نئين عالمي نظام ۾ بامعنيٰ ڀاڱيواري جي ضرورت

نديم اختر

اڌ صديءَ تي پکڙيل سرد جنگ جو باضابطه خاتمو 1991ع ۾ ٿيو، پر ان دوران جنم وٺندڙ تڪرارن ۽ نظرياتي، مذهبي ۽ سياسي انتهاپسنديءَ جا گهرا اثر اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن. ان جي هڪ جهَلڪ وينزويلا ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائيءَ مان به ڏسي سگهجي ٿي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ سبب دنيا معاشي، سياسي ۽ نظرياتي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هئي. ٻنهي سپر طاقتن دنيا ۾ پنهنجي حامي حڪومتن کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ پنهنجا بي پناهه مالي وسيلا خرچ ڪري ڇڏيا. پنجاهه ورهين کان پوءِ جڏهن سرد جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي ته دنيا جو نقشو به بدلجي چڪو هو. سوويت يونين معاشي طور ڏيوالو ٿي پندرهن آزاد ملڪن ۾ ورهائجي ويو، جڏهن ته آمريڪا به پنهنجن اتحادي ملڪن جي مالي سرپرستيءَ سبب شديد معاشي مسئلن جي گهيري ۾ ڦاسجي ويو.

عام سياسي بيانيَن ۾ اهو نڪتو وساري ڇڏيو ويندو آهي ته سرد جنگ دوران اڳوڻي سوويت يونين ۽ آمريڪا جي معيشتن کي غيرمعمولي مالي نقصان ٿيو، جڏهن ته اصل فائدو انهن ٻنهي سپر طاقتن جي اتحادي ملڪن کنيو. سوويت يونين پنهنجي حامي رياستن کي ڳري معاشي ۽ فوجي امداد ڏيڻ سان گڏ سستي ترين قيمتن تي توانائي ۽ خام مال فراهم ڪيو ۽ ٻطرفي واپار ۾ لڳاتار نقصان سٺو. سوويت يونين مان مالي ۽ سياسي فائدو وٺندڙن ۾ وارسا معاهدي جا مشرقي يورپي ملڪ، ڪيوبا، نڪاراگوا، بوليويا، وينزويلا، عراق، شام، ويٽنام ۽ اتر ڪوريا سميت ڪيترائي ملڪ شامل هئا. عام اندازن موجب، سوويت يونين 1991ع ۾ سرد جنگ جي خاتمي تائين (1990ع جي قدرن موجب) لڳ ڀڳ 700 ارب ڊالرن جو نقصان کڻي چڪو هو. آمريڪا به سرد جنگ دوران پنهنجي بلاڪ ۾ شامل ملڪن—جن ۾ نيٽو ملڪ، اولهه جرمني، ڏکڻ ڪوريا، پاڪستان سميت ٻيا ڪيترائي ملڪ شامل هئا—تي سڌي طرح 450 ارب ڊالر خرچ ڪيا. جيڪڏهن ويٽنام ۽ ڪوريا جي جنگن سميت ٻين فوجي ۽ غير فوجي خرچن کي به شامل ڪيو وڃي ته آمريڪا کي مجموعي طور لڳ ڀڳ ڏهه هزار ارب ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڌيڪ واپاري ۽ بجيٽ خسارو رکندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ مقروض ملڪ بڻيل آهي.

سرد جنگ کي ختم ٿئي هاڻ 35 سال گذري چڪا آهن. هن جنگ ۾ ڳري مالي نقصان جي باوجود آمريڪا اڄ به دنيا جي وڏي معاشي، فوجي ۽ سياسي طاقت آهي. بهرحال، انهن ٽن ڏهاڪن دوران هڪ نئين دنيا جنم ورتو آهي. عالمي معيشت ۽ واپار ۾ ايشيا ۽ عالمي ڏکڻ جو حصو ڪافي وڌي ويو آهي، جنهن سبب دنيا ۾ هڪ نئون ڪثير قطبي معاشي ۽ سياسي نظام تيزيءَ سان ٺهي رهيو آهي. ان کي انساني تاريخ جي گڏيل ارتقائي عمل جو هڪ نئون ۽ منفرد مظہر سڏڻ گهرجي، ڇو ته ٻه سئو سال اڳ تائين پوري دنيا تي ڪنهن هڪ ملڪ جي مڪمل بالادستي نه هئي؛ بلڪه هڪ غير مربوط معاشي دنيا جي مختلف حصن ۾ الڳ الڳ سلطنتون قائم هيون. صنعتي انقلاب هن عالمي صورتحال ۾ بنيادي تبديلي آندي ۽ قومي رياستن جو جنم ٿيو. ايندڙ ارتقائي مرحلي ۾ نوآباديتي نظام جو ڊگهو دور آيو ۽ دنيا جي وڏن علائقن تي برطانيا جو غلبو قائم ٿيو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا برطانيا جي جاءِ والاري، سوويت يونين جي مزاحمت کي ناڪام بڻائي عالمي سطح تي غالب اچي ويو. اهڙيءَ ريت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا تي ڪنهن هڪ ملڪ جي معاشي، فوجي ۽ سياسي بالادستي قائم ٿي.

هاڻ دنيا ۾ ڪثير قطبي نظام جو قيام عالمي گڏيل ارتقائي عمل جو فطري تقاضا بڻجي چڪو آهي. هي نظام انهن ملڪن لاءِ ناگزير آهي، جن سرد جنگ ۾ ملوث ٻن وڏين متحارب طاقتن جي مالي بدحالي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب مان فائدو وٺي حيرتناڪ رفتار سان ترقي ڪئي آهي. پر هڪ نئين ڪثير قطبي مالي نظام کي قابلِ عمل متبادل بڻائڻ جي راهه ۾ ڊالر جي جاءِ تي ڪنهن ٻي واحد ريزرو ڪرنسي ۽ لاڳاپيل مالي ادارن جو قيام انتهائي ڏکيو ۽ پيچيده عمل ثابت ٿي رهيو آهي. ان ئي سبب چين، ڀارت، روس ۽ عالمي ڏکڻ جا ٻيا معاشي طور اڀرندڙ ملڪ آمريڪا جو حد کان وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جو خطرو کڻي نٿا سگهن.

عالمي سطح تي ٿيندڙ تيز ۽ ڊرامائي تبديلين جي پسمنظر ۾ آمريڪا بابت اسان جو رويو اڪثر منفي هوندو آهي ۽ اسين ان جي مشڪلاتن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. هن وقت آمريڪا کي چار انتهائي ڏکيا مسئلا درپيش آهن. پهريون مسئلو اهو آهي ته واپار، بجيٽ ۽ قرضن جي ادائيگيءَ ۾ هر سال ٿيندڙ کربين ڊالرن جي خساري تي فوري طور ڪيئن قابو آندو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ايتري وڏي معيشت کي بچائڻ ممڪن نه رهندو. ان مقصد لاءِ برآمدي ٽيرف گهٽ ڪرائڻ کانسواءِ آمريڪا وٽ ڪو ٻيو وڏو آپشن نظر نٿو اچي. آمريڪا جو ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي ئي علائقي ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي. سندس خيال موجب چين ۽ روس ڏکڻ آمريڪا ۾ جارحاڻي سيڙپڪاريءَ وسيلي سندس چوڌاري معاشي گهيرو تنگ ڪندا پيا وڃن. وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي هن گهيري کي ٽوڙڻ جي هڪ زوردار ڪوشش آهي. جديد فوجي ۽ غير فوجي ٽيڪنالاجيءَ لاءِ گهربل ناياب معدنيات جو حصول آمريڪا جو ٽيون وڏو مسئلو آهي. آمريڪا سمجهي ٿو ته سندس وڏا حريف انهن ناياب معدنيات کي معاشي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن کي هو ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو. چوٿون ڏکيو مسئلو اهو آهي ته آمريڪا نئين اڀرندڙ ڪثير قطبي ۽ گهڻ رخا عالمي معاشي نظام ۾ پنهنجي مرڪزي شراڪت چاهي ٿو. وينزويلا ۾ ڪارروائي وسيلي هن چين ۽ روس کي اهو پيغام به ڏنو آهي ته ٽئي ملڪ هڪ ٻئي جي جغرافيائي دائري ۾ بي جا مداخلت کان پاسو ڪن ۽ پنهنجو علائقائي اثر برقرار رکندي نئين عالمي نظام ۾ بامعنيٰ شراڪت لاءِ ڪو قابلِ عمل طريقه ڪار طئي ڪن.

جيستائين اهڙو بندوبست وجود ۾ نه ايندو، تيستائين دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ فوجي مهم جوئيءَ جا مختلف مظاهر نظر ايندا رهندا ۽ انهن جي رسمي مخالفت به ٿيندي رهندي. پر آخرڪار ٿيندو اهو ئي، جيڪو تاريخ جي گڏيل ارتقائي سفر جو فطري تقاضا هوندو. تنهن ڪري جذبات بدران دانش کان وڌيڪ ڪم وٺڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.