ايران ۾ حڪومت جي تبديلي يا ’انقلاب‘ جون ڳالھيون اڄ ڪلهه عروج تي آھن. ايران خطي جو ھڪ انتھائي اھم ۽ تمام ڊگهي تاريخ رکندڙ ملڪ آھي. ٻئي طرف امريڪا ھن وقت دنيا جو اڪيلو سپر پاور آھي. يا جيڪڏھن ائين چئجي ته ’سپر امپيريليسٽ پاور‘ آھي تڏھن به غلط نه ٿيندو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ پنھنجي مرضي ۽ مفادن مطابق ’ٽين دنيا‘ جي ملڪن ۾ لڪل (Covert) ۽ ظاھر (Overt) طريقن سان حڪومتن جي تبديلي ان جي پرڏيھي پاليسيءَ جو اھم ’مشغلو‘ رھيو آھي. ان پسمنظر ۾ ايران جي صورت حال جي اندرين ۽ ٻاھرين عنصرن جو جائزو وٺڻ به ضروري آھي جو عالمي ڳوٺ (Global Village) بڻيل اڄوڪي دنيا جي ھڪ ڪنڊ ۾ ٿيندڙ چر پر ھر ڪنڊ تائين پھچي ٿي يا متاثر ڪري ٿي.
اڄوڪي موبائيل فون واري ’نئين دنيا‘ ۾ انقلاب لاءِ ماڻھن کي متحرڪ (Motivate) ۽ گڏ ڪرڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ آسان ۽ تڪڙو ٿي پيو آھي. جڏھن وسيع ۽ منظم ڊسيپلين واري پارٽيءَ جي ضرورت ھوندي ھئي جنھن وقت ڪميٽيڊ ڪارڪنن جي وڏي کيپ ھجي. پر پوءِ ھميشه وانگر ھن صورت حال جا به ٻه پاسا آھن. موبائيل فون نه رڳو ماڻھن سان رابطو ڪرڻ لاءِ ۽ احتجاج ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو پر ان جو وجود ئي ھڪڙو احتجاج جو ذريعو بڻبو پيو وڃي جڏھن رات جي اونداھيءَ ۾ ٻرندڙ بتين واريون ھزارين فونون اڀيون ڪيون وڃن ٿيون. ايراني احتجاجن ۾ به موبائيل فون اھو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. پر صورت حال جو ٻيو پاسو ڏسڻ ۽ سمجهڻ خاطر ٿورو ھيڏانھن ھوڏانھن ۽ اڳي پوءِ نظر ڊوڙائڻي پوندي.
موبائيل فون ذريعي انقلاب جو پھريون مُک مثال مصر جو آھي. لکين ماڻھو رستن تي آيا ۽ مسلسل ايندا رھيا، تان ته ٽيھن سالن کان فوج جي مدد سان ڄمي ويٺل حسني مبارڪ کي ٽپڙ ويڙھي ڀڄڻو پئجي ويو. پر جدوجھد جو حتمي نتيجو اھو نڪتو ته ٿڪل ۽ نفرت جو نشانو بڻيل ڊڪٽيٽر جي جاءِ تي نئون ۽ تازھ دم فوجي ڊڪٽيٽر اقتدار تي موجزن آھي جنھن کي موقعو مھيا ڪرڻ لاءِ ساڳئي ئي عوام کي لکن جي تعداد ۾ روڊن تي اچڻو پيو. اھو ان ڪري ٿيو ته انقلاب آڻيندڙ نوجوانن (جن کي اڄ ڪلهه جنريشن زيڊ چيو وڃي ٿو) وٽ ھڪ منظم پارٽي ڪانه ھئي جيڪا پيدا ٿيندڙ خال ڀري سگهي. انقلاب جا ٻه مک مرحلا ٿيندا آھن؛ ھِڪڙو تخريب ٻيو تعمير. پھريان ظالم، جابر، عوام دشمن، سماج دشمن نظام کي ڊاھبو، پوءِ ان جي جاءِ تي نئون ۽ صحتمند عوام دوست نظام قائم ڪبو. عوام جا انبوهه پھريون ڪم ته ڪري سگهن ٿا، جيئن مصر ۾ ٿيو، پر ٻيو مرحلو فقط ھڪ پارٽي طئي ڪري سگهي ٿي جنھن وٽ ھڪ متبادل سياسي پروگرام ھجي ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ تنظيمي مشنري. اھڙي پارٽي سوشل ميڊيا ذريعي ماڻھو گڏ ڪندڙ نوجوانن وٽ نه ھئي پر زمين تي (مٿان ۽ ھيٺان) ڪم ڪندڙ اخوان المسلمين وٽ ھئي. باقي جيڪو ۽ جيئن ٿيو سو، عام چواڻيءَ مطابق، تاريخ آھي.
ٻيو ويجهڙائيءَ جو مثال بنگلا ديش جو ڏنو ٿو وڃي. ان جي نظرياتي پاسي کي ڇڏي رڳو عملي صورت حال کي ڏسجي ته ’زمين گول ھجڻ‘ وارو معاملو لڳو پيو آھي. اندرين ۽ ٻاھرين قوتن جي ڳٺ جوڙ ذريعي عوامي ليگ جي حڪومت کي ته ڊاٿو ويو پر ان جي جاءِ تي (عملي طور) ھڪ دفعو وري فوج حڪمراني ڪري رھي آھي. اھا فوج جنھن جي ڊڪٽيٽرشپ کي ھٽائڻ لاءِ حسينا شيخ (عوامي ليگ) ۽ خالدہ ضيا (بنگلا ديش نيشنلسٽ پارٽي) گڏجي جدوجھد ڪئي ھئي ۽ فوجي حڪومت جو ترجمان يا مک صلاحڪار يونس ’وائيٽ ھائوس جو پاليل آھي‘ ان ۾ ھاڻي ڪو شڪ نه رھيو آھي.
ھاڻي صورت حال جو ٻاھريون پاسو. ايران اندر ٿيندڙ احتجاجي مظاھرن کي بھانو بڻائي امريڪا مداخلت ڪري حڪومتي تبديليءَ (Regime Change)جا اعلان ڪري رھيو آھي. (اِن تي ڪو اختلاف ناھي ته مذھبي انتھا پسندن جي بالا دستيءَ وارو موجودهه رياستي نظام ظالم، جابر ۽ آمراڻو آھي).
ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ سي آءِ اي ذريعي کليل ۽ لڪل طريقن سان آزاد ۽ خود مختيار ملڪن ۾ حڪومتون ڊھرائڻ جي امريڪا جي ڊگهي تاريخ آھي. ان جي شروعات به ايران کان ٿي ھئي. 1953ع ۾ پارليامينٽ جي چونڊيل روشن خيال ۽ عوام دوست وزيراعظم محمّد مصدق جي حڪومت ائين ئي احتجاجي مظاھرن جي آڙ وٺي ڊاٿي ويئي. اُن جي جاءِ تي ملڪ ڇڏي ڀڳل بادشاهه محمّد رضا پھلوي کي اقتدار تي ويھارِيو ويو جنھن کي ’ايشيا ۾ امريڪا جو پوليس مئن‘ چيو ويندو ھو. ان جي حڪمرانيءَ جو اھم ھٿيار سي آءِ اي جي ساٿاري جڳ بدنام ڳجهي ايجنسي ساواڪ ھئي جنھن جي ظلمن جي ذڪر سان ڪتابن جا ڪٻٽ ڀريا پيا آھن. ايتري تائين جو ان مان نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ۾ ھر شعبي ۽ ھر مڪتب فڪر جا ماڻھو، ڪميونسٽ، لبرل ۽ ملا گڏجي ويا. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ھاڻوڪو مذھبي انتھا پسندن وارو ظالم ۽ سفاڪ نظام امريڪي ڪارروائيءَ جو منطقي نتيجو آھي.
اھڙيءَ طرح آزاد، خود مختيار ۽ اقوام متحدہ جي ميمبر ملڪن جي بين الاقوامي قانون مطابق ’مقدس‘ سرحدن کي لتاڙيندي ’اڻوڻندڙ‘ حڪومتن جا تختا الٽڻ جو ھڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو. گوئٽي مالا، ڪانگو، انڊونيشيا، گهانا، ڪمبوڊيا، چلي، ارجنٽائن، گريناڊا، پناما، نڪاراگوئا ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جارجيا ۽ يوڪرين جي نام نھاد ’رنگين انقلابن‘ کان ٿيندو اھو سلسلو وينزويلا تائين پھتو آھي ۽ ايران طرف وڌي رھيو آھي. عراق ۽ ليبيا به تازا مثال آھن.
دنيا جي سڀ کان اولين جمھوريت ھجڻ جي دعوا ڪندڙ ۽ دنيا کي جمھوريت، آزادي ۽ انساني حقن جا ڀاشڻ ڏيندڙ ملڪ طرفان سوِل، جمھوري ۽ محبِ وطن حڪومتن جا تختا اُلٽي جيڪي فوجي حڪومتون قائم ڪيون ويون انھن جي ظلمن جي داستانن سان اخبارون ۽ ڪتاب ڀريا پيا آھن. پوءِ به اھو اڻ پورو احوال آھي. اصل حقيقتون تڏھن آڏو اينديون جڏھن جديد دور جي ’شھنشاھيت‘ ختم ٿيندي. پوءِ شايد دنيا ھٽلر جا مثال ڏيڻ گهٽائي ڇڏي. رڳو مختصر جهلڪ: انڊونيشيا ۾ آزاديءَ جي ھيرو ۽ ٽين دنيا / غير جانبدار تحريڪ جي وڏي اڳواڻ احمد سوئيڪارنو جي حڪومت ڊاھڻ دوران ڏهه لک انسان قتل ڪيا ويا. چلي ۾ جنرل پنوشي جي حڪومت طرفان 80 ھزارن کان مٿي سياسي مخالفن کي کنڀي گم ڪيو ويو جن جو اڃا تائين پتو ناھي. وڏي پيماني تي مخالفن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو اُتان شروع ٿيو ھو جيڪو پاڪستان تائين پھتو آھي.
نتيجا ۽ سبق ڪھڙا آھن؟
عراق ۾ انتشار ۽ خانه جنگي، امريڪي ڪمپنين طرفان تيل تي قبضو، دھشتگرديءَ جي صورت وٺندڙ مذھبي انتھا پسندي. ليبيا ۾ گهرو ويڙهه ۽ رياست جو ڊھڻ جنھن جي نتيجي ۾ قبائلي لشڪرن ذريعي ھڪ ئي وقت ٽي حڪُومتون قتل غارتگريءَ ۾ مصروف آھن. يوڪرين ۾ زيلسڪي جھڙو ڪٺ پتلي حڪمران مڙھيل آھي جنھن ۾ 50 ھزار آباديءَ واري گرين لينڊ جيتري به قومي غيرت ناھي ۽ جنھن کي روس خلاف مھري طور استعمال ڪرڻ سان گڏ ان جي معدني وسيلن تي ’قانوني‘ قبضو ڪيو ويو آھي.
ويٽنام ۽ ڪيوبا جو ذڪر ان ڪري نه ٿا ڪريون ته اُتي امريڪي مداخلت مڪمل طور ناڪام رھي. رڳو ايتري نشاندھي ڪرڻ ڪافي آھي ته ويٽنام ۾ مرضيءَ جي حڪومت آڻڻ (Regime Change) جي ڪوشش ۾ 10 لکن کان مٿي ويٽنامي محب وطن ۽ 58 ھزار امريڪي فوجي قتل ٿيا. ان کان علاوہ پھريون ڀيرو ڪيميائي ھٿيار استعمال ڪيا ويا. ڪيوبا ۾ فوجي مھم جوئي (Bay of Pigs) کان سواءِ رڳو فيڊل ڪاسترو کي قتل ڪرڻ جي 600 ڀيرا ڪوشش ڪئي ويئي.
ڪھاڻي مختصر ڪندي وينزوئيلا ڏانھن واپس ٿا اچون. اتي امريڪي مداخلت چوٿائي صديءَ کان جاري آھي جڏھن عوامي حمايت سان محب وطن ھيوگو شاويز صدر چونڊجي آيو. تازي مداخلت يا جارحيت لاءِ ٻه بھانا ڏنا ويا؛ ڊڪٽيٽرشپ ۽ منشيات. بد معاش ۽ ڌاڙيل ٽولن وانگر آزاد ۽ خود مختيار ملڪ جي صدر کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي انھن ٻنھي معاملن جو ذڪر ئي ڪونھي. جارحيت ۽ قبضي گيريءَ جي اصل مقصد وينزوئيلا جي تيل تي قبضي ۽ نيلاميءَ جا اعلان وڏي واڪ ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف جمھوريت لاءِ آڙ بڻايل محترمہ مشادو کي ڪير پڇي ئي ڪونه ٿو. پاڻ ڏانھن توجھ ڇڪائڻ لاءِ ويچاري وڏا وس ڪري رھي آھي؛ ايتري تائين ته کيس تازو مليل نوبل ’امن انعام‘ به جناب ٽرمپ جي حوالي ڪندي سندس خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
مداخلت، قبضي گيري ۽ بالادستي، جنھن کي ايڪويھين صديءَ جي امپيريلزم يا ڪالونيلزم کان سواءِ ٻيو ڪو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي، ان لاءِ مختلف ھنڌن تي مختلف بھانا گهڙيا ٿا وڃن. افريقا جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ ڏھين نمبر جي ملڪ نائيجيريا لاءِ چيو وڃي ٿو ته مسلمان اڪثريت طرفان ڪرسچن اقليت تي ظلم ڪيا ٿا وڃن. حقيقت ۾ ٻنھي مذھبن جي آباديءَ ۾ معمولي فرق آھي ۽ ڪڏھن به ڪو وڏو مذھبي جهيڙو ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نه آيو آھي. ٻئي طرف سائوٿ افريقا (جنھن اسرائيل خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس ڪيو آھي) جتي مذھبي فرق جو مسئلو ناھي ان لاءِ وري بھانو آھي ته ڪارن طرفان گورن تي ظلم ڪيو پيو وڃي.
80 سالن کان جمھوريت جي نالي ۾ بد ترين آمريت ۽ ترقيءَ جي نعري ھيٺ امپيريلزم دنيا تي ٿاڦيو ويو آھي. ائين چئجي ته ماکيءَ جي بوتل ۾ زھر پيش ڪيو ويو آھي. ان سڄي مانڊاڻ کي ھاڻي وقت وائکو ڪري رھيو آھي. دنيا جي سڀني آزادي پسند ماڻھن ۽ امن پسند قومن / ملڪن لاءِ اھو سبق چٽو ٿي آڏو آيو آھي ته ”ٻئي جي مصيبتن مان سکو ان کان پھريان جو اھي مصيبتون اوھان جي در جو ڪڙو کڙڪائين“.