اسان جي مرداڻي ۽ بنھين پوئتي پيل سماج ۾ ڌِيئاڻي ٻارَ جي پڙهائي وڌ ۾ وڌ پنجن درجن تائين ٿي ته گنج ٿيو، اڳتي ان جي پڙهائيءَ جا دروازا بند ۽ سندس حياتي گهر، گهر ھستي ۽ چلهه تائين محدود ڪئي ويندي آهي. جنھن کان پوءِ اھي زالن، امڙين، ڏاڏين، نانين ۽ پڙنانين جا لقب ته حاصل ڪري سگهنديون آهن، پر علم جي حوالي سان ڪا شھرت يا مقام سندن مقدر بڻجي نه سگهندو آهي.
اھو الميو سوين صدين کان پوءِ ھن روشن صديءَ ۾ به جاري ۽ ساري آهي ۽ اڄ به اسان پنھنجي اوسي پاسي واري گھري اوندھ ۾ ڏيئو کڻي ڳولا ڪنداسين ۽ سنڌ جو چپو چپو جاچي ڏسنداسين ته اسان جون نياڻيون نماڻيون ڪيتري تعداد ۾ علم جي روشنيءَ سان آراسته آهن، ته انگ اکر اٽي ۾ لوڻ برابر مس ملندا ۽ انهن ۾ وري جيڪڏهن اعليٰ تعليم يافته عورتون ڳولبيون ته صفا آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ئي نظر اينديون. مئڊم مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جو شمار انهن ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو.
۽ جڏهن ھن جي پروفائيل تي نظر وجهجهي ٿي ۽ "مھتاب” ڪتاب جي روشنيءَ ۾ نئين ديري جھڙي ننڍڙي شھر مان مھتاب صاحبه جي علم جي راھَ ۾ "پھريون ڪچو” کان ڪيل پنڌ جو پيرو کڻجي ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جو ھي بيت اچي اڳيان بيھي ٿو :
وندرَ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻڌن سندرا،
ٻيون ڪوھُ ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.
مھتاب صاحبه کي ان مقام ۽ شھرتن جي اعليٰ بلندين تي پھچائڻ ۾ سندس والد محمد عيسيٰ چنا صاحب جو بنيادي ڪردار آهي. جنھن مٽن مائٽن، عزيزن ۽ واقفڪارن جي جاھلاڻي مخالفت جي وڏن طوفانن سان مُنھُن ڏيندي ٻين نياڻين ساگڏ اسان جي ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي صاحبه کي به علم جي روشن راھَ جو پانڌيئڙو بڻايو.
علم جي ان پنڌ ھن غريب گهراڻي نئين ديري کان حيدرآباد ڏانھن لڏپلاڻ ڪرائي. جنھن کان پوءِ مھتاب صاحبه ننڍي عمر ۾ ئي پنھنجي وڏي ڀيڻ سڪينه چنا صاحبه سان گڏ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پھتي ۽ ننڍن ٻارن جا پروگرام ڪرڻ لڳي ته سندس ڪيريئر عام ڇوڪرين کان مختلف انداز ۾ ٺھڻ لڳو.
پوءِ جڏهن عمر جي واڌ سان ھن وڏن جا ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيا ته سندس رَسَ ڀريي انوکي آواز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ کيس مشھور ڪري ڇڏيو.
ائين ريڊيو کان پوءِ مھتاب اڪبر راشدي صاحبه ٽي وي تي پير پاتو ۽ مختلف پروگرامن ذريعي ڪمپيئرنگ ۽ مشھور شخصيتن جا انٽرويوز ڪيائين ته ننڍي عمر ھوندي سندس ذھانت جي ھيرن ۽ جو اھڙن جي جوتِ پري پري تائين پکڙجي وئي. سڀني کي مڃڻو پيو ته ھوءَ نه صرف سونھن جو غير معمولي شاھڪار ھئي، پر سندس لفظ لفظ مان علم جي اھڙي امرت ڌارا پئي ڦٽي نڪتي، جنھن ايامن جي سوڪھڙي سٽيل ڪيترن ذھنن کي سيراب ڪرڻ ۾ رتيءَ جيتري به ڪسر نه پئي ڇڏي.
مئڊم جي شھرت جي ان عروج واري زماني ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق طرفان ٽي وي تي مختلف پروگرام پيش ڪندڙ عورتن لاءِ مٿي تي رئو رکڻ وارو نادري حڪم صادر ٿيو ته مئڊم وڏي شھرت جي باوجود ٽي وي کي پنھنجي مجبوري نه بڻايو ۽ ان حڪم کي چکي نه ڪري ٽي وي کان ٻاهر نڪري آئي.
سخت ڏھڪاءَ واري ان زماني ۾ مئڊم مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جي اھڙي بيخوفيءَ واري فيصلي ھن جي علميت سان گڏ جرئتمنديءَ واري ڪردار کي به ڏيھان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو.
ھي ته ٿيو مئڊم جو ميڊيا ذريعي نانءَ نيڪيءَ جو داستان، پر پڙھڻ کان پوءِ پڙھائڻ واري ھن جي ڪرت به مثالي رھي آھي ۽ جن به ھن جي علم مان فيض ورتو آهي، انهن ھميشہ ۽ جتي ڪٿي وڏي واڪي پئي ھن جا ڳڻ ڳايا آهن ۽ سدائين ڀٽائيءَ جي ھيءَ سِٽَ چپن تي آڻي ھن آڏو با ادب ٿي بيٺا رهيا آهن:
ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا…
۽ درس و تدريس کان پوءِ مئڊم مھتاب اڪبر راشدي سنڌ الاجيءَ کان ويندي جن به ادارن ۾ انتظامي ۽ اعليٰ عھدن تي رھي آھي، اتي پنھنجا اھڙا ته ۽ ڏاھپ ڀريا نشان ڇڏيندي آئي آهي، جيڪي ھن جي نالي پٺيان يادگار جي حيثيت اختيار ڪندا رھيا آھن. مثال طور، جڏهن سنڌ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ھئي ته، ڪليم لاشاري صاحب، اشتياق انصاري صاحب، انور پيرزادي صاحب ۽ بدر ابڙي صاحب جھڙن ناميارن اديبن ۽ محققن کان اٽڪ کان ڪراچيءَ جي پورٽ قاسم تائين سنڌو درياھ جو مطالعاتي دورو ڪرايو ھئائين. جنھن جو تفصيلي احوال اسان کي بدر ابڙي صاحب جي جڳ مشھور ڪتاب "سنڌوءَ جو سفر” ۾ بخوبي ملي ٿو.
ان کان سواءِ جڏهن سنڌ جي سُڌ سماءُ کاتي جي سيڪريٽري ھئي ته شمشير الحيدري صاحب ۽ انور پيرزادي صاحب کان انگريزن کان پوءِ پھريون دفعو "سنڌ گزيٽيئر” لکرائي ھئائين. جيڪا "سنڌ اپڊيٽ” جي نالي سان ڪجهه سال اول شايع ٿي آهي.
مئڊم پنھنجي شخصيت ۾ اھڙن مثالن کان علاوه ادب کيتر ۾ پنھنجي قلم ذريعي روشن ضمير جا اولڙا پسائيندي رهي آهي ۽ ڪھاڻين کان علاوه لا تعداد مضمون، مقالا، مھاڳ ۽ ڪالم لکيا اٿائين. جيڪي سندس وڏين شخصيتن کان ڪيل انٽرويوز ۽ تقريرن سميت ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا وڃن ته مان دعوا سان چوان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ ڪتاب وجود ۾ اچي سگهن ٿا. جن سان سنڌي علم و ادب جي وڌيڪ آبياري ٿي سگهي ٿي.
بيشمار خوبين واري اسان جي ھن مانائتي ڀيڻ جي شخصيت جي اھا به وڏي خوبي رهي آهي ته ھوءَ نه رڳو سچ ڳالهائي سگهندي آهي، پر ان تي بيھي بھادريءَ سان ان جو دفاع به ڪري سگهندي آهي.
ھوءَ خوشنصيب آهي ته کيس روشن خيال والد کان پوءِ پيراڻي گاديءَ سان واسطو ھئڻ باوجود اڪبر شاھ راشدي صاحب جي روپ ۾ وَرُ به اھڙو ئي نصيب ٿيو هن آهي، جنھن ھن جي شخصيت جي نکار کي پنھنجي اعتماد جي ٽيڪ سان اڃا به چار چنڊ لڳايا ڇڏيا آهن.
آخر ۾ ان گذارش سان مان پنھنجي ھن پيپر جي پڄاڻي ڪندس ته مئڊم مھتاب اڪبر راشدي صاحبه کي پنھنجي ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪرڻ سان گڏ پنھنجي "آتم ڪھاڻي” به لازمي لکڻ گهرجي. جيڪا يقينن جھالت جي اوندھ ۾ رھندڙ اسان جي سنڌي نياڻين لاءِ مشعل راہ بڻبي ۽ اھي ھن جي پيري تي پيرُ رکي ان منزل طرف گامزن ٿينديون، جيڪا انهن جي حقيقي آجپي واري منزل ته ھوندي ئي ھوندي پر سنڌ جو روشن خيال تعارف به بڻبي.
(مئڊم مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جي ڪتاب "مھتاب” جي لاڙڪاڻي پريس ڪلب طرفان منعقد ڪيل مھورتي تقريب ۾ پڙهيل)