نئين سال جي آمد سان گڏ ايڪويهين صديءَ جا پهريان 25 سال مڪمل ٿي چڪا آهن. هن موقعي تي اهو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته سال 2000ع ۾ اسين ڪهڙي هنڌ بيٺا هئاسين ۽ 25 سال پورا ٿيڻ بعد اڄ ڪٿي بيٺا آهيون. سال 2000ع ۾ ملڪ جي مجموعي گهريلو پيداوار (GDP) 100 ارب ڊالر هئي ۽ ترقي جي شرح 4.3 سيڪڙو هئي. مهانگائي 4.37 سيڪڙو هئي. ملڪ تي 32.14 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض هو، جيڪو مجموعي قومي آمدني جو 45.7 سيڪڙو هو. برآمدات 7.8 ارب ڊالر هيون، جڏهن ته واپاري خسارو 1.6 ارب ڊالر ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2.7 ارب ڊالر هو. قومي معيشت ۾ صنعت جو حصو 24 سيڪڙو، زراعت جو 25 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جو حصو 51 سيڪڙو هو. سال 2000ع ۾ غربت 32.6 سيڪڙو، بيروزگاري 6 سيڪڙو، اوسط عمر 62.7 سال، آبادي واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو ۽ خواندگي 44 سيڪڙو هئي. تعليم تي GDP جو 1.82 سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو هو، جڏهن ته مجموعي خرچن مان 24.8 سيڪڙو دفاع تي لڳايو ويندو هو. گذريل 25 سالن جي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ کان اڳ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ٽئين دنيا جا اهي ملڪ، جيڪي ان وقت اسان کان به وڌيڪ پوئتي هئا، هن مختصر عرصي ۾ ڪيترو اڳتي نڪري ويا آهن. سڀ کان پهرين آفريڪا جي ملڪن اٿيوپيا ۽ روانڊا ڏانهن نظر وجهون، جيڪي سال 2000ع ۾ دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ شمار ٿيندا هئا. انتهائي غربت جو شڪار اٿيوپيا 25 سالن دوران سالياني 7 کان 10 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي. بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ڪامياب زرعي سڌارن ان کي ترقيءَ جي راهه تي آڻي ڇڏيو. ٻي مثال جنگ، بک ۽ ڏڪار جو شڪار ملڪ روانڊا آهي، جنهن 7 سيڪڙو جي شرح سان تيز رفتار معاشي ترقي ڪئي. تعليم، صحت ۽ سٺي حڪمراني تي خاص ڌيان ڏئي هن ملڪ پاڻ کي شديد بحران مان ڪڍي واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش بڻائي ڇڏيو.
ڊگهي ۽ خونريز گهرو ويڙهن ۾ تباهه ٿيندڙ ٻه ملڪ، ڪمبوڊيا ۽ لاوس، به اسان جي سامهون آهن. اهي ٻئي ملڪ گذريل 25 سالن دوران 6 کان 8 سيڪڙو سالياني جي مثالي شرح سان ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيا آهن. سڀ کان حيرت انگيز مثال اسان جي ويجهي دوست چين جي آهي، جيڪو 25 سالن اندر شديد غربت مان نڪري دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي ويو آهي. چين گذريل 25 سالن ۾ 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي دلدل مان ٻاهر ڪڍيو آهي. سال 2000ع ۾ چين جي GDP 1.2 ٽريلين ڊالر هئي، جيڪا 2025ع ۾ وڌي 19.4 ٽريلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
هاڻي اچون ٿا ويٽنام ڏانهن، جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين جاري رهندڙ ڊگهي جنگ سبب کنڊرن جو ڍير بڻجي ويو هو. هن هولناڪ جنگ ۾ محتاط اندازن موجب ويٽنام جا 30 لک کان وڌيڪ فوجي ۽ شهري مارجي ويا هئا. تباهه حال ويٽنام سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد انقلاب مان ڀرپور فائدو وٺندي صرف 25 سالن ۾ اهڙي شاندار ترقي ڪئي جو دنيا حيران ٿي وئي. سال 2000ع ۾ ويٽنام جي GDP رڳو 31.17 ارب ڊالر هئي (جڏهن ته پاڪستان جي GDP 100 ارب ڊالر هئي)، جڏهن ته 2025ع تائين اها وڌي 485 ارب ڊالر تائين پهچي وئي. بنگلا ديش به سال 2000ع ۾ دنيا جو انتهائي غريب ملڪ هو. ان جي مجموعي گهريلو پيداوار رڳو 53.37 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2025ع تائين وڌي 475 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪي آهي. ڀارت پڻ 2000ع کان 2025ع جي وچ ۾ قابلِ رشڪ معاشي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. سال 2000ع ۾ ڀارت جي GDP 500 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2025ع ۾ وڌي چار ٽريلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي، ۽ ڀارت دنيا جي چوٿين وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي. هاڻي اهو تڪليف ڏيندڙ جائزو وٺجي ته ايڪويهين صديءَ جي پهرين چوٿين جي پڄاڻي تائين اسان ڪهڙي “ڪارڪردگي” ڏيکاري آهي. انهن 25 سالن ۾ اسان جي GDP 100 ارب ڊالر مان وڌي رڳو 411 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي آهي. في ڪس آمدني 500 ڊالر کان وڌي 1800 ڊالر ٿي آهي. 25 سال اڳ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو هئي، پر گذريل ٽن سالن کان اها اوسطاً 1.5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي آهي. سال 2000ع ۾ ڊالر 52 رپين جو هو، جيڪو اڄ 280 رپين تائين پهچي ويو آهي.
25 سالن ۾ برآمدات 7.8 ارب ڊالر مان وڌي 30 کان 35 ارب ڊالر جي وچ ۾ ئي اٽڪيل آهن، جڏهن ته درآمدي حجم ٽي سال اڳ 84.34 ارب ڊالر جي انتهائي خطرناڪ حد کي ڇهي چڪو هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو حڪومت لاءِ سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو، ۽ جيڪڏهن هنگامي طور آءِ ايم ايف کان مدد نه ورتي وڃي ها ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها. سال 2000ع ۾ غربت 32.6 سيڪڙو هئي، جيڪا گهٽجڻ بدران 2025ع ۾ وڌي 45 سيڪڙو جي خوفناڪ سطح تي پهچي وئي آهي. زراعت جو GDP ۾ حصو 25 سيڪڙو مان گهٽجي 22 سيڪڙو رهجي ويو آهي، صنعت جو حصو 24 سيڪڙو مان گهٽجي 20 سيڪڙو ٿي ويو آهي. خدمتن جو شعبو ئي اهو واحد شعبو آهي، جنهن جو حصو 51 سيڪڙو مان وڌي لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو ٿي ويو آهي. انهن 25 سالن ۾ اوسط عمر رڳو چار سال وڌي 67 سال ٿي سگهي آهي. آبادي 14 ڪروڙ مان وڌي 24 ڪروڙ ٿي وئي آهي. خواندگي 45 سيڪڙو مان وڌي 62 سيڪڙو ٿي آهي، جڏهن ته سال 2000ع ۾ 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا، جيڪي 2025ع ۾ وڌي 2.5 ڪروڙ ٿي چڪا آهن.
اسان اڄ به هن تلخ حقيقت کي کليل دل سان تسليم ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهيون ته معاشي ۽ انساني ترقيءَ جي تقريباً سڀني اشاريائن ۾ ڏکڻ ايشيا جا اهي ملڪ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن، جيڪي 25 سال اڳ اسان کان ڪافي پوئتي هئا. ان کان علاوه، اهي ملڪ به تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، جيڪي ڊگهي جنگين، خونريز گهرو ويڙهن، لکين ماڻهن جي قتل عام، بک ۽ ڏڪار کان پوءِ مڪمل طور تباهه ٿي چڪا هئا. اسان تي ته وقت اهڙا هولناڪ عذاب به نازل نه ڪيا هئا؛ اسان کي ته انهن ملڪن کان اڳتي هئڻ گهرجي ها، پر پوءِ ائين ڇا ٿيو جو اسين سڀني کان پوئتي رهجي وياسين؟ هن سوال جو جواب نهايت سادو آهي. جيڪي ملڪ 25 سال اڳ اسان کان پوئتي هئا، اهي ان ڪري اڳتي نڪري ويا جو انهن سرد جنگ واري دور جي “بيمار نفسيات” کان پاڻ کي آزاد ڪيو، بدلجندڙ دنيا جي نون تقاضائن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد انقلاب مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ ترقي دوست سڌارا ڪيا، معيشت کي معيشت ۽ واپار کي واپار جي اصولن مطابق هلايو ۽ انهن کي نظرين يا سياسي مصلحتن جو يرغمال نه بڻايو. ڪڏهن چين ۽ آمريڪا سخت نظرياتي دشمن هئا، اڄ اهم ترين واپاري ساٿي آهن. آمريڪا جنهن ويٽنام کي تباهه ڪيو، اڄ انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اربين ڊالرن جي واپار آهي.
اسان کان اڳتي نڪرندڙ ملڪن زراعت، صنعت، واپار ۽ خدمتن جي شعبن جي ترقي کي اولين ترجيح ڏني. بهترين انساني وسيلن لاءِ جديد ۽ ٽيڪنالاجي دوست اعليٰ تعليمي نظام اختيار ڪيو. عوام جي خريداري قوت ۽ زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ معاشي ترقيءَ جا فائدا بغير امتياز هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا، ۽ پائيدار سياسي استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو. اسين اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهياسين، ان ڪري جتي هئاسين اتي ئي بيٺا رهياسين ۽ ٻيا اڳتي نڪري ويا. جيستائين اسين پنهنجي گڏيل ناڪامين جو الزام هڪ ٻئي تي وجهڻ يا انهن کي دشمنن جي سازشن سان جوڙڻ واري خطرناڪ روش نه ڇڏينداسين، تيستائين پاڻ کي بدلائڻ ۽ اڳتي وڌڻ ڏاڍو مشڪل رهندو.