مانجهند (ن ع آ) سن ۾ جديد قومپرستي جي باني رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سنڌ جي سياسي ڪعبي سن ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي چيئرمين سورھ سنڌي ،قيوم ابڙو، سهيل ڪلوڙ نامياري عالم دين اياز حسين قمي جست جي مرڪزي اڳواڻن ،امتياز ميراڻي ،حسين قمبراڻي ،آڪاش کٽي جي اڳواڻي ۾ سن پليٽ فارم کان سائين جي ايم سيد جي مزار تائين ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو جنهن کان پوءِ سيد جي مزار جي پيراندي کان سياسي جلسو ڪيو ويو. جلسي م شامل هزارين ڪارڪنن ۽ سيد جي چاهيندڙن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي، قيوم ابڙو، سهيل ڪلوڙ ،امتياز ميراڻي حسين قمبراڻي، آڪاش کٽي، عرفان ڏاهري قربان سوڍڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي م سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ۽ والار ڪئي پئي وڃي، 27 آئيني ترميم آڻي قانون ۽ عدليه کي مفلوج بڻايو ويو آهي، الٽو سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پاڻي جي شهيدن شهيد عرفان لغاري ۽ شهيد زاهد لغاري جي قاتلن کي اڃا تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ ناهي آندو ويو الٽو 38 لغاري بجراڻي جي رهواسين کي ڪوڙا ڪيس مڙهي سندن جيل ۾ ملاقات بند ڪئي وئي آهي اڄ به لغاري بجراڻي جا واسي عذاب مان گذرن پيا. هنن اعلان ڪيو ته 7 فيبروري 2026ع تي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي م سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي ۽ والار 27 هين آئيني ترميم خلاف جيئي سنڌ تحريڪ طرفان ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي ۽ سڄي سنڌ ۾ منظم جدوجهد هلائي ويندي. هنن اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن جي رستا روڪ ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي ان کي رياستي دهشتگردي قرار ڏنو هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڄامشوري المنظر وٽان گرفتار ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي 15 ڪارڪنن سميت سڄي سنڌ مان گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.