قوم پرست اڳواڻ ممتاز علي بروهي جو وڇوڙو

غفار مير جت

قوم، ڌرتي ۽ حق جي جدوجهد جو هڪ سچو سپاهي، قوم پرست اڳواڻ ممتاز علي بروهي اڄ اسان کان جدا ٿي ويو. سندس وفات سنڌ جي سياسي تاريخ لاءِ هڪ وڏو خلا آهي، جيڪو شايد جلد ڀرجي نه سگهي.ممتاز علي بروهي پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي حقن، وسيلن جي مالڪي، ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ وقف ڪئي. هو بيباڪ، اصول پسند ۽ نظرياتي سياست جو علامتي نالو هو، جنهن ڪنهن به قسم جي دٻاءُ آڏو جهڪڻ قبول نه ڪيو.سندس جدوجهد نوجوان نسل لاءِ هڪ روشن مثال آهي، جنهن مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هن قوم کي شعور ڏنو، سچ ڳالهائڻ جو حوصلو ڏنو، ۽ غلاميءَ خلاف بيهڻ سيکاريو.

ممتاز علي بروهي جو بنيادي تعلق تعلقي ميروخان هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۽ اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي سان هيو هن بنيادي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتي پوءِ سگهو ڪراچي جو رخ ڪيائين بقايا زندگي ڪراچي خميسا ڳوٺ ۾ گذاريائين. هن سياست جي شروعات 70 واري ڏهاڪي کان وٺي   سائين جي ايم سيد جي فڪر ان وقت ٻارن جي ذيلي تنظيم لطيف سنگت کان ڪئي ان کان پوءِ ڪجهه عرصو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو همدرد رهيو ۽ وري پوءِ 2008 ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيائين جنهن سان ساھ جي آخري گهڙي تائين سلهاڙيل رهيو. ممتاز علي بروهي ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو، سنڌي وسندين کي ٺاهڻ خلاف عدالتن کان وٺي روڊ رستن تي جدوجهد ڪندو رهيو. هن تي ڪيترائي ڀيرا حملا به ٿي چڪا عمر جو ڪافي عرصو جيل ۾ به گذاريائين ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم  جي خواجه اظهار پاران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ  احمد علي شيخ صاحب جي عدالت ۾ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي واري ڪيس جي پٽيشن داخل ڪئي ۽ سنڌين جي ڊوميسائيل تي اعتراض واريو تڏهن  ڌرتيءَ جي بھادر فرزند ممتاز علي بروهي ان ڪيس ۾ ڌُر ٿي سندس سان قانوني مقابلو ڪيو ممتاز علي بروهي چوندو هيو ته جڏهن اسان دنيا جي هر روز نئين ترقي، نئين تحقيق، نئين تجربن، نئين کوجنا، نئين دريافت، نئين علم،نڪور عقل، نئين دفاعي اوزارن جي جوڙ جڪ ۽ وري انهن جي نمائش۽ وڌيڪ قبضي گيريت جي سوچ کي ڏسون ٿا ته پنهنجو پاڻ کان منهنجي ئي ذهن ۾ اهو سوال ڪريون ٿا ته آخر اسان جو ڇا ٿيندو.

تاريخ غلامي جي واقعن سان ڀري پئي آهي ماضي ۾ جانورن جو گهٽ پر غلام انسانن جو واپار وڌيڪ ٿيندو هيو. طاقتور ٽولا ڳوٺن علائقن تي حملي آور ٿي اتان جي ماڻهن کي قبضي ۾ ڪري ٻڌي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انهن کي وڪڻندا هيا ماڻهون  انهن کي پنهنجو  غلام رکڻ لاءِ خريد ڪندا هيا پر اڄ قصو ئي  ٻيو لڳو پيو آهي هتي ملڪن جا ملڪ غلام آهن سامراجيت جي نئين شڪل اها آهي ته ملڪن تي پنهنجي تابعيدارن کي حڪمراني جو لقب ڏئي اقتدار جي ڪرسي تي ويهاري انهن کان ۽ اتان جي عوام کي غلامن وارو ڪم وٺجي. انهن جي وسيلن کي پنهنجا وسيلا سمجهي کڻي وڃجي. پنهنجا سازو سامان مهانگي اگهه تي انهن کي ڏجي. انهن جي مدد ڪرڻ بجاءِ تمام ڳري وياج تي انهن کي قرض ڏئي انهن کي معاشي طور برباد  ڪجي جئين انهن کي وڌيڪ غلام جي نهج تي پهچائي هر حڪم تي "جي سر” جو جواب وٺجي. هتي ڪيترن ئي ملڪن جي ملٽري جٿن جي هٿن ۾ هٿيار ضرور آهن پر انهن هٿيارن جو منهن عالمي سامراج جي آڳرن جي اشاري تي سڌو ٿيئي ٿو ۽ سندن حڪم تحت ئي فائر ٿئي  ٿو جڏهن فائر ڪندڙ کي اها به خبر ناهي ته ان طرف فائر ڇو پيو ڪريان فائر جو نشانو ٿيندڙ کي به اڪثر خبر ناهي ته اهو مون طرف فائر ڇو پيو ڪري.

ممتاز علي بروهي عالمي سياست کان تمام گهڻو باخبر ھوندو هيو. ممتاز علي بروهي جي وفات سنڌ لاءِ هڪ ناقابلِ تلافي نقصان آهي. هن سڄي عمر حق، سچ ۽ ڌرتيءَ جي دفاع لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس نالو تاريخ ۾ هميشه عزت سان لکيو ويندو.هو شخص نه رهيو، پر هڪ سوچ، هڪ نظريو هڪ جدوجهد  زندهه رهندي آهي.ممتاز علي بروهي سنڌ جي ڌڙڪندڙ دل هو. ان دل  ڌڙڪڻ بند ته ڪيو آهي پر آواز اڃا به گونجي رهيو آهي. ممتاز علي بروهي سنڌ جي قومي تحريڪ جو بي ڊپو آواز هو. هن نه عهدن جي پرواهه ڪئي، نه لالچن جي، پر صرف سنڌ جي بقا کي اوليت ڏني.ان ڪري مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا اهڙا ماڻهو صديون پوءِ پيدا ٿيندا آهن ممتاز علي بروهي نوجوانن کي شعور، همت ۽ مزاحمت جو درس ڏنو. سندس زندگي اهو سبق ڏئي وئي ته قومن جي آزادي قربانين سان ملندي آهي، خاموشي سان نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.