪئي وڃي۔
آسيا کوسو جو بيان نه ٿي سگهيو، ڪيس سيڪنڊ مئجسٽريٽ ڏانهن منتقل
جيڪب آباد (ڊر ) ٺل ۾ پوليس اهلڪارن هٿان مبينا اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري آسيا کوسو کي 164 جو بيان ڪرڻ لاءِ وڪيل اڳواڻ زبيدا جکراڻي سان گڏجي ٺل جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت ڪيس ايف آءِ اي حوالي ٿيڻ ڪري ناري آسيا کوسو جو بيان رڪارڊ نه ڪيو ۽ ناري جو ڪيس سيڪنڊ مئجسٽريٽ جيڪب آباد جي عدالت منتقل ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان ناري جي وڪيل زبيدا جکراڻي ٻڌايو ته لڄالٽ ڪيس ايف آئي اي حوالي هجڻ ڪري ٺل جي عدالت ناري جو 164 جو بيان رڪارڊ نه ڪيو ۽ ڪيس سيڪنڊ مجسٽريٽ جيڪب آباد جي عدالت منتقل ڪري ڇڏيو ان ڪري ناري آسيا کوسو جو بيان اڄ جيڪب آباد جي سيڪنڊ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو ويندو . هوڏانهن لڄالث جو شڪار ٿيل ناري آسيا کوسو سان عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ مختلف عورت اڳواڻن سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو۔سماجي اڳواڻ ۽ وومين سوشل ورڪر شانل کوسو سميت ٻين پڻ ٺل پهچي ناري آسيا کوسو سان ملاقات ڪئي آهي جتي ناري کي هر مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو .
سماجي اڳواڻن ميڊيڪل رپورٽ رد ڪري ڇڏي
جيڪب آباد :ٺل ۾ لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري آسيا کوسو جي ميڊيڪل رپورٽ کي عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو سميت ٻين وڪيلن توڙي سماجي اڳواڻن رد ڪندي ناري جو ٻيهر طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان حوالي سان سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناري آسيا کوسو جو ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪيون ٿا ان مان اسان مطمئن ناهيون ميڊيڪل رپورٽ ۾ رڳو هامين ريپچر آهي، ان ۾ رت وهڻ سميت مختلف پاسا ناهن ڏٺا ويا، اسان ان ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته ناري آسيا کوسو جو ميڊيڪل چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ناري آسيا کوسو واري ڪيس ۾ 311 وارو سيڪشن به لڳڻ گهرجي ها ڇوته هن کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو هو جنهن ڪري اهو طئي سيڪشن به لڳڻ گهرجن هن چيو ته ناري آسيا کوسو واري ڪيس ۾ ڪوبه راڄوڻي نه ٿيڻ گهرجي ان ۾ ڪوبه ٺاه نه ٿيڻ گهرجي سڀني جوابدارن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي ته جيئن ٻيو ڪو واقعو پيش نه ٿي سگهي آسيا کوسو وارو ڪيس سنڌ جو ڀيانڪ باب آهي جيڪي اسان جا محافظ ٿي اسان جي نياڻين جون عزتون لٽين ٿا۔ڪهڙي قانون تحت عورتن کي گهران کڻي ويااسان مطالبو ڪيون ٿا ته جيڪي به پوليس اهلڪار ڪيس ۾ نامزد آهن انهن کي رڳو معطل نه ڪيو وڃي پر اسان چاهيون ٿا ته انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن جيڪي ٻه ايس ايچ او مقصود سنجراڻي ۽ نواز بروهي جي به ميڊيڪل ٿيڻ گهرجي اسان ايف آئي ڪيس جي آجيان ڪريون ٿا۔
ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، شانل کوسو، ايڊوڪيٽ زبيدا جکراڻي جي ڊي سي سان ملاقات
جيڪب آباد ۔سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ سوشل ورڪر عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ شانل کوسو، ايڊوڪيٽ زبيدا جکراڻي پاران ناري آسيا کوسو جي لڄالٽ واقعي بابت ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ سان ملاقات ڪري ناري سان انصاف ٿيڻ جو مطالبو ڪيو جتي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو پاران ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد کي ناري آسيا کوسو جي جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد وفد کي يقين ڏياريو ته ناري آسيا کوسو جي ميڊيڪل بورڊ لاء ليٽر لکي جلد ان جي چڪاس ڪرائي ويندي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سان ملاقات ڪري ميڊيڪل بورڊ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد يقين ڏياريو ته ناري آسيا کوسو جي ميڊيڪل بورڊ جوڙي چڪاس ڪرائي ويندي۔