گل پلازا کان دلين تائين پهتل باهه

ماريا اسماعيل

ڪراچي جي فضا ۾ اڄ رڳو دونهون نه آهي، پر سڏڪا، اوڇنگارون ۽ نااميدي به سمايل آهن۔ ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳل باهه تي ته ضابطو اچي ويو آهي، پر ان سان گڏ جيڪي دلين ۾ باهيون ٻريون آهن، سي شايد ڪڏهن به وسامڻيون ناهن۔اسپتالن ۽ ساڙيل پلازا ٻاهران بيٺل اها ماءُ ۽ اها ڀيڻ، جيڪي پنهنجي پيارن کي ڳولي رهيون آهن، هن سانحي جي سڀ کان دردناڪ تصوير آهن۔ هڪ متاثر عورت روئيندي ٻڌائي ٿي ته سندس خاندان جا ڇهه ماڻهو، جيڪي شادي جي خريداري لاءِ گل پلازا ويا هئا، اڄ انهيءَ عمارت جي کنڊرن ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن۔ هڪ ڇوڪري ٻڌائي ٿي آخري ڀيرو فون تي کلندي چيائون ته بس ڏهه منٽن ۾ ٻاهر نڪرنداسين۔ مون کي ڇا خبر هئي ته اهي ڏهه منٽ ڪڏهن ختم ئي نه ٿيندا۔هاڻي سڀ فون بند آهن، هر رابطو ڪٽجي چڪو آهي، ۽ اکين آڏو رڳو بربادي آهي۔ هوءَ سڏڪا ڀريندي چوي ٿي: ڪو ته ٻاهر نڪري اچي، ڪو ته زندهه هجي، هي منظر هاڻي مون کان ڏٺو نٿو وڃي۔

شادي جا خواب، جيڪي رک بڻجي ويا.گل پلازا ڪراچي جي وچولي طبقي لاءِ رڳو هڪ مارڪيٽ نه هئي، پر خوابن کي حقيقت بڻائڻ جي جاءِ هئي۔ساره، جنهن جي شادي گذريل مهيني ٿي، ٻڌائي ٿي ته مهانگائي جي هن دور ۾ گل پلازا هن لاءِ وڏي سهولت هو.برانڊڊ مالن ۾ شيون ٻيڻي قيمت تي ملن ٿيون، پر گل پلازا ۾ ساڳيا ڊزائن اڌ قيمت ۾ ملي ويندا هئا۔ ڪچن جي چمچ کان وٺي بيڊ روم جي ڪمفرٽر تائين، سڀ ڪجهه هڪ ئي ڇت هيٺ موجود هوندو هو۔ساره ٻڌائي ٿي ته هن فرسٽ فلور ۽ بيسمينٽ مان ڊنر سيٽ، استري، سينڊوچ ميڪر، مائيڪرو ويو اوون ۽ دلھن لاءِ ڪڙهائي وارا ڪمفرٽر سيٽ خريد ڪيا هئا۔ مناسب اگهه، وارنٽي ڪارڊ ۽ وڏي ورائٽي گل پلازا جي سڃاڻپ هئي۔هن چيو ته هتان نڪرڻ جو رستو ئي ڪونه هو.

عورت صحافي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ خريداري لاءِ گل پلازا وئي هئي، ٻڌائي ٿي ته اتي حفاظتي انتظام انتهائي ناقص هئا۔جڏهن مان بيسمينٽ ۾ ويس ته خبر پئي ته اتي ايمرجنسي لاءِ ڪو به ايگزٽ موجود ناهي۔ هڪ ئي داخلا ۽ هڪ ئي نڪرڻ جو رستو هو۔ گرائونڊ فلور ۽ پهرين ماڙ تي به صورتحال ساڳي هئي۔هن ٻڌايو ته جاءِ جاءِ تي جنريٽر، بجلي جي تارَن جا جهنگ ۽ شديد شور هو۔اسان پاڻ ڳالهائي رهيا هئاسين ته جيڪڏهن هتي ڪو حادثو ٿيو ته ماڻهو ڪيئن ٻاهر نڪرندا؟ مون کي ڇا خبر هئي ته اهو خدشو ايترو جلد حقيقت بڻجي ويندو۔هن چيو ته منهنجي گهر جون شيون هاڻي يادگار بڻجي ويون آهن.ڪراچي جي رهواسي سبرينا علي چوي ٿي ته گل پلازا مان خريد ڪيل شيون هاڻي هن لاءِ هڪ دردناڪ يادگار بڻجي چڪيون آهن۔ڊيڪوريشن جون شيون، ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا اهي سڀ هاڻي گل پلازا جون آخري نشانيون آهن۔ مناسب اگهه تي سٺي ڪوالٽي ملڻ هاڻي شايد ممڪن نه رهي۔ڪسا فاطمه موجب، شادي کان پوءِ ۽ ٻارن جي پيدائش کان پوءِ به گل پلازا سندن خريداري جو آل اِن ون مرڪز هو۔جيڪڏهن پاڻ وڃي نه سگهجي ته آن لائن به آرڊر ٿي ويندو هو۔ هي نقصان رڳو متاثر خاندانن جو نه، پر اسان سڀني جو آهي۔عوام ٻڌائي رهي آهي گل پلازا  ۾ صرف پاڪستان جي عوام بلڪ اسان جاپرڏيهي ملڪ جا ماڻهو ايندا هئا ته گل پلازه جو چڪر لگندو هو .

ٽي ڀيرا باهه، پوءِ به سبق نه سکيو ويو.ماڻهن ٻڌايو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جو هي پهريون واقعو ناهي.پهريون دفعو 2008ع ۾ گودام ۾ باهه لگي جنهن ۾  وڏو مالي نقصان ٿيو .2016ع ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳ ڀڳ 15 دڪان تباهه جنوري 2026ع سڀ کان خوفناڪ باهه، ٽي ڏينهن بعد ڪنٽرول۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيون .هر دفعي فائر سيفٽي تي سوال اٿيا، پر نه فائر الارم لڳايا ويا، نه ايمرجنسي ايگزٽ ٺاهيا ويا، نه جديد فائر فائٽنگ نظام نصب ڪيو ويو۔

باهه ۾ سڀ کان خطرناڪ ڇا هوندو آهي؟باهه رڳو شعلن جو نالو ناهي، پر ان سان گڏ نڪرندڙ زهريليون گيسون سڀ کان وڏو خطرو آهن۔ڪاربان مونو آڪسائيڊ (CO): بي رنگ، بي بو، چند منٽن ۾ موت ٿي ويندي آهي .ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂): آڪسيجن گهٽائي ڇڏي ٿي .هائيڊروجن سائنائيڊ (HCN): پلاسٽڪ ۽ فوم ساڙجڻ سان خارج ٿئي ٿي، انتهائي زهريلي هوندي آهي .دونهون ۽ نائٽروجن آڪسائيڊز ساهه ۽ اکين لاءِ خطرناڪ هوندي آهي گهڻيون جانيون شعلن سبب نه، پر انهن گيسن جي ساهه ۾ وڃڻ سبب ضايع ٿين ٿيون۔هاڻي ڇا ڪرڻو پوندو؟

گل پلازا جو سانحو رڳو هڪ عمارت جو نه، پر پوري شهر جو الميو آهي۔هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت سڀني تجارتي عمارتن جو فوري فائر سيفٽي معائنو ڪري .ايمرجنسي ايگزٽس ۽ فائر الارم لازمي قرار ڏنا وڃن.غفلت ڪندڙ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.نه ته هر ڀيري باهه وسامي ويندي، پر دلين ۾ ٻرندڙ باهه وڌيڪ گهر اجاڙي ڇڏيندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.