صنفي اڻبرابري ۽ آفتن جا اثر

محمد احسان لغاري

قدرتي آفتن کي اڪثر ڪري فطرت جو هڪ ”اڻ ڌريو“ قسمت جو لکيو سمجھيو يا چيو ويندو آهي، پر سماجي ۽ تحقيقي حوالي سان هيءُ تصور انتهائي ڪمزور آهي. آفتون رڳو موسمياتي تبديلين يا جاگرافيائي حادثن جو نتيجو ناهن هونديون، پر اهي سماجي اڏاوت جي اندر لڪل ناانصافين جو ڳُوڙھو  عڪس هونديون آهن. جڏهن به ڪا آفت اچي ٿي، ته اها ڪنهن خال ۾ پنھنجا اثر نه ٿي ڏيکاري، پر اها موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي جوڙجڪ ۽ ور وڪڙن سان ٽڪرائجي ٿي. هڪ اهڙي سماج ۾ جتي وسيلن جي ورڇ اڻ برابر هجي، اتي آفتن جو رخ هميشه انهن طبقن ڏانهن هوندو آهي جيڪي اڳ ئي محرومين ۾ وڪوڙيل هجن ٿا. انهيءَ ڳالهه کي جيڪڏھن  سنڌ جي عورت جي حوالي سان ڏسنداسين ته  ھُوءَ سماجي درجي بنديءَ ۾ سڀ کان هيٺئين سطح تي بيٺل نظر ايندي، ان ڪري آفتن جو سڀ کان گھڻو، گَھِرو  ۽ گهڻ پاسائو وزن کڻڻ تي مجبور آهي.

سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾، آفتون موجود صنفي فرق (جينڊر ڊسپيريٽي ) کي وڌيڪ نروار ڪري، عورتن لاءِ سنگين بڻائي ڇڏينديون آهن. ڪا بہ آفت اچي ٿي ته عورتون وڌيڪ نقصان سھن ٿيون۔ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته مردن جي مقابلي ۾  ھو پنهنجا گهر، روزگار، صحت ۽ تحفظ وڌيڪ  وڃائين ٿيون. هيءَ ڪا حادثاتي يا قدرتي پيدا ڪيل صورتحال ناھي، پر ان جو اصل سبب اهو ”سماجي ساخت/ جوڙجڪ وارو جبر“ (اسٽرڪچرل جبر ) آهي، جنهن ۾ عورت جي سماجي واڌ ويجھه  تمام  ڪمزور بنيادن تي  ٿئي ٿي. سندس تعليم تائين رسائي بنھ گھٽ آهي، ڪمائي  جي ذريعن تي سندس اختيار ناهي ۽ فيصلي سازيءَ جي ادارن ۾ سندس آواز اڻ ٻڌو ڪيو وڃي ٿو.

هن حقيقت کي آفتن جي نامور محقق ايلين اينارسن پنهنجي شاهڪار ڪتاب "ويمن ڪنفرنٽنگ نيچرل ڊيزاسٽر : فرام ولنريبيلٽي ٽو ريزيلينس ” (عورتون قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي: غيرمحفوظيت کان لچڪ تائين) ۾ انتهائي علمي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس مقالي جي بنيادي ڳالهه اها آهي ته عورتن جي ”بيوسي يا غير محفوظيت“ (ولنريبلٽي ) ڪو حياتياتي عمل ناهي، پر هيءَ سماجي نظام جي تخليق ڪيل هڪ ڪيفيت آهي. جڏهن ته عورتن جي لچڪ يا مقابلي جي سگهه (ريزيلنس ) ان ئي نظام جي پيدا ڪيل رڪاوٽن جي خلاف هڪ مسلسل جدوجهد آهي.

معاشي ساخت ۽ ملڪيتي حقن جو فقدان

آفتون عورتن کي سخت متاثر ڇو ڪن ٿيون؟ ان جو هڪ وڏو سبب ”معاشي اڻبرابري “ آهي. عالمي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته عورتون زرعي افرادي قوت جو تقريبن 43 سيڪڙو آهن، پر زرعي زمين جي مالڪي ۾ سندن حصو رڳو 15 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. آفتن کانپوءِ جي بحاليءَ واري عمل ۾ زمين يا ملڪيت جي مالڪي هڪ اهم ترين سبب  طور سامهون اچي  ٿو، ڇاڪاڻ ته سرڪاري معاوضو، گهرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ مليل گرانٽ ۽ مالي ادارن کان قرض لڳ ڀڳ هميشه ملڪيتي دستاويزن جي ھجڻ سان ملندا آهن.

سنڌ ۾ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ اڻبرابري انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ٻهراڙيءَ جي 98 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون زمين جي مالڪي کان محروم آهن. جڏهن ٻوڏون گهر ۽ فصل  ڀيلن ٿيون، تڏهن عورتون سرڪاري امدادي نظام ۾ هڪ ”نظر نه ايندڙ“ ڪردار بڻجي وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ نقصان جو وڏو حصو اهي ئي سهن ٿيون، پر قانوني دستاويزن جو نه هجڻ کين معاوضي ۽ مالي بحاليءَ جي عمل مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو.  پر عالمي ادارا ، ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت عورتن کي بھتر گھاڙيٽن  ۽ پاليسين جي ذريعي امداد ڏيڻ کي اڳڀرو رکيو آھي۔ شھيد بينظير ڀٽو ڪارڊ، عورتن جي نالي سان گھر اڏڻ ۽ مالڪي ڏيڻ وارا ڪم عالمي طور مڃيا ويا آھن۔

آمدنيءَ/ ڪمائي  جي اڻبرابري خطري جي هڪ ٻي تهه جو اضافو ڪري ٿي؛ سنڌ ۾ عورتن جي روزگاري ڪارج/ ليبر فورس  ۾ شموليت 25 سيڪڙو کان گهٽ آهي، جنهن ۾ به اڪثريت زراعت ۽ مالونديءَ جهڙن شعبن سان جڙيل آهي. آفت دوران سندن آمدني سڀ کان اڳ ۾  متاثر ٿئي ٿي ۽ سڀ کان آخر ۾ بحال ٿئي ٿي.

معلوماتي فرق  ۽ ڊجيٽل طور پوئتي ھجڻ

آفت دوران ڄاڻ تائين رسائي رڳو سهولت ناهي، پر اها زندگي بچائڻ جو هڪ دفاعي اوزار آهي. پر سنڌ ۾ ڄاڻ  تائين پھچ جي ورڇ پڻ صنفي بنيادن تي اڻ برابر آهي. عورتن جي خواندگي/ تعليم (36 سيڪڙو) تمام  گهٽ هجڻ جي ڪري اهي لکيل خطرن جي چتاءُ (وارننگ ) يا قانوني رهنمائيءَ کي سمجهڻ کان وانجھيل رهن ٿيون.

وري ڊجيٽل ورڇ پڻ عورتن کي وڌيڪ ڪنڊائتو ڪيو آھي. پاڪستان ۾ عورتن وٽ مردن جي مقابلي ۾ اسمارٽ فون يا انٽرنيٽ جي سهولت 25 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽ آهي. جديد دور ۾ جتي بروقت الرٽس ۽ ڊجيٽل ڪيش ٽرانسفر / پئسا اچڻ جهڙيون سهولتون موبائل ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهن، اتي عورتون ان ڄاڻ ۽ سھولت  واري دائري کان ٻاهر رهجي وڃن ٿيون، جيڪو عملي طور تي کين وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ٿو.

صحت ۽ تحفظ جو بحران

آفتون عورتن جي حياتياتي ۽ سماجي ضرورتن کي تمام  خطرناڪ حد تائين متاثر ڪن ٿيون. سنڌ ۾ 2022 جي ٻوڏ دوران 6 لک 50 هزار کان وڌيڪ ڳورھاريون عورتون طبي سهولتن کان محروم ٿي ويون. صحت جي مرڪزن جي تباھي ۽ زناني عملي جي کوٽ رڳو هڪ انتظامي ناڪامي ناهي، پر هيءَ صنفي بنيادن تي صحت جي ترجيحن جي کوٽ جو نتيجو آهي.

تحفظ جو مسئلو ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي. عالمي سطح جا اڀياس ثابت ڪن ٿا ته آفتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ معاشي دٻاءُ گهريلو تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ تيزي آڻي ٿو. امدادي ڪيمپن ۾ گنجائش جي کوٽ ۽ قانون جي ڪمزور گرفت عورتن کي ان وقت وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ڇڏي ٿي، جڏهن اهي اڳ ئي وڏي صدمي مان گذري رهيون هونديون آهن. جيئن اينارسن اشارو ڪيو آهي ته، آفتون موجود طاقت جي توازن (پاور ڊائنامڪس ) کي درست ڪرڻ بدران ان کي وڌيڪ بگاڙين ٿيون.

نه نظر ايندڙ محنت (انويزبل ليبر )

جسماني ۽ معاشي نقصان کان سواءِ، عورتون آفتن دوران هڪ وڏو جذباتي ۽ نفسياتي بار کڻن ٿيون، جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي. جڏهن سماجي نظام ھيٺ مٿي ٿيندو آهي، تڏهن عورتون ئي آهن جيڪي ٻارن جي سنڀال، مريضن جي تيمارداري ۽ خاندان جي ٽٽل حوصلن کي جوڙڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هيءَ اها ”بنا پگهار جي محنت“ آهي جيڪا عورتن ۾ ذهني دٻاءُ ۽ پوسٽ-ٽراميٽڪ اسٽريس (PTSD) جو سبب بڻجي ٿي. سماجي اميدون کين پنهنجي ڏک کي پاسي تي رکي گهر جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي مجبور ڪن ٿيون، جيڪو سندن ذهني صحت تي گهرو اثر ڇڏي ٿو.

هڪ انقلابي تبديلي: گهرن جي مالڪاڻا حقن جو تجربو

هن سڄي اونداهيءَ ۾ سنڌ ۾ گهرن جي ٻيهر اڏاوت وارو منصوبو (سنڌ  پيپلز ہاؤسنگ فار فلڊ افيڪٽيز ) هڪ سارھ جوڳو ۽ تحقيقي طور تي هڪ ڪامياب ماڊل آهي. لڳ ڀڳ 8 لک عورتن کي نوان ٺهندڙ گهرن جي قانوني مالڪي ڏيڻ هڪ اهڙو فيصلو آهي، جنهن کي ”پاليسي شفٽ“ طور ڏٺو وڃي ٿو.

هي تجربو ثابت ڪري ٿو ته بحاليءَ جو عمل صرف مادي اڏاوت جو نالو ناهي، پر هيءَ حقن جي منصفاڻي ورڇ آهي. گهر جي مالڪيءَ عورتن کي نه صرف قانوني سڃاڻپ ڏني آهي، پر بيدخليءَ جي خوف کان نجات، مالي ادارن تائين پهچ ۽ گهر جي اندر فيصلي سازي ۾ هڪ بااختيار مقام ڏنو آهي. جڏهن عورتون اثاثن جي مالڪياڻيون بڻجي وڃن ٿيون، تڏهن لچڪ ۽ مقابلي جي سگهه (ريزيلينس ) عارضي امداد بدران هڪ پائيدار سماجي تبديليءَ جو روپ وٺي ٿي.

نتيجو: موسمياتي انصاف ۽ صنفي برابري

آفتون اڻبرابري پيدا ناهن ڪنديون، پر اهي ان کي پڌرو ڪنديون آهن. عورتن جي تڪليفن جو سبب سندن جسماني ڪمزوري ناهي، پر وسيلن تائين سندن رسائيءَ جو نه هجڻ آهي. سنڌ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جڏهن عورتن کي خيرات بدران حق ڏنا وڃن ٿا، تڏهن بحاليءَ جو عمل وڌيڪ پائيدار بڻجي ٿو.

موسمياتي تبديليءَ جي هن دور ۾ پاڪستان وٽ هڪ واضح انتخاب آهي: يا ته اسان صرف انفرا اسٽيڪچر تي توجه ڏيون، يا وري صنفي انصاف کي بحاليءَ جي مرڪز ۾ آڻيون. حقيقي بحالي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جي رٿابنديءَ ۾ عورت صرف هڪ ”متاثر“ نه، پر هڪ ”فيصلي ساز“ طور شامل هجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪ عورت بااختيار بڻجي ٿي، تڏهن ئي پورو سماج محفوظ بڻجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.